ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نجي جيل، رياست جي اندر رياست

هن رياست جي طبقاتي صورت ڪهڙي آهي؟ انهيءَ جو تجزيو ۽ بحث کاٻي ڌر جي ڌڙن ۾ گھڻي عرصي کان ٿيندو ٿو رهي طبقاتي استحصال ۽ جبر تي متفق ٿيندي ڪجھه ڌريون جاگيرداري ۽ سرمائيداري پيداواري بحثن تي بحث ڪندي تمام گھڻي پيچيدگين گھڻن رخن کي گھڻ پاسائو ايترو الجھايو جو هن رياست جي اندر طبقاتي جبر جي ۽ استحصال جي ڪا واضح صورت بيهارڻ جي بجاءِ گھڻي ڀاڱي الجھائن جو شڪار ٿيندا رهيا پر انهن سڀني الجھائن ۾ هڪ وڏو الجھاءُ هي به رهندو آيو ته پاڪستان گھڻي قومي رياست هجڻ ڪري قومي تضادن جو ۽ مظلوم قومن جي استحصال جو ملڪ سڏجندي طبقاتي ۽ قومي بحث وڌ کان وڌ ٽڪرائن جي صورت اختيار ڪري ويو آهي پاڪستان جي اندر جيئن ته حاڪم قوم جو ڪردار پنجاب ادا پيو ڪري ۽ مظلوم قومون تمام جو تمام ٻيون قومون رهيون آهن انهن مظلوم قومن ۾ وري خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان سرِفهرست رهندي هر وقت بحث جو موضوع رهندي تڏهن هڪ عجيب بحث ۾ شدت اچي ويندي آهي جڏهن قومي سوال ۽ طبقاتي سوال تي اوليت جو سوال سامهون ايندو آهي.
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اهو بحث هن وقت به تمام گھڻي شدت سان ٿئي پيو پر ان جو هڪ ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ پهلو هي به اسان جي اڳيان ايندو رهيو آهي ته مظلوم قوم جي اندر استحصال ڪندڙ ۽ جابر طبقي تي جڏهن کاٻي ڌر ۽ عوام دوست سياست ڪندڙن تنقيد ڪئي آهي تڏهن ان طبقي جي ماڻهن کان وڌيڪ مخالفت قوم پرست ڌڙن جي طرفان اسان جي اڳيان ايندي رهي آهي مثال نجي جيلن جو ظلم ۽ جبر هتي تمام گھڻو پراڻو ۽ تسلسل سان رهندڙ آهي خاص ڪري ٿر ۾ اهو مسئلو جڏهن شدت سان اڳيان آيو ڪيترائي خاندان زميندارن ۽ جاگيردارن جي قيد ۾ ڦاٿل هئا انهن کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ انساني حقن جون تحريڪون ۽ تنظميون متحرڪ ٿي ڪري اڳتي وڌيون ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا ڪيترائي خاندان عدالتن جي حڪمن تي آزاد ٿيا پر انهن جو ڪيس ڪيترو هليو ڪنهن کي سزا آئي وقت گذرڻ سان سڀ شيءَ پراڻي ٿيندي وئي لي مٽي ٿيندي وئي هاڻي ته ٿر جي صورتحال ڪافي حد تائين اڳتي نڪري چڪي آهي جو ٿر جو ڪوئلو پوري ٿر جي صورتحال کي هڪ اذيت ناڪ انداز سان تبديل ڪندي نوان نوان تضاد ۽ ٽڪراءَ پيو پيدا ڪري.
ٿر خوشحال ٿيندو يا ٿر پاڪستان کي خوشحال ڪندي پاڻ ڪهڙي نهج تي پهچندو اهو بحث الڳ آهي پر اسان کي هي ٺيڪ طرح سان ياد آهي ته جڏهن نجي جيلن جو مسئلو شدت سان اڳتي وڌيو هو تڏهن اسان جا قوم پرست دوست انهن ڀوتارن ۽ جاگيردارن کي تنقيد کان بچائڻ جي لاءِ اڳيان وڌي آيا ۽ چيائون ته “نجي جيل منگھڙت افسانه ۽ الزامن کان سواءِ ڪجھه به ناهن ٿر ۾ ڪيترائي هاري زميندارن کان قرض وٺڻ کان پوءِ پيسن واپس ڪرڻ جي بجاءِ پاڻ کي انهن زميندارن کان آجو ڪرائڻ لاءِ انهن تي الزام هڻندا آهن ۽ حقيقت ۾ اهي قيدي نه پر قرضي هاري آهن ۽ زميندارن کي پنهنجي مظلوميت ۽ قيد جي الزامن ۾ بليڪ ميل ڪندا آهن انساني حقن جون تنظيمون اهڙن ماڻهن کي سپورٽ ڪري پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿيون ايتري حد تائين جو اسان جو پيارو دانشور مرحوم عبدالواحد آريسر صاحب به شامل هو ۽ هن ڪيترائي بيان ڏنا ۽ تقريرون ڪيون جن جو مقصد صاف ۽ چٽو هي هيو ته “ڪٿي به ٿر ۾ نجي جيل ناهي.”
