سنڌ واحد صوبو آهي، جتي حڪومت طرفان هارين ۽ مهاڻن کي ورڪرز طور مڃيندي کين ٽريڊ يونين ۽ يونين ٺاهڻ جو قانوني حق ڏنو ويو آهي. اهڙو حق ڏيڻ لا سنڌ حڪومت سنڌ انڊسٽريل ريليشنز ايڪٽ 2013 منظور ڪري رکيو آهي. قانون سازي ٿيڻ باوجود ان قانون جا اًڃا تائين رولز نه ٺهي سگهيا آهن، نه وري هارين ۽ مهاڻن کي ليبر کاتي ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي.، تاريخ ۾ پهريون دفعو هارين ۽ مهاڻن کي پينشن، اي او بي آ، صحت جي سهولت ۽ سوشل سيڪيورٽي ان قانون تحت ملي سگهندي. هن وقت تائين قانون ٺهڻ کي 9 سال مڪمل ٿيڻ باوجود ان قانون جا رولز نه ٺهڻ سبب سوشل سيڪيورٽي ۽ ليبر کاتي کان هاري ۽ مهاڻا حق نه وٺي سگهيا آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ سنڌ حڪومت کانسوا ٻيا صوبا هارين ۽ مهاڻن کي ٻين صعنتي ورڪرز وانگر ورڪرز تسليم نه ڪرائي سگهيا آهن.
2014ع ۾ سنڌ صنعتي ريليشنز ايڪٽ 2013 جو قانون ٺهڻ کانپو هارين جي پهرين سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪرز يونين ليبر کاتي وٽ رجسٽرڊ ڪئي وئي هئي. هن تنظيم جي اڳواڻ ناصر منصور موجب ته هن قانون مطابق هارين ۽ مهاڻن کي يونين جو حق ملي ويو آهي. جنهن سان اهي اي او بي آ ۽ سوشل سيڪيورٽي حاصل ڪري سگهن ٿا. اڳ ۾ اهو حق فيڪٽرين جي مزدورن کي مليل هوندو هو پر لکين هاري ۽ مهاڻا محروم هئا. جيئن مزدور ۽ فيڪٽري مالڪ جو رشتو ٺهندو آهي. اهڙي ريت هاڻ هاڻ زميندار به هارين کي حق ڏيڻ لا پابند هوندا. هن قانون جا رولز نه ٺهي سگهيا آهن اهي ٺهي وڃن ته هاري آساني سان پنهنجا حق وٺي سگهن ٿا، هن قانون سان مزدورن لا ٺاهيل عالمي قانون ۽ عالمي ڪنوينشن هارين لا به موجود هوندو.
هاري سوشل سيڪيورٽي اداري ۾ رجسٽر ٿي ويندا. هارين ۽ سندن خاندانن جي صحت انشورنس به ٿي سگهندي. هاري فوت ٿي وڃي ٿو يا زخمي ٿئي ٿو ته تڏهن به کيس معاوضو ملي سگهندو. 52 زرعي فارم تي 50 هزار هاري اسان جي تنظيم رجسٽرڊ ڪيا آهن. هارين جو قانون ٺهڻ ۽ ليبر کاتي طرفان اڃا تائين عمل نه ڪرڻ بابت ليبر کاتي حيدرآباد جي ريجنل ڊائريڪٽر غلام سرور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته انڊسٽريل ريليشن ايڪٽ 2013 ۾ هارين ۽ مهاڻن کي يونين سازي جو حق ملڻ کانپو هارين جون 10 تنظيمون ۽ هڪ فيڊريشن ليبر کاتي ۾ رجسٽر ٿي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته انفرادي طور ڪنهن به هاري کي رجسٽر نه ڪيو ويندو. اسان هارين جي يونين کي ئي رجسٽر ڪنداسين. هن چيو ته هارين کي پينشن، اي او بي آ ۽ سوشل سيڪيورٽي ڏيڻ اسان جي زمي ناهي. هن قانون جي ٺهڻ کانپو هارين کي مراعات ڏيڻ لا سندن زميندار 5 سيڪڙو ادارن وٽ جمع ڪرائيندا، جنهن کانپو ئي کين اي او بي آ، سوشل سيڪيورٽي ۽ صحت جي سهولت ملي سگهندي. جڏهن ته هن قانون جا رولز نه ٺهڻ بابت ليبر کاتي جي لا آفيسر ايڊووڪيٽ ريجهو مل ٻڌايو ته سنڌ حڪومت طرفان هارين ۽ مهاڻن کي ورڪرز تسليم ڪندي کين يونين سازي جو حق ملي چڪو آهي. هي هن وقت ليگلائيز ٿي چڪا آهن. هن قانونسازي ۾ وقت لڳي سگهي ٿو. ان لا ليبر کاتي هارين جي حقن جي سلسلي ۾ هارين جي تنظيمن ۽ آباگار تنظيمن سان گڏجاڻيون به ڪيون