ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هن بدترين رهزنيت خلاف ڇا ڪجي؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بينچ بدامني بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز جي گھرائڻ ۽ انهن جي انڪشافن کان وڌيڪ ڌوڏيندڙ انڪشاف اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل هي ڪيو آهي ته مغوين جي عورتن سان زيادتي ڪري ويڊيو ڀري ڊارڪ ويب سائيٽ ذريعي وڪرو ڪيا ٿا وڃن جنهن حقيقت کان پوليس جي اعليٰ عملدارن انڪار ناهي ڪيو شايد شرم کان ڪنڌ جھڪايو هوندائون پوءِ پنهنجي نوڪرين جي مجبورين جا دليل ڏيندي اهي ئي روايتي وضاحتون، مجبوريون ۽ ٽال مٽول ته ڪئي وئي پر عدالت جي ٻه رڪني بينچ جيڪا جسٽس صلاح پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو کين تنبيھه ڪندي هڪ مڪمل آپريشن پلان لاءِ کين پابند ڪيو آهي ته هو 3 مارچ 2023 جمع جي ڏينهن تي ڪورٽ ۾ جمع ڪرائن. عدالت کين فرض شناسي جي لاءِ جيڪو ڪجھه چيو آهي پاڻ ان جو ورجاءُ نٿا ڪريون پر هي نقطو ورجائڻ لازم آهي ته عدالت پوليس آفيسرن کي ۽ خاص ڪري آءِ جي پوليس کي هي چيو ته ” زيادتي ٿيندڙ عورتن کي اوهان پنهنجون نياڻيون سمجھي ڪري ايڪشن وٺو” اهو احساس تڏهن ڏياريون ويندو آهي جڏهن ڪو ملازم پنهنجي فرض شناسي جي جذبي کان خالي هجي جيڪڏهن فرض شناسي جو جذبو هجي ته اهڙي جملي چوڻ جي ضرورت ئي پيدا نه ٿئي ۽ ان کان وڌيڪ هي ته اهڙو ماحول ۽ اهڙيون رهزنيتون ۽ وارداتون ئي پيدا نٿيون ٿي سگھن عدالت جي اندر جيڪي حقيقتون سامهون آيون آهن انهن ۾ هڪ هي ته هي ڏوھه ڪي معاملي نوعيت جا ناهن پر اهي معاملي ڏوهن کان وڌندي بد کان بدتر صورت اختيار ڪندي هڪ وحشت جي ڪرمنل انڊسٽري بڻجي چڪي آهي جنهن ۾ سالانه ڪروڙين روپين جي انڪم ٿئي ٿي ۽ ان جا ڀاڱي ڀائيوار ڏوهاري مافيا سان گڏوگڏ اهي نام نهاد وائيٽ ڪالر چڱا مڙس ۽ ڪيترائي ڀوتار وغيره وغيره اچي ٿا وڃن جيئن جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته “عدالتي مجبورين سبب وڌيڪ راءِ نٿا ڏئي سگھون حقيقت جي پوري پوري خبر آهي …”
ساڳئي طرح پاڻ اخباري مجبوري سبب اهي سڌا انڪشاف جيڪي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا نٿا ڪري سگھون ته ڪهڙا بنگلا، ڪهڙا ڀوتار ۽ سردار انهن رهزنن جا سرپرست آهن ۽ اهي رهزن ڪنهن جا ڪنهن جا دادلا ۽ پيارا آهن هاڻي ته هي حقيقت به عيان ٿي چڪي آهي ته سنڌ حڪومت جي پوري انتظامي مشينري ۽ وزير اعليٰ سان گڏوگڏ وزير مشير ۽ تمام پارليامينٽ جا ميمبر ڏوهن جي تفصيلن مان ميڊيا وارن کان وڌيڪ عدالت کان وڌيڪ پر ڪنهن حد تائين ۽ ڪجھه نقطن تي پوليس کان به وڌيڪ باخبر آهن رهزنيت جي انڪشافن ۾ هي به ٻڌايو ويو آهي ته اهي ڌاڙيل جن مغوين کي کڻي پاڻ وٽ قيد ٿا ڪن انهن جي معصوم ڀينرن ۽ ڌيئرن کي ڀنگ عيوض گھرائي انهن سان جنسي زيادتي جون ويڊيو ريڪارڊ ڪن ٿا ۽ خاص ڪري انهن جي عمر 8 سالن جي ۽ 10 سالن جي ٻڌائي وئي آهي سنڌ جو عوام گھڻي ڀاڱي انهن وارداتن کان بي خبر هيو پر هي سوال اسان سڀني ماڻهن جي اڳيان هيو ته هي رهزن غريب ۽ مسڪين پورهيتن کي اغوا ڪري ڇا حاصل ڪندا اها ڄاڻ ئي نه هئي ته هو غريب ۽ مسڪينن کي اغوا ڪري انهن تي تشدد ڪري انهن جي ويڊيو