قوم پرست ساٿين جي اهڙين روين جو مقصد ڇا هو پاڻ وڌيڪ تفصيل ۾ نٿا وڃون پر طبقاتي سوال ۽ قومي سوال جي نظرياتي بحثن ۽ سياسي بحثن جو هڪ نتيجو اهو به هيو ته اسان جا ڪيترا قوم پرست دانشور ان نقطي تي خوفزده هيا ته جيڪڏهن جاگيردارن ڀوتارن ۽ سردارن جي جبر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جدجهد ڪبي ته عملي طرح قوم پرست تحريڪ ڪمزور ٿيندي ۽ طبقاتي تحريڪ وڌيڪ سگھاري ٿيندي قومي تحريڪ تي حاوي ٿي ويندي.
ساڳي صورتحال بلوچستان ۾ به رهي آهي پاڻ جيڪڏهن هي چئون ته بلوچستان جي صورتحال سنڌ کان به بري ۽ بدتر آهي ته غلط
نه ٿيندو بلوچستان جيئن ته عملي طور تي پنهنجي سماجي ساخت ۾ قبيلائيت رکي ٿو بلوچستان جاگيردارن کان وڌيڪ قبيلائي سردارن جو ڏيک ٿو ڏئي ۽ ان سرداري نظام جو فائدو وٺندي اڪثر بلوچستان جا سردار پنهنجو ٻٽو ڪردار رکندا آهن. ملڪ جي طاقتور حلقن خاص ڪري اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي وفاداري جو يقين ڏياريندي عملي طرح پنهنجي قبيلي سان بد کان بدتر جٺون ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نٿا ڇڏين تقريبن سردارن وٽ سزا ڏيڻ جي لاءِ پنهنجا ذاتي جيل آهن ۽ ذاتي فورس رکڻ ته هڪ معمول جي ڳالهھ آهي بلوچستان جي اهڙن سردارن کي قوم پرست سردار عوام دوستي جو تاثر ٿا اڀارين. بلوچستان جي قومي سوال تي مينگل ۽ مري تمام گھڻو واضح ۽ چٽو رڳو موقف ناهي رکيو پر انهن جو ڪردار به رهيو آهي.
آخري ڏينهن ۾ نواب اڪبر بگٽي جيڪا مزاحمت ڪئي اها اسان جي اڳيان آهي ۽ هن وقت تائين بلوچستان جي اندر ان جي شهادت کان پوءِ صورتحال ڏينهن ڏينهن ڳنڀير ٿيندي ٿي وڃي ڪجھه سردارن جي قوم پرست ڪردار سڀني سردارن جي لاءِ هڪ اڳواڻي ۽ بهتري جو تاثر اڀاريندي انهيءَ کي ڪيش ڪرڻ جي ڪوشش اهي سردار به ڪندا آهن جن وٽ عام ماڻهو جانور کان به بدتر حيثيت رکي ٿو هاڻي جڏهن عبدالرحمان کيتران تي نجي جيل هڪ عورت ۽ ان جي ٻن ٻارن جي قتل جو الزام آيو آهي ۽ سندس پٽ انعام ان جي مٿان سلطاني گواھه ٿيندي ڪجهھ ثبوت فوٽن جي صورت ۾ شيئر به ڪيا آهن ميڊيا تي اها عورت جيڪا پنهنجي ٻارن سميت قيد هئي جنهن جو نالو گران ناز ٻڌايو ٿو وڃي ان جي هڪ ويڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ هو پاڪ ڪتاب هٿ ۾ کڻي رياست ۽ عوام کي ٻاڏائي رهي هئي ته کيس سردار عبدالرحمان کيتران جي قيد کان آزاد ڪرايو وڃي ان سردار جي علائقي بارکان ۾ کوھه مان ٽي لاش هڪ عورت ۽ ٻن ڇوڪرن جا مليا آهن جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. عورت جو مڙس جيڪو کيتران جي ظلم کان ڀڄي ويل هيو هو به هاڻي ميڊيا جي وسيلي اهائي فرياد پيو