آهن، هن ٻڌايو ته هارين ۽ مهاڻن لا پينشن اي او بي آ ۽ ٻئي مراعات لا زميندارن ۽ مهاڻن جي مالڪن کان رقم وٺًڻ ايتري سولي ناهي. جنهن لا پنج سيڪڙو هنن مالڪن کي ادا ڪرڻو پوندو. هن هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ته ڪپڙن جي فيڪٽرين ۽ ملن لا خام مال زرعي زمينن مان ئي آندو ويندو آهي. هن قانون جي ٺهڻ کانپو ٿي سگهي اڳيان هلي سوشل سيڪيورٽي ۽ صحت انشورنس جي رقم لا ڪارخانيدار به هارين جي مدد ڪن. سنڌ ريليشن ايڪٽ 2013 جي ٺهڻ کانپو سنڌ حڪومت هارين جي مدد لا 5ارب به مختص ڪري رکيا آهن. جيڪي هارين تي ئي خرچ ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته هارين ۽ مهاڻن جي رجسٽريشن جو ڪم يونين ڪائونسل جو آهي. اهي انگ اکر وري ليبر کاتي کي جاري ڪندا. جنهن تحت ئي هاري رجسٽرڊ ٿي سگهندا. اڳيان هلي هاري ۽ زميندار جو به زرعي پيداوار جي عمل دوران هڪ رشتو ٺهي ويندو. جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن نه رهيو آهي. زميندار هميشه هارين جي زندگين ۽ حالتن کان لاتعلق رهيو آهي. هن قانون کان اڳ ۾ فيڪٽرين ۽ مختلف ڪمپنين جي مزدرون کي يونين سازي جو قانوني حق مليل هو. هاري ۽ مهاڻا محروم هئا. اهي سڀ حق هاڻ هنن کي به ملي ويا آهن. هارين لا قانون ٺهڻ جي سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي ٻڌايو ته اسان زميندار هارين کي زرعي پيداوار ۾ حصيدار رکي اپت مان اڌ ڏيندا آهيون. هاري سموري پيداوار مان اڌ کڻندو آهي. ان ڪري اسان پهرين کان ئي هاري کي پنهنجو حق ڏئي چڪا هوندا آهيون. ان لا ليبر کاتي وٽ ٻئي مراعات ڏيڻ جا پابند ناهيون. ٻئي طرف 40 لک کان وڌيڪ مهاڻا پڻ اهڙي حق کان اڃا تائين محروم آهن. هارين لا هن قانون ٺهڻ کان اڳ ۾ 1950ع ۾ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ به ٺاهيل آهن. جنهن قانون ۾ سنڌ ها ڪورٽ قانون سازي ڪرڻ لا تاريخي فيصلو ڏنو آهي. جيڪو فيصلو 2019 ۾ ڏنو ويو هو، جنهن ۾ اهو چيو ويو ته ڊي سي، اي سي يا مختياڪار وٽ هاڻ مئجسٽريٽ جا اختيار ناهن. ان لا هارين جا ڪيس به ڪامورن جا ٽربينول نٿا ٻڌي سگهن. اهو اختيار سول جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ سول ججز کي ڏنو وڃي. جنهن لا سنڌ حڪومت قانون سازي ڪري. اهو فيصلو هاري غلام علي لغاري جي آئيني پٽيشن تي ڏنو ويو. هاري غلام علي جي فوت ٿيڻ کانپو سندس پٽ منظور لغاري ڪيس جي پيروي ڪئي. عدالت فيصلي ۾ لکيو ته هاري غلام علي جي رهتن لا سيشن جج سانگهڙ هاري جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري. جيڪو رهتون 26 لکن جون آهن. سانگهڙ جي عدالت جي فيصلي کان اڳ ئي پيپلز پارٽي جي حڪومت ها ڪورٽ حيدرآباد جي فيصلي کي وري سپريم ڪورٽ ۾ چئيلينج ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري سانگهڙ جي عدالت به سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي انتظار ۾ هاري غلام علي جي خاندان کي اڃا تائين حق نه ڏنو آهي. هن وقت ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي بحران دوران هاري طبقو ئي وڌيڪ ڀوڳي رهيو آهي. ان ڪري ٻنهي قانونن تي عمل ڪرڻ سان ملڪ جي هارين کي ڪا بهتري زندگي ملي سگهي ٿي.