ڀري ڪري انهن جي خاندان ۽ مٽن کي موڪلي کين مجبور ڪندا رهيا آهن ته هو عيوضي ۾ معصوم نياڻيون پهچائن جنهن مان بظاهر هي اندازو لڳايو ٿي ويو ته ٿيندڙ زيادتين بابت شرم سبب متاثر ماڻهو ڪنهن کي نه ٻڌائيندا پر انهيءَ ئي مافيائن جي اندر جڏهن مستي، بي خوفي وڌي وئي ته پوءِ هو پاڻ ئي شايد اهڙا انڪشاف ڪندي پنهنجي وحشت ۽ درندگي جو ڏهڪاءُ وڌائڻ جو عمل ڪيو آهي يا رياست جي مخبر ادارن سان گڏوگڏ معلومات رکندڙ ادارن کي اها معلومات ملي چڪي آهي انهيءَ ۾ هڪ سوال اسان جي آڏو باربار اڀري ٿو اچي ته اهي وارداتون ڪيتري عرصي کان ٿينديون رهيون آهن ۽ اسان جي رياست جي ادارن سان گڏوگڏ سرپرستن کي ڪڏهن کان ڄاڻ آهي ۽ انهن مان هن وقت تائين ڪنهن به اهو انڪشاف ناهي ڪيو مغوين سان يعني مردن سان تشدد ۽ ريپ جون ويڊيو ڀري وائرل ڪيون ويون پر هي عورتن ۽ معصوم نياڻين جي ويڊيو جو ڪاروبار ڪيئن ۽ ڪهڙي مافيا جي ذريعي ٿئي ٿو انهيءَ جي ڄاڻ اسان کي ڪورٽ جي ڪيس ٻڌڻ جي دوران معلوم ٿي آهي ۽ اسان کي هي به معلوم ٿيو آهي ته هڪ طرف سنڌ رڳو ڦرجي نه پئي پر پنهنجي عزت ۽ عصمت چيهون چيهون پئي ٿئي ٻئي طرف اڌ کان وڌيڪ پوليس وي آئي پي پروٽوڪول ۾ انگيج آهي عدالت جڏهن پوليس وارن کان پڇاڻو ڪيو ته “ايس ايس يو ڪمانڊو گھوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ ڇو نٿا مقرر ڪيا وڃن” ته جواب ۾ آءِ جي صاحب اهوئي ٻڌايو ته “اهي وي آئي پي پروٽوڪول جي ڊيوٽي ۾ آهن”
سنڌ جو هي ڏکيو دور ناهي پر هي ذلتي دور آهي ۽ ان ذلتي دور مان اتر سنڌ گذري پئي جڏهن اتر سنڌ جي اندر راڄوڻا جھيڙا قبيلي جي نالي تي هڪ پري پلان حڪمتِ عملي ۽ سازش جي بنيادن تي شروع ڪرايا ويا هئا ۽ اهو دور جنرل ضيا جي آمريت جو دور هيو جن ۾ رڳو جھيڙا نه هئا پر ان سان گڏوگڏ راڄوڻا فورس به آرگنائيز ڪيا ويا هئا اسان جي ريڪارڊ تي اهو موجود آهي ته ڪهڙين برادرين، ذاتين ۽ روحاني جماعتن جي نالي تي اهي نام نهاد فورس جوڙايا ويا هئا اتر سنڌ جي اندر ڪو ضلعو اهڙو نه هيو جيڪو راڄوڻن جهيڙن جي باهھ ۾ نه پئي سڙيو ڪنهن به معاملي ڳالهھ ڪنهن چوري جي واردات تي يا چور مرڻ جي عيوضن ۾ ڪارنهن جي الزامن کي بنياد بڻائي ته جھيڙا ڪيا ويا پر زمينن جا تڪرار ۽ اهي به گھڻو ڪري اهي زمينون جيڪي منگلا ڊيم جي متاثرن ۽ ريٽائرڊ فوجين کي مليون هيون جيڪي هڪ جي قبضي ۾ ڏنيون ويون ۽ ٻين کي کاتا ڏنا ويا ۽ انهيءَ کان علاوه معمولي معمولي تو تو مان مان مان پوک مان گدري پٽڻ يا ونگي پٽڻ تي ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيڻ عام عام ڳالهھ هئي هن وقت تائين اها باهھ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڀڙڪي پئي انهن جھيڙن ۽ قتلن کان پوءِ جيڪي نام نهاد سردار جرڳا ڪندا هئا ۽ جرڳا ڪندا آهن انهن ۾ خون عيوض خون ته پاڙيا ويندا آهن پر ان سانحن جي بيان جو مطلب هي آهي ته انهن فيصلن ۾ جھيڙيندڙ ڌرين جي اڳواڻي ڏوهاري گروھه ڪندا هئا ۽ ڪندا آهن فيصلن ۾ جڏهن اهي لوفرن جا ٽولا ايندا آهن ته انهن کي چڱن مڙسن جي اشارن تي کين گلن جا هار پارايا ويندا آهن ۽ لوفر سورما بڻجي کلي عام چوندا آهن ته هيترا قتل ڪيا آهن هيترا زخمي هيتريون اغوائون فيصلو نه ٿيو ته وڙهنداسين وارداتون ڪنداسين.
