ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عدليا، عوام ۽ سياست

ملڪ ھڪ عجيب ۽ ھٿ سان پيدا ڪيل بحران جي ور چڙيل ھو. سپريم ڪورٽ سٺو ڪيو جو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي چونڊن جي سلسلي ۾ اقتدار پرست حڪمرانن ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪامورن کي سمجھايو تھ ملڪي آئين چونڊن جي 90 ڏينھن کان وڌيڪ مھلت نھ ٿو ڏئي. باقي اوھان جي مرضي!!

اھڙي صورت ۾ “مرتي ڪيا نھ ڪرتي” جي انوسار اليڪشن ڪميشن ۽ گورنرن کي بھ پنھنجي گردن خم ڪرڻي پئي. نھ تھ اھو معاملو تمام وڏي خواريءَ جو باعث بڻجي ھا. اسان جي ملڪي بدقسمتي اھا آھي تھ اسان جي سياستدانن کي ھر معاملو عدليا ۾ اٿارڻ جي پٽ پئجي وئي آھي ۽ عدليا کي بھ شابس ھجي جو اھا سياستدانن جا فيصلا سڀ کان پھرين اڪلائي ٿي پر مسئلو اھو آھي تھ ھڪ ڪيس جو انت مس اچي ٿو تھ پنج نوان ڪيس پھچي وڃن ٿا. جڏھن تھ اسان جي سڳورن سياستدانن کي سمجھڻ گھرجي تھ عدليا تي اصل ۽ پھريون حق عوام جو آھي. ملڪ جي وڏين عدالتن ۾ عوام جا ڪيس سالن کان وٺي نبيري جي واٽ نھاري رھيا آھن پر اسان جي عدليا مٿان سرڪار ۽ سياستدانن جي ايتري تھ پيھه آھي جو عام ماڻھو پنھنجي ڪيسن جي سلسلي ۾ پنھنجي واري جو انتظار ڪندي ھن جھان فانيءَ مان روانو ٿي وڃي ٿو پر ھن جو وارو نھ ٿو اچي. ھن جا ڪن ڪورٽن ۾ اھو اعلان ٻڌڻ جي لا ترسن ٿا تھ ھو پيش ٿين.

ملڪ جي اھڙي صورتحال سبب ڪڏھن کل ڀوڳ ۾ تھ ڪڏھن واقعي سنجيدگيءَ سان سوشل ميڊيا تي اھي تجويزون بھ پيش ٿينديون رھيون آھن تھ ڇو نھ سياستدانن ۽ حڪمرانن جي لاءِ الڳ ڪورٽون قائم ڪجن تھ جيئن انصاف جي ٽريفڪ روان دوان رھي. پر ھن مھل تائين ان قسم جو قدم ان ڪري بھ نھ کنيو ويو آھي جو ان طرح سان سياسي دنيا کي پنھنجي خواريءَ جو خوف لاحق ٿئي ٿو ۽ اھا سوچي ٿي تھ ماڻھو اڳ ۾ ئي ناھن جي مٿان چٿرون ڪري رھيا آھن ۽ پوءِ نھ معلوم تھ ڇا ڪندا؟ جڏھن تھ اھو سوال تمام گھڻو جائز آھي تھ جنھن صورت ۾ دھشتگرديءَ جا ڪيس ھلائڻ جون الڳ عدالتون ٿي سگھن ٿيون ۽ جنھن طرح سان احتساب جون اسپيشل عدالتون ھلي سگھن ٿيون تھ سياسي ۽ سرڪاري عدالتون ڇو نھ ٿيون ٿي سگھن؟ جيڪڏھن ان قسم جي سھولت پيدا ڪئي ويندي تھ نھ صرف عدليا کي عوام جا ڪيس اڪلائڻ جو بھتر وقت ملي سگھندو پر سياستدانن کي بھ پنھنجي الڳ ڪنڊ ملي ويندي.

سياسي ۽ سرڪاري عدالتون جوڙڻ سان ھڪ وڏو فائدو اھو بھ ملندو تھ جڏھن سياسي ۽ سرڪاري حوالي سان قائم ڪورٽن ۾ ڪجھھ مخصوص منصف مقرر ٿيندا تھ ھو انھن معاملن جا ماھر بھ بڻجي ويندا ۽ انھن جي ملڪي سياست جي مٿان ڪافي دسترس بھ ھوندي. ان طرح سان ڪافي بھتريون پيدا ٿي سگھنديون.

