اعجاز منگي
نيشنل ايمرجنسي صرف سيلاب، زلزلا، وبائي بيمارين جا واچوڙا، گھرو واڙھيون يا غيرملڪي حملا ئي نھ ھوندا آھن. قومي سطح تي ھنگامي حالتن جون ٻيون بھ صورتون ٿي سگھن ٿيون. ھن وقت پاڪستان جو عوام جنھن مھا مصيبت کي منھن ڏئي رھيو آھي، اھا مھانگائي آھي.
ھڪ وقت اھڙو بھ ھو جڏھن مھانگائيءَ جو ذڪر ڪچھرين ۾ رسمي طور تي ان انداز سان ڪيو ويندو ھو، جنھن انداز سان اسان عام طور تي موسم جو ذڪر ڪندا آھيون. ھڪ وقت ھو جڏھن مھانگائي صرف معاشي ماھرن جي علمي عياشي سمجھيو ويندو ھو. پر ھن وقت مھانگائي صرف ھڪ اظھار خيال جو موضوع ناھي.
مھانگائي اھڙو ڀوت بڻجي چڪي آھي، جيڪو نھ صرف اسان ملڪي آسمان تي ڦيرا ٿو پائي پر ھو ھاڻي ڌرتيءَ تي لھي آيو آھي ۽ باقاعده انسانن جو خون ٿو پيئي ۽ انھن جو ماس ٿو کائي. ھن وقت ماڻھو مھانگائيءَ ۾ ايئن وڪوڙجي ويا آھن جو انھن کي معلوم نھ ٿو ٿئي ٿو ھو ان وبا مان ڪھڙي طرح پنھنجي جان آجي ڪندا؟ انھن کي اھو پتو بھ نھ ٿو پوي تھ انھن جو ڇا ٿيندو؟ مھانگائي جي حوالي سان ملڪ ۽ ماڻھن جو مستقبل ايتري تھ بي يقينيءَ جي ور چڙھي ويو آھي جو ماڻھو ڊپ کان پنھنجي ايندڙ وقت جي باري ۾ ويچار بھ نھ ٿا ڪن. انھن جي لاءِ اھوئي ڪافي آھي تھ اڄوڪو ڏينھن گذريو. سڀاڻي جو معاملو سڀاڻي سان!
ملڪ ۾ ڦھلجي ويل ۽ ھر ڏينھن گذريل ڏينھن کان وڌيڪ وڌندڙ مھانگائي معاشري جو طبقاتي توازن بھ ھيٺ مٿي ڪري ڇڏيو آھي. جيڪو اپر مڊل ڪلاس ھو، اھو پاڻ کي صرف مڊل ڪلاس سمجھڻ لڳو آھي ۽ جيڪو مڊل ڪلاس ھو، اھو لوئر مڊل ڪلاس بڻجي ويو آھي. اھڙي صورت ۾ لوئر ڪلاس يعني ھيٺين طبقي جي حيثيت کي ڪھڙي طرح بيان ڪجي؟
اسان اڳ ۾ اھو ابھام جي انداز ۾ لکندا ھئاسين تھ ماڻھو بک تي آھن. ھاڻي ماڻھو واقعي بک تي آھن. غريب ماڻھو جيڪي اڳ ۾ سادي سودي طرح سان ٻن وقت جي پورت ڪري وٺندا ھئا، انھن ھاڻي پنھنجي گھرن کي ھڪ ويلي تي ھيرائڻ شروع ڪيو آھي. اڳ ۾ مھمان کي ڏسبو بھ ھو منھن تي مرڪ اچي ويندي ھئي. ھاڻي مھمان جو اچڻ پريشانيءَ جو ڪارڻ بڻجي ويو آھي. ھاڻي اھو وقت اچي ويو آھي جو ماڻھو پنھنجن ٻارن کي عام پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙھائڻ بھ ھڪ عياشي سمجھڻ لڳا آھن. