رياست جي هڪ ٿنڀ پاران عمران خان کي جنهن طريقي سان ريسڪيو ڪيو پيو وڃي، ان مان ڪجهه حلقا هي نتيجو ڪڍن ٿا ته ممڪن آهي ته طاقتور اسٽيبلشمينٽ به عمران خان جو ساٿ ڏئي رهي هجي ۽ اها سهولت ڪاري جو ڪم به ڪندي هجي. جيڪڏهن هي سوچ درست آهي ته پوءِ ڇا ان نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته اسٽيبلشمنٽ ۽ موجوده اتحادي حڪومت ۾ معاملا انتها جي حد تائين خراب ٿي ويا آهن ۽ ٻنهي ۾ علحدگي به ٿيڻ واري آهي؟ اتحادي حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ پاران ظاهري طور تي اهڙو ڪوبه اظهار سامهون نه آيو آهي، جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ته اهي هڪ پيج تي ناهن، ايترو ضروري چئي سگهجي ٿو ته جنهن قسم جي معاشي ۽ سياسي صورتحال آهي، ان ۾ ٻنهي اهم ڌرين کي گهربل ڪاميابيون ملي نه سگهيون آهن. اتحادي حڪومت جي عهديدارن پنهنجي ليکي ۽ واڳ ڌڻين پنهنجي طور تي جيڪي ڪوششون ڪيون، انهن جا نتيجا نه اچي سگهيا. ان جو مطلب هي وٺي سگهجي ٿو ته اتحادي حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ ٻئي ناڪام ٿيا آهن؟
عمران خان کي اقتدار جي ايوانن مان نيڪالي ملڻ کانپوءِ ايندڙ اتحادين ۽ اسٽيبلشمينٽ اعتراف ڪيو ته جيڪڏهن باقي ڪجهه عرصو عمران خان اقتدار ۾ رهي ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. پر جڏهن کان اتحادي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي، ان لاءِ به عمران خان ته چئي رهيو آهي ته اها ملڪ کي سريلنڪا جهڙي صورتحال طرف ڌڪي رهي آهي، پر مخالف ڌر جا ڪيترائي سياستدان توڙي معاشي ماهر به چون پيا ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي. ٻين کي ڇڏيو، ملڪ جي دفاع جي وزير خواجا آصف پريس ڪانفرنس ڪري چيو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، نڪرڻ وارو ناهي. ساڳي طرح سان پي ٽي آءِ نه صرف خواجا آصف جي بيان کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو. پر ايترو به چيو ته هو ته پهريان ئي چئي رهيا آهن ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، معيشت وينٽي ليٽر تي آهي،رڳو رسمي اعلان رهيل آهي!
جنهن ڏينهن کان هي افواهه گرم آهن ته موجوده حڪومت مان جان آجي ڪرڻ لاءِ واڳ ڌڻي سرگرم ٿي ويا آهن، ان ڏينهن کان ناڻي جي وزير اسحاق ڊار جي سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. اسحاق ڊار، ناڪام ناڻي جو وزير آهي، يا ڪامياب، اهڙي فتوا ته جاري ڪري نٿي سگهجي پر ان جو مخالف، ن ليگ جو اڳوڻو ناڻي جو وزير مفتاح اسماعيل ضرور چئي ٿو ته حڪومت جون معاشي پاليسيون ناڪام آهن، اسحاق ڊار رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. هن ته ايترو به چيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف، پيسا ڏئي به ڇڏي، ان جي باوجود ملڪ کي ڏيوالي کان ڪوبه بچائي نٿو سگهي.