راقم الحروف پاران پيش ڪيل مٿين مشوري کي مشڪري سمجھيو وڃي يا طنز يا سنجديھ راءِ پر ھڪ ڳالھھ واضح آھي تھ اسان جي سياست ھر اداري کي پنھنجي رڳڙ سان بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏي آھي. ٻارن جي ڪھاڻين ۽ ڏند ڪٿائن ۾ ھڪ پٿر جو عام جام ذڪر ويو ويندو آھي، ان پٿر جو نالو آھي پارس! ان پٿر جي باري ۾ ھن مھل تائين سائنس ڪا بھ تصديق نھ ڪئي آھي پر غيرسائنسي حلقن جو اھو موقف آھي تھ ھڪ پٿر اھڙو بھ آھي جيڪو جنھن شيءَ کي بھ ڇھندو آھي، اھا شيءَ سون بڻجي ويندي آھي. اھوئي سبب آھي تھ لطيف ان پٿر کي پنھنجي بيت جي منڊيءَ ۾ ڪجھھ ھن طرح سان مڙھيو آھي:

“تون سپڙ، آئون سيڪڙو، تون ڏاتار آئون ڏوھه
تون پارس آئون لوهھ، جي سڃين تھ سون ٿيان”

جھڙي طرح ڪا شيءَ اھڙي مڻيا واري بھ ٿي سگھي ٿي جو ان جي ڇھاءَ سان لوھه سون بڻجي سگھي ٿو تھ ڪا شيءَ ان جي متضاد بھ ٿي سگھي ٿي ۽ اسان جي ملڪي سياست پارس جي ابتڙ اھڙي شيءَ آھي، جيڪا جنھن شيءَ کي ڇھي ٿي، ان شيءَ جو ملھھ ھيٺ ڪري پوي ٿو. جيڪڏھن اھا سون کي ڇھي ٿي تھ اھو لوھه بڻجي وڃي ٿو.

معاشرن جي لاءِ منڍ کان وٺي انصاف سچي سون سمان رھيو آھي ۽ انصاف کي اھا حيثيت حاصل بھ ھجڻ گھرجي. ڇو تھ قانون کان سواءِ معاشري جو قيام عمل ۾ اچي نھ ٿو سگھي ۽ انصاف کان سواءِ قانون ڪنھن بھ ڪم جو نھ ھوندو آھي. اھو ئي سبب آھي تھ پوري دنيا ۾ انصاف کي سڀ کان وڌيڪ اھميت ملندي رھي آھي ۽ ملڻ بھ گھرجي. انصاف تي سڀ کان اول عوام جو حق آھي. انصاف تي انھن مظلوم ماڻھن جو پھريون حق آھي، جن کي انصاف نھ ٿو ملي. ڇو تھ معاشري ۾ “جيڪو ڏاڍو سو گابو” واري روش روان دوان آھي ۽ ان صورت ۾ جيڪي ڪمزور آھن، انھن کي انھن جو جائز حق بھ حاصل ٿي نھ ٿو سگھي. جڏھن تھ سگھارا طبقا نھ صرف پنھنجو حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل محسوس نھ ٿا ڪن پر انھن کي پرايو حق ڳڙڪائڻ ۾ بھ ڪا تڪليف نھ ٿي ٿئي. ان ڪري ڪمزور عوام لاءِ اھو سڀ کان وڏو مسئلو آھي تھ ھو ڪھڙي طرح پنھنجن جائز حقن جو تحفظ ڪري سگھن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ عوام جي لاءِ عدليا جو ڪردار اھم بڻجي وڃي ٿو. پر سياستدانن ۽ طاقتور حلقن جي ڪري انصاف جي گھٽيءَ ۾ ايتري تھ رش آھي جو عوام کي ڌڪي ٻاھر ڪڍيو وڃي ٿو ۽ سڀ کان اڳ سرڪار ۽ سياستدانن کي ٻڌو وڃي ٿو. جيڪڏھن اسان پنھنجي ملڪ جي عدليا ۾ پيش ٿيندڙ سرڪاري ۽ سياسي معاملن جي ٻين ملڪن جي عدالتن ۾ پيش ٿيندڙ اھڙن ڪيسن جي ڀيٽ ڪريون تھ اسان جو ڀرم ڀڄي پوندو ۽ اسان کي آسانيءَ سان معلوم ٿي ويندو تھ اسان جي جيڪا بھ ڀينگ ٿي رھي آھي، ان جو سبب ڇا آھي؟ ان جو سبب صرف ۽ صرف اھو آھي تھ عام ماڻھوءَ کي انصاف آسانيءَ سان ۽ وڏي ڳالھھ وقت سر نھ ٿو ملي. جڏھن تھ انصاف جو وقت سان وڏو ۽ اھم رشتو آھي. اھوئي سبب آھي جو انگريزيءَ ۾ اھا چوڻي تمام گھڻي عام آھي تھ:

Justice delayed Justice denied يعني انصاف ۾ دير انصاف کان انڪار جي برابر آھي. جڏھن ان سٽ جي عينڪ سان اسان پنھنجي عدليا جي طرف تڪيون ٿا تھ اسان کي عوام جي لاءِ انصاف جا در ذري گھٽ بند ملن ٿا. ڇو تھ اسان وٽ لکين ھزارين نھ پر لکين ڪيس سالن جا سال پنھنجي واري اچڻ جي انتظار ۾ ھجن ٿا ۽ انھن ۾ خاص طور تي فوجداري ڪيس تھ نسل در نسل ھلندا رھن ٿا ۽ انھن ڪيسن کي داخل ڪرڻ وارا فرد ڌرتيءَ ۾ داخل ٿي وڃن ٿا ۽ انھن جي ايندڙ نسلن کي اھو معلوم بھ نھ ھوندو آھي تھ انھن جا وڏا ڪھڙا ڪيس وجھي ويا پر اھو سلسلو اھڙي طرح سان ھلندو رھي ٿو.

