انسان به هڪڙي طرح جو جانور آهي ان ڪري ٻين جانورن جيان اهو به ٻارَ ڄڻيندو آهي. جانور به پنهنجا ٻچا پاليندا آهن ۽ انسان به. پر ٻنهي جي ٻچن پالڻ ۾ فرق آهي.
جانور پنهنجي ٻچن کي جيڪي ڪجهه سيکاريندو آهي اهو تمام ٿورو هوندو آهي. ان جي ابتڙ انسان وٽ پنهنجي ٻچن کي سيکارڻ لاءِ گھڻو ڪجهه هوندو آهي. انسان پنهنجي ٻچن کي ڇا سيکاريندو ۽ ڇا نه سيکاريندو؟ اهو بعد ۾ پهريان اهو طئي ڪرڻ ضروري آهي ته انسان نيٺ ڪيترا ٻچا پيدا ڪندو؟ هڪڙو زمانو اهڙو هئو جڏهن ٻارن جي پيدائش انسان جي وس ڪانه هوندي هئي. ان زماني ۾ ٻارن جي وڏي تعداد کي سٺو سمجهيو ويندو هئو. اسان جي زماني ۾ ٻارن جي تعداد بدران سندن صلاحيتن کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. هڪڙي هاريءَ جا يارنهن هاري پٽ ٻئي هاريءَ جي اسسٽنٽ ڪمشنر يا جج ڌيءَ جي اڳيان ڪا حيثيت نه ٿا رکن. ان ڪري اسان جي زماني ۾ اهو ضروري ڪونهي ته توهان وٽ اڻ ڳڻي اولاد هجي. پر اهو ضروري آهي ته اولاد صالح هجي. يعني بهترين تعليم ۽ تربيت ذريعي ذميوار شهري بڻجي.
اولاد جيڪڏهن صالح آهي ته نعمت کان گھٽ نه آهي. پر جيڪڏهن اڻ سڌريل آهي ته عذاب. ان ڪري اولاد جي تربيت اهم ترين ڪم آهي جيڪو والدين کي ڪرڻو آهي. اولاد جي تربيت رڳو اڄ ڪلهه نه پر هر دور ۾ اهم ترين فرض رهيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته اسان جي زماني ۾ ان جي اهميت هر دور کان مٿانهين بڻجي وئي آهي.
اولاد جي تعليم ۽ تربيت کان پهريان ان جي پسمنظر تي نظر وجهڻي پوندي. اسان جي معاشري ۾ شاديون جهڙي نموني ٿي رهيون آهن. ان کي به ڏسڻ گھرجي. پيار جي پرڻي کي ته برو سمجهيو وڃي ٿو پر نياڻيءَ لاءِ ته ان کي به برو سمجهيو وڃي ٿو ته هوءَ سئوٽ ماسات لاءِ به نالو کڻي چوي ته مون کي فلاڻي سان نه پر فلاڻي سان پرڻايو وڃي.
اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته برادريءَ کان ٻاهر رشتيداري ڪرڻ به غلط آهي. حقيقت اها آهي ته اسان کي سٺو رشتو ڀل ڳولڻ گهرجي پر سٺي رشتي بابت اسان جي راءِ بدلڻ جي ضرورت آهي. برادريءَ کان ٻاهر رشتيداري ڪرڻ کي عيب نه سمجهيو وڃي. وقت اچي ويو آهي ته اسان “پنهنجو ماريندو ته به ڇانوَ ۾ اڇليندو” واري چوڻيءَ کي رد ڪريون. جيڪو ماريندو اهو پنهنجو ڪيئن ٿيو؟ جيڪو اسان کي ماري چڪو آهي اهو جيڪڏهن اسان جو لاش ڇانوَ ۾ اڇلي ته ڇا جيڪڏهن اُسَ ۾ اڇلي ته ڇا؟ ان ڪري اها سوچ بدلائڻي پوندي ته ڌارين ۾ رشتيداري لازمي طور تي غلط عمل آهي. ان سان جڙيل ئي ٻِي سوچ اها آهي ته جڏو ڦڏو به پنهنجو آهي ان ڪري ان جي شادي ڪرائينداسين. افلاطون هڪڙي ڏاڍي پياري ڳالهه ڪئي هئي ته اسين گهوڙي يا ڳئون لارائڻ لاءِ به سٺي نرَ جي تلاش ۾ هوندا آهيون پر پنهنجي ڌيءُ يا ڀيڻ پرڻائڻ وقت جهڙي تهڙي مرد کي قبولي وٺندا آهيون. عام طور تي اهو سوچي ته پنهنجو آهي، ٽنگن کان معذور آهي ته ڇا ٿي پيو. آهي ته پنهنجو نه. اسان کي رشتيداريءَ دوران اهو خيال رکڻ گھرجي ته جوڙو ذهني ۽ جسماني طور صحتمند هجي. ٻنهي وچ ۾ محبت وارو رشتو قائم ٿئي، خاندان جي مرضي يا ڪنهن ٻِي مصلحت کي سامهون رکي اکيون ٻوٽي قبوليت وارو نه.
