ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مسلسل مهانگائي، مسلسل دهشتگردي

هڪ طرف معاشي بحران سبب مسلسل مهانگائي وڌي رهي آھي ٻئي طرف دهشتگرد وري وڏي منظم انداز ۾ حملا ڪري رهيا آھن جنهن جو مطلب آھي ته رياست جيئن جيئن ڪمزور ٿي رهي آھي دهشتگرد به سگهارا ٿي رهيا آھن.
جنهن سماج ۾ حڪمران اشرافيا طبقو عوام کي حڪومت رياست کان مڪمل طرح لاتعلق ڪري ڇڏي اتي هٿياربند ٽولا ائين رياست کي يرغمال ڪرڻ شروع ڪندا آھن پشاور پوليس هيڊ ڪوارٽر کان پو ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي حملو انهي سلسلي جي ڪڙي آھن.
هاڻ به عوام جي حڪومت رياست نام نهاد جمهوري ادارن تان جيئن جيئن اعتماد ختم ٿيندو ويندو دهشتگرد وڌيڪ سگهار ٿيندا هن وقت سگهارين ڌرين ۾ انهن دهشتگردن لا ھمدردي موجود آھي.
ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اهو چيو هو ته دهشتگردي جي پويان غير قانوني پرڏيهي ملوث آھن انهن کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪو مڪينزم هن وقت تائين نه جوڙيو ويو آھي هاڻ اهي ئي نانگ ٻرن مان نڪري آيا آھن.

ڪراچي جي حملي گهڻو ڪجهه سمجهايو آھي جيڪڏھن ڪجهه سمجهيو وڃي. ڪراچي ايندڙ مستقبل ۾ دهشتگردي جو مرڪز بڻجي ويندو بيروت لبنان اسان کي وسري ويندو، سنڌ جو حڪمران طبقو هن مسئلي کان لاتعلق ٿي فقط پنهنجي ذات ۾ گم آھي کيس ڪو احساس ناهي ته سندس حڪمراني به خطري ۾ آھي عام ماڻھو ته اڳ ۾ ئي مارجي پيو.
ڪراچيءَ ۾ 17 فيبروري تي پوليس آفيس مٿان حملو ڪندڙ ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، سندن تعلق اتر وزيرستان، لڪي مروت ۽ دته خيل سان ٻڌايو وڃي ٿو. ميڊيا جي رپورٽن موجب بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي دهشتگرد حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
دنيا جي ڪيترن ملڪن کان به وڏي آبادي ۽ پکيڙ رکندڙ سنڌ جي دارالخلافه ڪراچي ۾ ڪير ڪير رهي ٿو ۽ سندن تعلق ڪٿان آهي؟ جنهن جو مڪمل رڪارڊ حڪومت وٽ به نه ملندو، شايد انهيءَ ڪري ان کي عالمي يتيم خانو سڏيو ويندو آهي، اهو يتيم خانو ڪيئن ٿيو آهي ۽ ان پٺيان ڪهڙي سازش آهي؟ ان کان هر باشعور واقف آهي، پر هر دور ۾ آيل سمورن حڪمرانن ڪڏهن به اها ڪوشش نه ڪئي ته ڪراچي کي يتيم خانو ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي؟ ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڀلائي سندن ايجندا ۾ شامل ئي نه رهي آهي، چون ٿا ته جڏهن ملڪ وجود ۾ آيو هو ته مسلماني جي نالي تي ايندڙ لوڌ کي به سنڌ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ويو هو ته “پاڪستان اگي هي” پر افسوس ته سنڌ کي ڪڏهن به ملڪ جو حصو سمجهي سندس ُڏک ُسک محسوس ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي وئي، اهو لقاءَ اڃا به ٿئي پيو، جنهن خلاف سنڌ جا ماڻهو جڏهن احتجاج ڪن ٿا ته ان کي تعصب جو نالو ڏنو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن پنجاب حڪومت پختونن يا افغانين سميت ٻين تي پنهنجي صوبي ۾ ڪاروبار يا ملڪيت خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائي ٿي ته ان کي سندن حق چئي واهه واهه ڪئي وڃي ٿي، ٻيو ته ڇڏيو تازو گلگت بلتستان سرڪار به ڌارين کي ملڪيتون وڪرو ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ لٿل افغانين جي ڪٽڪن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، هن دهشتگردي جي واقعي جي ذميواري ڀلي ٽي ٽي پي قبول ڪري پر اهي آهن افغاني طالبان، قبائلي علائقن جا پٺاڻ جيڪي اردو به نه ٿا سمجهن انهن کي ايترو آساني سان گهر/فليٽ ڪرائي تي ملي وڃن ٿا ڄڻ اهي آهن ئي ڪراچي شهر جا اصل رهواسي. ڪراچي ڏکڻ ضلعي جو صدر ٽائون هنن جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، عبدالله هارون روڊ، زيب النساءَ اسٽريٽ جون قديمي عمارتون، ڪٻاڙي جا گدام توڙي رهائشي پلازا هاڻي هنن جا ڳوٺ بڻجي ويا آهن، پلازائن جون ايسوسيئشنز خاموش آهن، پوليس سميت سمورا قانون لاڳوا ڪندڙ ادارا خاموش آهن. موٽرسائيڪلن جون چوريون،اسمگل ٿيل موبائيل فونز، ليپ ٽاپ هنن جو ڪاروبار آهي. ريگل چوڪ جي آسپاس وارا هوٽل به هنن جي آماجگاهه آهن. هنن کي مسجدن ۾ رهڻ جي به سهولت ملي وڃي ٿي. هاڻي ته آدمشماري ۾ به پاڻ کي ڳڻائي شهري ٿي ويندا. سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جا مقامي اڳواڻ هنن کي مڪمل تحفظ ڏين ٿا.

