پاڪستانسنڌ

وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻن جون “عورت آزادي مارچ” لا دعوتون

حيدرآباد: وومين ايڪشن فورم جي وفد “روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد” جي هيڊ آفيس پهچي 8 مارچ تي رٿيل “عورت آزادي مارچ” ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. خبر موجب وومين ايڪشن فورم جي وفد حسين مسرت ۽ روزينه جوڻيجو ڪالهه “روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد” جي هيڊآفيس پهچي نيوز ايڊيٽر شبير نظاماڻي ۽ ايڪسپريس ميڊيا گروپ حيدرآباد جي بيوروچيف جنيد خانزاده، اسٽاف رپورٽر يوسف ميربحر، اشوڪ راماڻي، غلام رسول برفت کي مارچ ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏني، جنهن دوران عورت آزادي مارچ جي وفد موقف اختيار ڪيو ته سڄي سماج جي آزادي عورت جي آزادي سان جڙيل آهي، جنهن تحت 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي سڄي دنيا جيان حيدرآباد ۾ به “عورت آزادي” جي عنوان سان شهباز بلڊنگ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين مارچ ڪڍيو ويندو.

هنن چيو ته حيدرآباد ۾ ٿيندڙ اٺين عورت آزادي مارچ ۾ مطالبا رکيا ويندا ته ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن ۾ لڏپلاڻ جي ڪري عورتن جي اقتصادي، سماجي زندگي تي پوندڙ ناڪاري اثرن جو جائزو ڪري اُپا ڪرڻ سميت عورتن کي معاشي، سماجي توڙي قانوني انصاف مهيا ڪري اقتصادي ۽ معاشرتي ترقي ۾ برابري جي بنياد تي شريڪ ڪيو وڃي. هنن چيو ته عورت آزادي مارچ ۾ هنن مطالبن سان گڏوگڏ اهو به مطالبو ڪيو ويندو ته گهرو تشدد، ڪاروڪاري، جرڳا سسٽم، سڱ چٽي، پيٽ لکي ڏيڻ ۽ حراسمينٽ سميت عورتن خلاف هر قسم جو دٻا ۽ تشدد جو خاتمو آندو وڃي، جڏهن ته اقليتي مذهب سان تعلق رکندڙ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جو جبري مذهب تبديلي سان ٿيندڙ غيرقانوني شادين جو خاتمو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button