شاديءَ کان پوءِ جوڙي کي اها رٿابندي ڪرڻ گھرجي ته کين ڪيترا ٻار ڄڻڻا آهن ۽ ڪيتري وقفي سان؟ اردوءَ جي جملي بچي دو هي اڇي وانگر ٻارَ سچ پچ ٻه ئي ڪافي آهن جيڪڏهن اهي ڌيءُ ۽ پٽ آهن. جيڪڏهن توهان انهن جي سٺي تعليم ۽ تربيت ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان کين سٺو ماڻهو بڻائي سگهو ٿا.
سنڌيءَ ۾ هڪڙي لوڪ گيت جو مصرعو آهي “راڻا تو مان راڄ ٿيندا، راڻا تو مان لکَ ٿيندا”. اهو خيال ان وقت جو آهي جڏهن اٽو ڏيڍ سو روپيا ڪلو نه هوندو هئو. راڻو جيڪڏهن هن دور جو هجي ۽ انهن راڄن کي کارائڻ جو ذمو کڻي ته پتو پئجي وڃيس.
ان ڪري اسان جي زماني ۾ ٿورا ٻارَ ڄڻڻ ئي عقلمندي آهي. ٻارن کي رڳو پيدا ڪرڻ ڪافي نه آهي انهن کي مناسب ۽ گھربل غذا، تعليم، تربيت ۽ بهتر ماحول ۾ زندگي گذارڻ جو موقعو ڏيڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن پنهنجي اولاد کي اهي موقعا ۽ سهولتون ڏيڻ توهان جي وس ۾ نه آهي ته گھٽ ۾ گھٽ اهو ته توهان جي وس ۾ آهي نه ته ٻار ڄڻڻ واري عمل تي نظر ثاني ڪريو. اهو چئي ڇڏڻ ته ڪُتيءَ جا ٻچا به پلجي ويندا آهن، وڏا ٿي ويندا آهن، واريءَ ۾ ٽُٻي هڻڻ برابر آهي. واقعي ڪُتيءَ جا ٻچا پلجي وڏا ٿي ويندا آهن پر ڇا اسان انسان جي ٻچن کي به ڪُتيءَ جي ٻچن جيان پلجندي وڏو ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا؟ يقينن نه. انسان جي ٻچي کي انساني رتبي مطابق پلجڻ ۽ وڏو ٿيڻ گھرجي.
گهر، ٻارن جي تربيت جو پهريون ادارو هوندو آهي. اسڪول بعد ۾ پهريان گهر ۾ سکيا ملندي آهي. جيڪڏهن سٺي آهي تڏهن به گهر منجهان ملندي، جيڪڏهن خراب آهي تڏهن به. ان ڪري پنهنجي ٻارن کي بهترين سکيا ڏيڻ والدين جي ذميواري آهي.
سڀ کان پهريان پنهنجي ٻارن کي قول ۽ فعل جي تضاد واري بيماريءَ کان جان ڇڏائڻ سيکاريو. ٻارُ پنهنجي والدين کان سکندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن توهان ٻارَ کي زباني تقرير ڪري اهو سيکاريو ٿا ته ڪُوڙ نه ڳالهائي پر عملي طور توهان پاڻ ڪُوڙ ڳالهائيندا رهو ٿا ته پوءِ ٻارَ منجهان اها توقع نه رکو ته اهو توهان جي تقريرن تي عمل ڪندو. بلڪل نه. هُو جلد ئي ان نتيجي تي پهچي ويندو ته ڪتابن جو سچ زندگيءَ جو سچ هرگز ڪونهي. ٻارن کي جعلسازيءَ جو عملي درس نه ڏيو. ٻارن کي پارسائيءَ جو ڏيکاءُ ڪرڻ جو درس نه ڏيو. جيڪڏهن توهان کي پارسائي ايتري ئي وڻي ٿي ته پوءِ پارسا بڻجڻ جي ڪوشش ڪريو. پارسا نظر اچڻ جي ڪوشش نه ڪريو. جيڪڏهن نه ته توهان جي پيروي ڪندي توهان جا ٻارَ به سٺو ماڻهو بڻجڻ بدران سٺو ماڻهو هجڻ جو ڏيکاءُ ڪندا رهندا.