ڪري ته هن جو پورو خاندان عبدالرحمان جي قيد ۾ آهي مليل لاشن جي پوسٽ مارٽم کان پوءِ ليڊي پوليس سرجن ڊاڪٽر عائشه فيض رپورٽ ۾ چيو آهي ته ” عورت جو لاش وڏي عمر جي مائي ناهي پر سترهن اڙرنهن ورهين جي ڇوڪري آهي جنهن سان جنسي تشدد پڻ ٿيل آهي” يعني دانهيندڙ عورت ٻارن سميت اڃان به گم آهي انهيءَ واقعي جو اثر بلوچستان جي سياست تي ڪيترو پوندو انهيءَ جو اندازو هن عمل مان لڳائي سگھجي ٿو ته پوري بلوچستان جي پوري برادري مظلومن سان گڏ آهي ۽ مري قبائل اتحاد پڻ جدوجهد ۾ اڳتي وڌندي انصاف جي گھر ڪري ٿو پر بلوچستان حڪومت جيڪو لب ولهجو استعمال پئي ڪري انهيءَ مان هي اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته بلوچستان حڪومت ان ظلم جي خلاف ڪهڙو گم ۽ غصو رکي ٿي پر انهيءَ سان گڏوگڏ هن ملڪ جون تمام سياسي جماعتون هن وقت تائين ڪو به سنجيده رويو اختيار ناهي ڪيو بس روايتي بيان بازيون اهي به ٺيڪ طرح سان نٿيون اچن پوري اتحادي حڪومت جيڪا بلوچستان جي باپ پارٽي سان جڙيل آهي اهي سڀ جو سڀ ٽال مٽول کان ڪم پيا وٺن نه رڳو اهي پر اپوزيشن جا ڪردار به خاموش آهن قومي اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر ته کيتران جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي ۽ هي به مطالبو ڪيو آهي ته چيف جسٽس واقعي جو نوٽس وٺي ڇو ته کيس اها ڄاڻ آهي ته اتحادين جو کيتران پيارو ۽ دادلو آهي هي واقعو جيڪڏهن ڪنهن اشرافيا طبقي جي خاندان سان ٿئي ها ته تمام جو تمام اشرافيائي سياست ڪندڙ پارٽيون ڌڏي وڃن ها پر جيئن ته هي مسڪين ۽ غريب پورهيت خاندان آهي انهي جي لاءِ هنن جو رويو اهوئي آهي جيڪو هر روز جو معمول اڄ به انهن ڀوتارن ۽ سردارن وٽ ڪيترائي خاندان قرضي ۽ ذلتي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هي ڀوتار سردار رياست جي اندر هڪ ٻئي رياست ٺاهيو ويٺا آهن پاڻ ئي فيصلا ٿا ڪن پاڻ ئي سزائون ٿا ڏين ۽ کين اهو يقين آهي ته انهن کي ڪوئي ڪجهھ نٿو ڪري سگھي. سنڌ ۾ راڄوڻا فيصلا قتلن
کان ڌاڙن ۽ چورين تائين نبيرا ڪرڻ عيوضن ۾ معصوم نياڻن جو ڏيڻ اسان جي اکين اڳيان ٿئي پيو ڪيترا ماڻهو قتل ٿيا آهن مقتول جيڪڏهن غريب ۽ مسڪين آهن ۽ قاتل انهن جا ڀوتار ۽ سردار آهن ته رياست ۽ سياست جو ڪردار ۽ عمل پنهنجي طبقي جي پلڙي ۾ ئي پئي ٿو مسڪين ۽ غريب قتل ٿيندا ئي رهن ٿا ها صرف هڪ رستو غريبن ۽ مسڪينن جي لاءِ اهو آهي جدوجهد جو رستو اها جدوجهد اوستائين جيستائين کين انصاف ملي پر عملي طور تي هي به نظر اچي پيو ته هن رياست ۾ غريب ۽ مسڪين جي لاءِ انصاف مهانگو ۽ تمام گھڻو پري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button