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ پگھارن، پينشنن ۽ اجرتن ۾ اضافو نھ ٿيو آھي پر شين جون قيمتون تيزيءَ سان مٿي چڙھي ويون آھن. اھي ھاڻي اھڙي حد کي پھچڻ لڳيون آھن، جتي عام ماڻھو جي پھچ ممڪن نھ رھي آھي. گھرن کي گھٽ آمدني ۽ وڌيڪ مھانگائيءَ جي انوسار ھلائڻ جي سلسلي ۾ ماڻھن کي پنھنجي بجيٽ مان اھي اسم بھ ڪاٽا ڪرڻا پيا آھن، جن کي ھو ضروري سمجھندا ھئا. ھاڻي مڊل ڪلاس جا ماڻھو ٿورو ٿڪو فروٽ کائڻ ترڪ ڪري ويا آھن. جڏھن تھ گوشت ۽ خاص طور تي مرغي تھ ماڻھن لاءِ حسرت ٿيندي پئي وڃي. جڏھن مارڪيٽ ۾ ڀاڄيون مھانگيون ٿي وڃن تھ اوھان چڪن ۽ گوشت جي باري ۾ ڪيئن ٿا سوچي سگھو؟ جڏھن اوھان ۾ اٽو خريد ڪري سگھڻ جي سگھھ نھ ھجي تھ اوھان چانورن جون جنسون پڇڻ جي عياشي افورڊ ڪري نھ ٿا سگھو. جڏھن اوھان پنھنجن ٻارن جي لاءِ کير خريد ڪري نھ سگھو تھ پوءِ اوھان کي دل ۾ پنھنجي لاءِ دود پتيءَ جي خواھش ڪيئن پيدا ٿيندي؟ اھو ممڪن ئي ناھي تھ اولاد بک تي ھجي ۽ پيءُ ماءُ پنھنجي سک جو سوچين.
ھن معاشري جو الميو اھو آھي تھ اڄ ڪلھھ عام بيمارين ۾ استعمال ٿيندڙ دوائون مارڪيٽ مان غائب ٿي ويون آھن. اوھان کي بخار ۽ مٿي جي سور ۾ پيناڊول ملڻ جي بھ پڪ ناھي. جيڪڏھن اھا ڪنھن ڄاڻ سڃاڻ واري ميڊيڪل اسٽور تان ملي ٿي تھ ان جي قيمت ٽيڻي چوڻي آھي. جڏھن تھ اھي سرڪاري ادارا پنھنجي وجود جي گواھي ڏيڻ لاءِ بھ نظر نھ ٿا اچن، جيڪي ان جي بجيٽ حاصل ڪن ٿا تھ ھو مارڪيٽ ۾ چور بازاري ۽ شين جي اگھن ۾ مصنوعي واڌ تي نظر رکن. اھي ادارا مارڪيٽ ۾ نظر ئي نھ ٿا اچن، جيڪي شين جي قيمت ۽ ڪوائلٽي چيڪ ڪرڻ لاءِ قائم ڪيا ويا آھن. انھن ادارن جا ڪامورا نھ صرف سرڪاري مراعتون حاصل ڪري ٺٺ سان جيئن ٿا پر انھن پنھنجي فرض کي پٺي ڏيڻ جي جيڪا قيمت وٺڻ شروع ڪئي آھي، اھا ان ڪرپشن جي شڪل اختيار ڪري وئي آھي، جنھن تي ھاڻي احتساب جا ادارا بھ ھٿ نھ ٿا وجھن. اسان جي معاشري ۾ ڪرپشن جي اڻ اعلانيا قانوني نھ کڻي تھ بھ جائز حيثيت حاصل ٿي وئي آھي. اھو ھڪ معاشري جو تمام وڏو الميو آھي تھ ان ۾ پنج سيڪڙو بھ اھڙا سرڪاري ۽ نجي ادارا ناھن، جيڪي ڪرپشن جي مزاحمت ڪن ۽ ان جو حصو نھ ھجڻ جو ثبوت فراھم ڪري سگھن. ھر ھنڌ ڪرپشن سان تعاون واري فضا قائم ٿيل آھن. ڇو تھ معاشري پنھنجي حڪمرانن کي ڏسي اھو قبول ڪري ورتو آھي تھ ڪرپشن ڪو ڏوھه ناھي.