هن وقت به ڪيترائي سنڌ جا ايريا نو گو ايرا بڻيل آهن ۽ خاص ڪري ڪچي ۾ ته اها عام پريڪٽس آهي ته هنڌ هنڌ ڏوهارين جا مورچا نظر ايندا. هن پورنو گرافي جي انڪشافن کان پهريان هتي چڱن مڙسن ۽ پوليس کي خبر هئي ته ڪيتريون عورتون اغوا ڪري انهن کي انهن نو گو ايريا ۾ قيد رکيو ويو آهي ڪيتريون ئي ڇوڪريون مختلف گروھه انهن کي ورغلائي انهن رهزنن وٽ وڪرو ڪري ويندا آهن اها ته پراڻي هڪ عام جام معلومات آهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ روڊ وارداتن ۾ عورتن جي بيعزتي ڪرڻ انهن جا ڳھه لاهڻ ڪنن مان واليون ڇني پٽڻ يا ڪجھه عورتن کي پاڻ سان گڏ کڻي انهن جو ريپ ڪرڻ ڪيترائي دفعا رپورٽ ڪيو ويو آهي ليڪن مجال آهي جو تر جي پوليس آفيسرن کي پنهنجي فرض شناسي جو احساس ٿئي يا انساني ڏهڪاءُ جيڪڏهن ڪنهن کي ٿيندو آهي ته ڪجھه ئي ڏينهن ۾ ان آفيسر جي بدلي ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي لائن سان بيهاريو ويندو آهي اسان جي چڱن مڙسن ڀوتارن ۽ سردارن کي ڏوهارين جا عيوضا وٺرائي ڏيڻ ۾ ته جنبش نظر اچي ٿي پر ذڪر ڪيل وارداتن تي ڪنهن هڪ کي به اهو احساس ناهي ٿيو ته انهن لوفرن کي لغام ڏيڻ جي لاءِ ڪو قدم کڻن ايتري تائين جو بيان ڏيڻ کان به لنوائي ويندا آهن پر ابتڙ رهزنن ۽ ڏوهارين جي مظلوميت جا داستان ٻڌائڻ شروع ڪندا آهن سنڌ جي زميني صورتحال اسان جي اڳيان آهي جنهن ۾ رياست بيحس ڏوهاري بد کان بدتر وحشت جو حدون اورانگي هڪ پورو رهزنيت
جو نيٽ ورڪ ٺاهي چڪا آهن سياسي ڀوتار انهن کي پنهنجي سياسي مفادن جي لاءِ ۽ حصي پتي جي لاءِ استعمال ڪن ٿا اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي هر ماڻهو جي آڏو هاڻي زندگي ۽ عزت بچائڻ جي لاءِ اهوئي سوال اڳيان آهي ته نيٺ ڇا ڪجي جنهن جو جواب صرف ۽ صرف هي آهي ته ڇا ڪرڻ گھرجي. يعني هاڻي عوام پنهنجي تحفظ جي لاءِ ڀرپور پر امن مزاحمت جي تحريڪ جيستائين آرگنائيز نه ڪندو تيستائين سنڌ ۽ عوام جو مستقبل نٿو بچي سگھي ۽ جي اسان ڪجھه نه ڪيو سي ته پوءِ بدترين ذلت اسان جو مقدر هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button