پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻن روٽن تي پيپلز پنڪ بس سروس هلائڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي اڄ پهرين مارچ کان ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻن روٽن تي پيپلز پنڪ بس سروس هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنڪ بس سروس جي ماڊل ڪالوني کان ٽاور روٽ ون ۾ پڻ واڌ ڪئي ويندي. اھڙو اعلان اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ پيپلز بس سروس بابت ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، پي ڊي اين آر ٽي سي صهيب شفيق، آپريشن مينيجر عبدالشڪور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماڊل ڪالوني کان ٽاور تائين پنڪ بس سروس روٽ-1 تي بسن ۾ واڌ، جڏهن ته پاور چورنگي نارٿ ڪراچي کان انڊس هاسپيٽل روٽ-2 ۽ نمائش چورنگي کان ڪلاڪ ٽاور سي ويو روٽ-10 تي پنڪ بس سروس جي ٻن نون روٽن جي شروعات اڄ پهرين مارچ کان ڪئي ويندي.

صوبائي وزير چيو ته پنڪ بس سروس روٽ-2 تي پاور چورنگي نارٿ ڪراچي کان ناگن چورنگي، شفيق موڙ، گلشن چورنگي، جوهر موڙ، سي او ڊي، ڊرگ روڊ، شارع فيصل، شاهه فيصل ڪالوني، سنگر چورنگي، ڪورنگي نمبر 5 تائين هلائي پئي وڃي. جڏهن ته روٽ نمبر 10 تي نمائش چورنگي، ايم اي جناح روڊ، زيب النسا اسٽريٽ، ميٽرو پول، تين تلوار، دو تلوار، عبدالله شاهه غازي، ڊالمن مال، ميڪڊونلڊ ۽ ڪلاڪ ٽاور سي ويو تائين پنڪ بس عورتن کي محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪندي. شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ماس ٽرانزٽ ۽ اين آر ٽي سي کي هدايت ڏني ته ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي وڌيڪ نون روٽن تي سروي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيوته هاڪس بي روڊ تائين پڻ پيپلز بس سروس هلائڻ جو جائزو ورتو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جي وڌيڪ نون روٽن جي به شروعات جلد کان جلد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button