چون ٿا ته رشتي ۾ ڀاءُ ڀيڻ ٻه ٻارڙا سمنڊ ڪناري راند کيڏڻ ۽ سپيون ميڙڻ کان پوءِ گهر وڃي رهيا هئا. رستي ۾ ڀيڻ چيو ته منهنجي خواهش آهي چاڪليٽ کاوان. ڀاءَ چيس ٺيڪ آهي، چاڪليٽ وٺي ٿو ڏيانءِ. دڪاندار وٽ ويا ۽ ڀاءَ جيڪي سپيون ميڙيون هيون انهن عوض چاڪليٽ وٺڻ چاهيو ڇاڪاڻ ته ٻار ايترا ننڍڙا هئا جو نه وٽن پيسا هئا نه وري پيسن جي اهميت جو اندازو هئن. دڪاندار سپيون وٺي ٻارڙيءَ کي چاڪليٽ ڏنو. سپين منجهان ڳڻي ڪجهه سپيون کنيائين ۽ ڪجهه ٻارن کي واپس ڪيائين. دڪاندار اتي ويٺل پنهنجي دوست کي چيو ته ان ٻار کي دير سوير اها خبر پئجي ويندي ته سپيون بهرحال ڏوڪڙن جو متبادل ڪونهن. پر منهنجي ان عمل سان کيس اهو احساس ٿيندو ته دنيا ۾ ڪي چڱا ماڻهو به موجود آهن.
ٻارن کي عملي طرح اهو احساس ڏياريو ته دنيا تي برائيءَ جي نه پر چڱائيءَ جي حڪومت آهي يا هئڻ گھرجي. پنهنجي ٻارن کي خود غرضي نه سيکاريو. ٻارن کي گهر جو ڪو به ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ چوندي ڪا به لالچ نه ڏيو. عام طور تي اسان ٻارن کي چوندا آهيون بابا! بازار منجهان وڃي فلاڻو ڪم ڪري اچ ته پوءِ خرچي به ڏيانءِ ٿو. ائين ڪرڻ سان ٻارَ ۾ اها سوچ پيدا ٿئي ٿي ته ماءُ پيءُ جو چيو مڃڻ لاءِ به معاوضو وٺبو آهي. پنهنجي گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ به ان وقت تائين ها نه ڪرڻ گھرجي جيسيتائين ان جي بدلي ۾ ڪجهه پيسا نه ٿا ملن. اهڙيءَ ريت پنهنجي ٻارن کي ڊيڄاري ڪم ڪار وٺڻ کان به بچندا رهو. اهو هڪڙو اهڙو خطرناڪ عمل آهي جنهن جي نتيجي ۾ اوهان پنهنجي ٻارَ جي پوري شخصيت ئي مسخ ڪري ڇڏيندا آهيو. اهو ٻارَ سموري زندگي دٻاءَ ۾ گذاريندو آهي. پاڻ ٻارن ٻچن جو پيءُ بڻجي وڃي تڏهن به کيس اها پريشاني هوندي آهي ته ڪٿي سامهون وارو ناراض نه ٿي وڃي. ان ڊپ ۾ هُو پنهنجي اندر جي ڳالهه بيان ئي نه ڪري سگهندو آهي. شرميلو ۽ ڪنڊائتو رهڻ وارو بڻجي ويندو آهي. اوهان جڏهن پنهنجي ٻار تي تشدد ڪندا آهيو ته طاقتور ٿيڻ کان پوءِ اهو به تشدد واري واٽ وٺندو آهي. ان ڪري تشدد کان جيترو ٿي سگهي پاسو ڪرڻ گھرجي. ٻارن کي سيکاريو ته هڪڙي انسان کي ٻئي انسان جي ڪم اچڻ گھرجي. انسان جو مثال کوهه وانگر آهي. جيڪڏهن کوهه پاڻي ڏيندو رهندو ته پاڻ به ڀربو رهندو آهي ۽ منجهس تازو ۽ صاف پاڻي جمع ٿيندو رهندو. پر جيڪڏهن پاڻي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندو ته پوءِ کيس به پاڻي نه ملندو ۽ منجهس موجود پاڻي ٿورو وقت گذرڻ کان پوءِ گندو ٿي سينوارجي ويندو آهي. ان ڪري انسان کان جيترو ٿي سگهي ٻين کي ڏيندو رهي. رڳو پيسا نه، گيان به. اخلاق به. تعليم به. ادب ۽ فهم به. پنهنجي عملي ڪردار ذريعي تربيت جو مثال به.