ملڪ ۾ حڪومت ڪندڙ جڏھن ڪرپشن جي حوالي سان نھ صرف ملڪ ۾ پر بين الاقوامي سطح تي سڃاتا وڃن تھ پوءِ ان ملڪ سان ڪھڙو فضيلت وارو ملڪ تعاون ڪندو يا واپاري رشتو رکڻ چاھيندو؟ پر پوءِ بھ حيرت آھي تھ اسان جي شرم پروف حڪمران پڪي نڪ سان عالمي ميڊيا آڏو غيرملڪي سرمائيڪارن کي سڏين ٿا ۽ انھن کي چون تھ کين ھر قسم جي سھولت ڏني ويندي ۽ انھن کي ھر طرح جو تحفظ حاصل ھوندو. انھن جو سرمايو نھ صرف محفوظ ھوندو پر اھو وڌندو ويجھندو. جڏھن تھ انھن ملڪن جي حڪومتن تھ ڇا پر واپاري حلقن کي بھ معلوم آھي تھ جنھن ملڪ جا حڪمران انھن کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪري رھيا آھن، انھن پنھنجو سرمايو انھن جي ملڪن ۾ سيڙايو آھي ۽ اھو سرمايو پاڪستان جي عوام جو لٽيل ۽ ڦريل پئسو آھي. جيڪڏھن اھي سياستدان ڪرپشن نھ ڪن ھا تھ اڄ ھن ملڪ جو حال اھڙو نھ ھجي ھا.
پاڪستان جي حالت ھن مھل ان پينو فقير جھڙي ٿي وئي آھي، جيڪو قرض بھ ائين گھري رھيو آھي، جيئن ڪوئي خيرات گھرندو ھجي. اھي عالمي ادارا جيڪي قائم ئي ان لاءِ ڪيا ويا آھن تھ ھو ملڪن کي وياج تي قرض ڏين. اھي پاڪستان کي پنھنجو گراھڪ بڻائڻ لاءِ تيار ناھن. جيڪڏھن اھي مجبوريءَ سبب پاڪستان کي وکر ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪيڪو وھنوار بھ ڪن ٿا تھ انھن جو رويو انھن حڪمرانن جھڙو آھي، جيڪي اڳين کي حقير سمجھي ان کان پنھنجيون شرمناڪ شرطون مڃرائيندا آھن.
ان سچائيءَ جو اظھار اسان جي ملڪن جا حڪمران ڪري بھ چڪا آھن ۽ ڪري بھ رھيا آھن تھ آءِ ايم ايف انھن کان نڪ سان ليڪا ڪڍرائڻ لاءِ ويٺو آھي. پر ان ھوندي بھ ھو قرض وٺڻ وارن جي ان قطار ۾ بيٺا آھن، جنھن قطار کي انتظار ڪرايو ويندو آھي. پاڪستان جي اھڙي حالت ڇو ٿي آھي جو ان جو قومي وقار نھايت بي درديءَ سان بحث جو موضوع بڻيل آھي. پاڪستان سان اھڙي تعدي ڇو ٿي آھي جو ان جو عوام بکون ڪاٽڻ تي پھتو آھي. اھو سڀ ڪجھھ صرف ۽ صرف ٽن سببن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو آھي. ھڪ سبب آھي ڪرپشن، ٻيو سبب آھي، نااھلي ۽ ٽيون سبب آھي درست فيصلا وٺڻ جي سگھھ جي محرومي! پاڪستان جا حڪمران ملڪ کي معاشي طور تي سئين دڳ لائڻ جي سلسلي ۾ صلاحيت کان مڪمل طور تي محروم آھن. جڏھن تھ ھو ڪرپشن جي سلسلي ۾ تمام گھڻا ڪامپيٽنٽ ۽ بلا جا