رانديون

انگلينڊ سپر ليگ ٽيبل تي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

لاهور: بنگلاديش خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي بعد انگلينڊ سپر ليگ ٽيبل تي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. 26 نومبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان سميت 7 ٽيمن جي پڌرائي ڪئي وئي آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رينڪنگ موجب انگلينڊ 155 پوائنٽن سان پهرين پوزيشن تي اچي ويو آهي. نيوزيلينڊ جي پوائنٽس جو انگ 150 آهي ۽ پوزيشن ٻي آهي، ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميزبان ڀارت 139 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي، پاڪستان جي پوزيشن چوٿين ۽ پوائنٽس جو انگ 130 آهي. آسٽريليا پنجين نمبر تي آهي، بنگلاديش جا به 120 پوائنٽس آهن پر ان جي پوزيشن وڌيڪ ٻه ميچون کيڏڻ سبب ڇهين آهي، افغانستان 115 پوائنٽن سان ستين نمبر تي آهي. ويسٽ انڊيز، ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا، آئرلينڊ، زمبابوي ۽ هالينڊ کي اڃا تائين ورلڊ ڪپ ۾ جاءِ لاءِ وڙهڻو پوندو. 10 ٽيمن تي مشتمل ورلڊ ڪپ 2019 جي فارميٽ تي کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button