ملڪ کي درست ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ هڪ طرف چين، عالمي ادارن تي زور ڀري پيو ته عالمي برادري هر صورت ۾ پاڪستان کي معاشي طور تي ريسڪيو ڪري. عالمي مالياتي فنڊ جي سربراهه خاتون به پاڪستان سان همدردي جو اظهار ڪيو، سعودي عرب سميت پاڪستان جي واڳ ڌڻين توڙي سياسي خاندانن، خاص ڪري ن ليگ جي اتحادين به نرم گوشو ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، ان مان هي سمجهيو ويو ته پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو. پر اوچتو، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جو انتهائي دل خراش بيان سامهون آيو. عالمي مالياتي فنڊ جيڪي شرط رکيا هئا، انهن کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو ۽ ايترا ته عوام دشمن مطالبا ڪيا ويا، جو عام ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. پاڪستان جي حالت بلڪل اهڙي ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي، جهڙي مصر جي ٿي هئي، آءِ ايم ايف، مصري شهرين جي ابتي کل لاهي ڇڏي هئي. اتي ته فوجي آمر اقتدار ۾ آهي،جنهن کان ڪوبه پڇڻ وارو ناهي، پر اسان جي صورتحال انهن کان گهڻي مختلف آهي. اسان وٽ سياسي پارٽيون به وڌيڪ متحرڪ آهن ۽ هر حڪومت واڳ ڌڻين يعني اسٽيبلشمينٽ جي محتاج رهي ٿي. مصر ۽ پاڪستان جو سياسي تاڃي پيٽو به بنهه الڳ آهي، پر ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ تباهي مچائيندڙ مهانگائي ساڳي نوعيت جي آهي. اسان وٽ ته اڃان عالمي ادارن سان ڪيترائي ٺاهه پائيپ لائين ۾ آهن، جيڪي سامهون ايندا ته صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿيندي. واڳ ڌڻين توڙي حڪومت، کي جيڪي لڳ لاڳاپا استعمال ڪرڻا هئا، انهن ڪري ڇڏيا، پر صورتحال گهڻي بهتر نه ٿي آهي.
جيڪڏهن اتحادي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ناڪامي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان ئي حڪمران ٿيندو؟ ڇا ناڪامي جو اعتراف ڪري موجوده حڪومت کي اقتدار جي ايوانن کان ٻاهر اچي وڃڻ گهرجي؟ ڇا موجوده حڪومت به ايوانن کان ٻاهر ايندي ناڪامي جا الزام واڳ ڌڻين تي هڻندي يا عمران خان تي؟ ممڪن آهي ته موجوده صورتحال جي خرابي جو ذميوار عمران خان کي ئي قرار ڏنو وڃي، ان سان گڏ واڳ ڌڻي، نون اتحادين جي ڳولا ۾ هجن. هينئر تائين بادشاهه سلامت جو ڪوبه گهوڙو سياست ۾ سرگرم ناهي، نه ئي وري موجوده حڪومت کي پاسيرو ڪرڻ لاءِ ميڊيا کان سياستدانن تائين ڪا مهم شروع ٿي هجي. صرف عمران خان کي ملندڙ سهولتن مان اندازو لڳايو وڃي ٿو ته شايد هينئر به اصل حڪمران ان کي وڃائڻ نٿا گهرن. هينئر ته پنجاب ۾ عام چونڊن جي تاريخ به طئي ٿي وئي آهي، ان سان گڏ ڪي پي ڪي ۾ به چونڊون ٿي وينديون. ڇا ڪوئي هي اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو ته ٻنهي صوبن ۾ نه ئي سهي، عمران خان ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب مان سوئيپ ڪندو؟
هينئر حڪومت لاءِ وڏو اشو آءِ ايم ايف سان ٺاهه نه ٿيڻ ۽ هيل تائين عالمي اداري جي شرطن جي نتيجي ۾ آيل مهانگائي جو طوفان آهي. هي صورتحال جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ ايندي، ان کي ورثي ۾ ملندي. موجوده صورتحال کي بهتر بنائڻ واري ڪابه قوت نظر نٿي اچي. واڳ ڌڻين جيڪو تاثر ڏنو پئي ته شايد، موجوده حڪمرانن کان جان آجي ڪرائجي، انهن کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اسحاق ڊار کي ميدان ۾ لاٿو ويو. اسحاق ڊار، کي ڊي مورالائيز ڪرڻ لاءِ پهريان ته ان جي استعيفا جو Filler ڇڏيو ويو، جنهن تي هو گهڻو آپي کان ٻاهر به نڪتو. ان کانپوءِ هن انگن اکرن جي مدد سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ذميوار موجوده حڪمران ناهن، پر عمران خان ۽ ان جا ساٿي آهن. ان سان گڏ واڳ ڌڻين کي به پيغام ڏنو ويو ته ملڪ نه ئي ڊيفالٽ ٿي رهيو آهي، نه ئي ٿيندو. توڙي جو ناڻي جا ذخيرا انتهائي گهٽ آهن، پر هي به آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پنج ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم خانگي بينڪن وٽ به موجود آهي، جنهن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. هاڻ حڪومت جي ان اشاري سان ڪهڙا ناڪاري نتيجا سامهون ايندا، اهو به ڏسڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ميان نواز شريف جي حڪومت جي ڏينهن ۾ جڏهن ايٽمي ڌماڪا ڪيا ويا، انهن ڏينهن ۾ کاتيدارن جا ڊالر اڪائونٽس قبضي ۾ ورتا ويا. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته عالمي سطح تي حڪومت تي موڙي سيڙائيندڙن جو اعتماد ختم ٿي ويو هو. بهتر صورتحال ٿيڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويا، پر هاڻ وري اتي ئي پهتا آهن،جتان پهريان ئي گذري چڪا آهيون!
