رانديون

ليان 8 وڪيٽون وٺي ڀارت کي شڪست جي ڪناري تي بيهاري ڇڏيو

اندور ٽيسٽ ۾ آسٽريلوي بالر ناٿن ليان 8 وڪيٽون وٺي ڀارتي ٽيم کي شڪست جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، ڪينگروز کي ٽين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي لاءِ رڳو 75 رنسن جي ضرورت بچي. ميڊيا مطابق آسٽريليا اندور ۾ جاري ٽين ٽيسٽ ميچ کي ٻئي ڏينهن تي فيصلائتو بڻائيندي پنهنجي فتح کي يقيني بڻائي ورتو آهي، ڇوتھ ڀارتي ٽيم ٻي اننگز ۾ 163 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڀارتي بيٽر پجارا 59 رنسن جي مزاحمت ڪري سگهيو، شرياس آئير 26، روي چندرن ايشون 16، اڪشر پٽيل 15، ويرات ڪوهلي 13 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، آسٽريليا جي ناٿن ليان 8 شڪار ڪري ڀارتي بيٽنگ تباهه ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ڀارت پهرين اننگز ۾ 109 رنسن تي آئوٽ ٿي هئي. جڏهن تھ آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 197 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ عثمان خواجا 61، مارنس ليبوشين 31، اسٽيو سمٿ 26، گرين ڪيمرون 21، پيٽر هينڊڪومب 19 رنسون ڪيون. ڀارتي بالر جديجا 4، ايشون ۽ اميش 3،3 وڪيٽون وٺي شڪست کان بچڻ جا جتن ڪيا آهن. جڏهن تھ آسٽريليا کي اڄ ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ رڳو 75 رنسن جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button