اسلام آبادپاڪستان

عمران جون 6 سيٽون خالي/ 32 ميمبر ڊي نوٽيفا ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ڇهن سيٽن تان ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جي 32 تڪن کي خالي قرار ڏيڻ جي نوٽيفڪيشن کي به واپس ورتو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه اليڪشن ڪميشن عمران خان کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب اين اي 22 مردان، اين اين 24 چارسدا، اين اي 31 پشاور تان عمران خان جي سيٽ خالي قرار ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ اين اي 108، اين اي 118 نانڪاڻا ۽ اين اي 239 ڪراچي تان عمران خان جي سيٽ خالي قرار ڏني. اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته عمران خان اين اي 45 ڪرم تان قومي اسيمبلي جو رڪن رهندو. ياد رهي ته 16 آڪٽوبر 2022ع تي عمران خان قومي اسيمبلي جي ستن تڪن جي ننڍي چونڊ ۾ حصو ورتو هو ۽ هن ڇهن سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ هڪ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ قومي اسيمبليءَ جي 32 تڪن کي خالي قرار ڏيڻ جي پنهنجي نوٽيفڪيشن کي واپس وٺندي پنجاب مان قومي اسيمبليءَ جي 27 تڪن ۾ جاري چونڊ شيڊول معطل ڪري ڇڏيو. وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي 3 سيٽن تي شيڊول مطابق 16 مارچ تي ننڍي چونڊ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان ڪالهه جاري ٿيل نوٽيفڪيشن مطابق قومي اسيمبليءَ جي راولپنڊيءَ جي تڪن اين اي 57 راولپنڊي، اين اي 59، اين اي 60، اين 61، اين 62، اين اي 63، جهلم جي تڪ اين اي 67، گجرات جي تڪ اين اي 70، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 87 حافظ آباد، اين اي 93 خوشاب، اين اي 96 ميانوالي، اين اي 77 ڀڪر، اين اي 107 فيصل آباد، اين اي 109 فيصل آباد، لاهور جي تڪن اين اي 126، اين اي 130، اين اي 135، اين اي 150 خانيوال، اين اي 152 خانيوال، اين اي 155 ملتان، اين اي 156 ملتان، اين اي 158 ملتان، اين اي 164 وهاڙي، اين اي 165 وهاڙي، اين اي 177 رحيم يار خان، اين اي 187 ليا جي تڪن ۾ ننڍي چونڊ لاءِ 27 جنوري 2023ع جي شيڊول کان علاوه عورتن جي مخصوص سيٽن تي عاليه حمزه ملڪ، ڪنول شوزب، عندليب عباس، عاصما حديد ۽ مليڪه علي باري جي حوالي سان 20 جنوري تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو. اسلام آباد جي تڪ اين 52، 53، 54 تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو لاڳو نٿو ٿئي، ان لاءِ انهن تڪن ۾ شيڊول مطابق چونڊون ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button