ھوشيار آھن. اھو ئي سبب آھي تھ انھن ھن مھل تائين ملڪ کي مزي سان لٽيو آھي ۽ مني لانڊرنگ جي ذريعي پنھنجي ناجائز دولت کي ملڪ کان ٻاھر منتقل ڪيو آھي. انھن جي ڪرپشن ۾ مھارت جو وڏو ثبوت اھو آھي تھ ھو ڏٺي وائٺي ڪرپشن ڪرڻ ۽ حرام جو مال ڪمائڻ جي باوجود بھ سيني تي ھٿ ھڻي چون ٿا تھ اسان جي ڪرپشن کي ثابت ڪري ڏيکاريو! ان سلسلي ۾ اھا بھ حقيقت آھي تھ انھن جي ڪرپشن کي ان طرح ثابت نھ ڪيو آھي جو انھن کي ڪرپشن جي ڪري قانوني سزائون اچن. ھو پنھنجي مٿان درج ٿيل ھر ڪيس مان آجا ٿي وڃن ٿا. اھو انھن جو ڪمال آھي يا اسان جي قانون ۽ انصاف جي ادارن جو زوال آھي؟ ان سوال جو جواب اسان ففٽي ففٽي جي صورت ۾ ئي ڏئي سگھون ٿا. ڇو تھ حقيقت بھ اھائي آھي.
جڏھن ملڪ ۽ ملڪ جو عوام معاشي بحران سبب ان حالت تي پھتو ھجي جو ملڪ وجود ۽ عوام جو زندگيون خطري ۾ پئجي وڃن تھ ان حالت کي نيشنل ايمرجنسيءَ قرار نھ ڏجي تھ نيٺ ڇا ڪجي؟
پاڪستان ھن وقت ملڪي ۽ معاشرتي سطح تي نيشنل ايمرجنسيءَ مان گذري رھيو آھي ۽ ھن وقت حالتن جي اھا تقاضا آھي تھ ملڪ کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جو موقعو فراھم ڪجي. ھن وقت ھر سطح تي اھو پيغام پھچائڻ لازمي آھي تھ ھن مصيبت مان ٻاھر نڪرڻ جو ڪنھن وٽ ڪھڙو گس آھي؟ ممڪن آھي تھ اسان قومي ايمرجنسيءَ کي قومي صلاح مشوري سان منھن ڏيڻ ۾ سوڀارا ٿي سگھون. اھو ممڪن آھي تھ اسان اجتماعي طور تي ويچار ونڊي ڪا اھڙي واٽ دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون، جيڪا واٽ اسان کي ھن رڻ مان ٻاھر ڪڍڻ جو سبب ٿي سگھي.
قومي سطح تي ان قسم جو اھتمام ان صورت ۾ ممڪن آھي، جنھن صورت ۾ پھرين اسان جي ملڪ جون سياسي پارٽيون پاڻ ۾ گڏجي ويھن ۽ ان اڪيلي ايجنڊا تي ڳالھائين تھ ھن عذاب مان ملڪ ۽ عوام کي ٻاھر ڪيئن ڪڍجي؟
ھونءَ تھ اھو عمل عجيب آھي جو جن قوتن ملڪ ۽ ماڻھن کي ھن حال تي پھچايو آھي، انھن کان ئي مشوري جي مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جنھن ملڪ ۽ ماڻھن کي اھو مرض ڏنو آھي، انھن کان ئي علاج ڪرائجي. معنيٰ:
“مير ڪيا ساده تھي بيمار ھوئي جس ڪي لي
اسي عطار ڪي لونڊي سي دوا ليتي ھين”
پر ڇا ڪجي؟
جتان واٽ وڃائجي وئي آھي، اتان واٽ تلاش ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪجي تھ ٻيو ڇا ڪجي؟