اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پاڪستان کي چين وٽان ستر ڪروڙ ڊالرز ملي ويا آهن:اسحاق ڊار

اسلام آباد :پاڪستان کي چين وٽان ستر ڪروڙ ڊالرز ملي ويا آهن، جنهن بعد مُلڪي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا ارب ڊالر جي ويجهو پهچي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ ذريعن موجب رقم چائنا ڊيولپمينٽ بئنڪ طرفان رول اوور معاهدي کانپوءِ ملي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاهدو ٿي چڪو آهي. رقم ملڻ سان پاڪستان جا مٽاسٽا ذخيرا چار ارب ڊالرز جي ويجهو پهچي ويا آهن. هوڏانهن ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيني بئنڪ طرفان 700 ملين ڊالرز جمع ڪرائڻ جي تصديق ڪئي آهي.اسحاق ڊار سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لکيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي چائنا ڊولپمينٽ بئنڪ طرفان موڪليل 700 ملين ڊالر ملي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته اها رقم چائنا ڊولپمينٽ بئنڪ کي رول اوور معاهدي کانپوءِ ملي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي. ذريعن موجب رقم جي وصولي سان پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 4 ارب ڊالرن جي ويجهو پهچي ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف معاهدي کانپوءِ وڌيڪ فنانسنگ ملندي ۽ پروگرام ٽريڪ تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button