   حڪومتون پنهنجي عوام سان مخلص هجن ته هر شيءَ ممڪن ٿي سگهي ٿي، بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ 88 کانپوءِ جيڪي حڪومتون رهيون آهن، ُانهن سنڌ جي عوام لاءِ گهٽ، پاڻ لاءِ وڌيڪ سوچيو آهي، جڏهن حڪمرانن جا اِهي رويا هوندا ته پوءِ ڪنهن دشمن جي ڪهڙي ضرورت؟ هن وقت سنڌ گهڻ رخي مسئلن ۽ خطرناڪ دور مان گذري رهي رهي آهي، جنهن جو حڪمرانن کي ڪيترو احساس آهي، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شروع ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڳڻپ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ئي ختم ڪيو ويو آهي جڏهن ته غير افغانين جا لکن جي تعداد ۾ سڃاڻپ ڪارڊ به تيزي سان ٺاهيا پيا وڃن، گڏوگڏ سندن لوڌ به انهيءَ رفتار سان ڪراچي ۾ داخل ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ سک سان هوندي؟ ۽ ان جي گادي واري شهر جو امن برقرار رهندو؟ هن وقت سنڌ، پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي، جنهن جي قانونساز اسيمبلي ۾ پنجابين ۽ پختونن سان گڏ ڪشميري، افغاني ۽ بلتي به ويٺل آهن، جن کي پنهنجي شهرن/ڳوٺن ۾ ڪو ڪائونسلر به نه چونڊيندو. ِ 

ڪراچي ۾ پوليس چيف جي آفيس تي حملو سنڌ بابت اختيار ڪيل غير سنجيده فيصلن جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪٿان جو قانون آهي ته هر ايري غيري ۽ نٿو خيري کي ڪنهن پڇا ڳاڇا کانسواءِ سنڌ ۾ غير قانوني آباد ڪيو پيو وڃي! اهو ئي سبب آهي جو ِجتي ٽي ٽي پي جو وجود پيو، اتي ته ٺاپر آهي، پر ڪراچي ۾ سندس آپگهاتي داخل ٿي حملا ڪن ٿا! ان ڪري واڳ ڌڻين کي چونداسين ته خدارا! سنڌ تي رحم ڪيو، افغانين کي نيڪالي ڏيو ۽ سندن لوڌ روڪيو، مٿن ملڪيتون وٺڻ تي پابندي هڻو، جيڪڏهن رياست جو ساڻن محبتي رويو ائين جاري رهيو ته پوءِ اهيُ ڪٿي ڪراچي کي ڪابل ۽ قنڌار نه بڻائي ڇڏين. جيڪو هاڻ اف نظر اچي رهيو آھي.
سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل ڌارين جي آبادڪاري جو ئي نتيجو آهي جو مذهبي دهشتگردي ۾ واڌ ٿي آهي.
سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي نه ڏني ويئي ته مستقبل قريب ۾ سنڌ ۾ خانه جنگي جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي.
ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي آفيس تي دهشتگردن جو حملو رڳو مذمت جي لفظ تائين محدود نه ڪجي.
اهو حملو سنڌ جي مستقبل بابت اسان بي هٿيار سنڌ واسين لاءِ هڪ “ريڊ الارم”جيان آهي. ان بابت ڌارين جي باري ۾ قانونسازي ڪري کين ڪڍڻ لا حڪومت ۽ حڪمران ڌرين تي دٻا وڌائجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button