پاڪستان ۾ عدليا جو ڪردار نھ صرف اھم رھيو آھي پر اھو تمام گھڻو تڪراري بھ رھندو آيو آھي ۽ ان ۾ انھن آمرن جو اھم ڪردار آھي، جن آمرن اقتدار تي قبضو ڪري آئين کي پائمال ڪيو ۽ ججن کي دھشت ۾ آڻي پنھنجي مرضيءَ جا فيصلا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ڪوشش ۾ بدقسمتيءَ سان ھو گھڻي ڀاڱي ڪامياب بھ رھيا. اھو ئي سبب آھي تھ اسان وٽ عدليا جي حوالي سان “نظريھ ضرورت” جو محاورو بھ پيش ٿيندو رھيو آھي. آمريت جي ان پس منظر ۾ ھن مھل تائين اسان جي عدليا الزامن جي مينھن ڦاٽل ڇٽيءَ سان بيٺل نظر آئي آھي. ھن وقت بھ عدليا جي مٿان اڪثر کليل لفظن ۽ ڪڏھن ڪڏھن لڪل لفظن ۾ تنقيد جا تير وسندا رھيا آھن ۽ سلسلو خيرن سان ھن مھل تائين جاري آھي. پاڪستان ۾ اھا مضبوط روايت بڻجي وئي آھي تھ جنھن بھ ڌر يا پارٽيءَ جي حق ۾ فيصلو نھ ايندو آھي تھ اھا ڌر ميڊيا جي معرفت ان فيصلي تي نھ صرف عدم اعتماد جو اظھار ڪندي آھي پر عملي طور تي اھڙي فيصلي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار بھ ڪندي آھي.

پاڪستان جي ڏھن سالن جي تاريخ بھ ان قسم جي معاملن سان ڀريل آھي. نواز شريف کي پنھنجا سور ۽ صدما آھن تھ زرداريءَ کي پنھنجي ڏکن جو افسوس آھي ۽ عمران خان جو تھ ھاڻي آسرو ئي عدليا مان آھي. عمران خان عدليا جي سلسلي ۾ ان ڪري بھ پنھنجا چپ بند رکي ٿو جو ھن کي عدليا جي پاران اھڙي ڪنھن بھ فيصلي جي آمد جي عملي شڪايت نھ رھي آھي، جنھن کي ٻڌي ڪپتان جي پيشانيءَ تي پگھر اچي وڃي. ان حوال سان عمران خان جو مثال ڪجھھ مختلف آھي. جڏھن تھ پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽيءَ کان بھ وڌيڪ مسلم ليگ ن ۽ مسلم ليگ ن ۾ بھ شريف خاندان ۽ شريف خاندان ۾ بھ ميان نواز شريف ۽ ھن جي ڌيءَ مريم نواز کي عدليا جي حوالي سان تمام گھڻي تڪليف پھتل آھي. اھو ئي سبب آھي تھ ڪالھھ جيڪا پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي مٿان تنقيد ڪندي ھئي.، اڄ اھا پارٽي عدليا جي مٿان تنقيدي گھوڙن جون واڳون ڇڪي بيٺل آھي. ھيءَ اھا ئي پارٽي آھي، جنھن کي پاڪستان جي تاريخ ۾ اھو “اعزاز” بھ حاصل رھيو آھي تھ ان سپريم ڪورٽ جي مٿان چڙھائي ڪئي ھئي. ھن وقت مسلم ليگ ن جي قيادت جي عدليا مٿان ناراضگي آھي. ھن وقت ان ناراضگيءَ جو مقدار ان ڪري بھ وڌي ويو آھي جو عدليا پاران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي سلسلي ۾ اھو فيصلو ڏنو ويو آھي، جيڪو فيصلو ھن حڪومت جي حق ۾ نھ آھي پر سوال اھو آھي تھ ڇا اھو فيصلو غيرآئيني آھي؟ اسان جي ملڪ جي وڏي بدقسمتي اھا آھي تھ اسان جون سياسي پارٽيون قانون مطابق ھلڻ بدران قانون کي پنھنجي پٽاندڙ ھلائڻ جي ڪوشش ڪنديون رھيون آھن. سياست جي اھا روش ملڪ کي ھن موڙ تائين وٺي آئي آھي. انصاف جي ادارن تي قبضو ڪرڻ وارين قوتن کي اھو ڪڏھن سمجھھ ۾ ايندو تھ انصاف تي پھريون حق عوام جو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button