موجوده معاشي صورتحال ۾ سڀني کان وڌيڪ عام ماڻهو ئي ڀوڳي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته مهانگائي جي شرح 48 سيڪڙي تائين پهچي چڪي آهي، جنهن تي ڪنٽرول ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي. هينئر هڪڙو ريليف ملي سگهي ٿو ته ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ ٻوڏ جي تباهي جي باوجود ڪڻڪ جي پوکي ٿي وئي ۽ هاڻ نئين ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ان سان ڪڻڪ سان گڏ اٽي جي قيمت ۾ به گهٽتائي ٿي ويندي. سايون ڀاڄيون به مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن ۽ ڪيترين ئي زرعي جنسن جا اگهه گهٽ ٿيا آهن. اسان وٽ کاڌي جي تيل ۽ ٻيون ڪجهه شيون ٻاهران گهرائڻيون پون ٿيون. ان سان گڏ پيٽروليم جون شيون به امپورٽ ڪرڻيون پون ٿيون، جن تي ڳري رقم خرچ ڪرڻي پئي ٿي. هينئر سيارو به نڪري ويو آهي، انڪري توانائي جي شين جي گهرج ۾ به گهٽتائي ٿي ويندي. هي ڪجهه قدرتي فائدا آهن، جيڪي ملڻ وارا آهن، ان سان ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي وچ ۾، خال گهٽجي ويندو. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن حڪمران هٿ پير هڻي وٺن ته معاملا درست ٽريڪ تي اچي سگهن ٿا.
هي ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي ته ملڪ جي بحران جا اصل ذميوار ته واڳ ڌڻي يا اسٽيبلشمينٽ آهي، ان سان گڏ رعايت يافتا طبقو، جيڪو کربين رپيا عياشين تي خرچ ڪري ٿو. وچولو طبقو هجي يا عام ماڻهو، اهي موجوده بحران جا ذميوار ناهن. حڪومت جون پنهنجون عياشيون به آهن،جيڪي صورتحال کي خراب ڪنديون رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ ۽ حڪومت ۾ ٽڪر ٿئي ٿو ته ان سان بهتري بدران وڌيڪ تباهي ايندي. انڪري بهتر اهو ٿيندو ته پهريان اسٽيبلشمينٽ، اتحادي حڪومت ۽ رعايت يافتا طبقو، سمورا فضول خرچيون بند ڪن، انهن کي ملندڙ رعايتون ختم ڪيون وڃن، عوام کي ٿورو گهڻو ريليف ملڻ سان بهتر صورتحال ٿي سگهي ٿي. عالمي مالياتي فنڊ جا شرط پورا ڪرڻ هونئن ئي مشڪل آهن، ڇاڪاڻ ته بجلي، گيس کان وٺي، جن يوٽيلٽيز جي اگهه ۾ واڌ ڪئي ويندي، اهي عام ماڻهو ته افورڊ نه ڪندو، نه ئي حڪومت کي ٽيڪس ملندا، هاڻ ايترو ضرور ٿيندو ته انهن شين جي چوري ۾ اضافو ٿيندو.