پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي، چونڊن ڪرائڻ بجاءِ مهانگائي کي ڪيئن منهن ڏجي اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي نااهلي جو ملڪ جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي، پي ٽي آئي آئي ايم ايف سان بنا ڪنهن پلان واعدا ڪيا ۽ ان کان ڦري وئي، اتي سندس يوٽرن ڪم نه آيو. اھڙو اظھار ھن پنهنجي رهائشگاهه راول هائوس حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٽن سالن دوران سيڪريٽري فنانس ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر کي بار بار تبديل ڪيو ويو، جيڪڏهن نوان ٽيڪس لاڳو ئي ڪرڻا هئا ته پي ٽي آئي حڪومت ڇو نه لڳايا، ڇاڪاڻ ته کين ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو ته اهي وڃي رهيا آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت جوابده آهي ۽ جيترو شين کي بهتر ڪري سگهي ٿي ڪري رهي آهي ۽ ماڻهن کي رليف مهيا ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عمران خان سوچي سمجهي سازش تحت ملڪ کي انتشار طرف ڌڪي رهيو آهي ۽ هاڻي هو ناڪام ٿي چڪو آهي ته وري هو ڪنهن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ کيس ڀارت ۽ اسرائيل مان فنڊنگ ملڻ جي ڪجهه وقت اڳ تصديق ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت کي عدالت، شرارت يا ملٽري آمرن جي ڪري نه پر آئين پاڪستان جي تحت ڪڍيو ويو. هن چيو ته آدمشماري صاف ۽ شفاف هجڻ گهرجي، وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها آدمشماري جي عمل کي ايترو ته صاف ۽ شفاف بڻائي جو ڪنهن سياسي پارٽي ۽ عوام کي ان تي خدشا نه ٿيڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button