ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊجيٽل مردشماري: سنڌ لاءِ ڳڻتي جوڳيون حالتون

اھا وڏي بدقسمتي آھي ته ملڪ اندر ھلندڙ ڊجيٽل مردشماري جي نتيجي ۾ سنڌ جهڙي اھم ۽ تاريخي وطن کي مکيه نقصان پھچڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آھي جنھنڪري سنڌ جو تاريخي وجود خطري ۾ پئجي سگھي ٿو. انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف سياسي پارٽين جي ميمبرن کي گهرجي ته پنھنجا ذاتي ۽ سياسي اختلاف ڇڏي، سنڌ جي وجود کي باقاعدي برقرار رکڻ لاءِ زوردار پر ڳنڀيرتا سان ڪوششون ڪن. انھيءَ سلسلي ۾ ھڪٻئي ۽ خاص ڪري سنڌ سرڪار سان سھڪار ڪرڻ به ضروري آھي. اسان جو چوڻ آھي ته انھيءَ سلسلي ۾ جيڪڏھن ڪنھن کي جائز شڪايتون آھن ته ڀلي سنڌ جي فائدي خاطر انھن تي اعتراض ڪن ۽ مناسب ھجي ته نيڪ نيتيءَ سان دور ڪرڻ جون ڪوششون به ڪن. ھونئن به ڏسجي ته وفاق جو سنڌ کي سندن جائز حق ڏيارڻ بدران انھيءَ سان زيادتين جو سلسلو شروع کان جاري آھي. انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ جو عوام توڙي سنڌ سرڪار ڪيترا ڀيرا وفاق وٽ اعتراض به ڪندا رھيا آھن پر پوءِ به سنڌ سان انصاف يا ته ڪونه ٿيندو آھي يا وري بلڪل گهٽ ٿيندو رھندو آھي.
ھاڻي ناانصافي اھا آھي ته سنڌ ۾ آباديءَ جي ڳڻپ جي سلسلي ۾ نئين زيادتي اختيار ڪئي وئي آھي. جيئن ته اھڙين زيادتين جو خطرناڪ اثر اڳتي ھلي سنڌ کي نقصان پھچائيندو تنھنڪري سنڌ جو احتجاج جائز آھي جنھن کي اھميت ڏيڻ گهرجي. ھونئن به ڏسجي ته سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وفاق کي وڌ کان وڌ مالي مدد ڏيندي رھي آھي پر وفاق ڏکين حالتن ۾ به سنڌ جي ڀرپور مدد ڪرڻ بدران گهٽ مدد ڪندو رھيو آھي جيتوڻيڪ سنڌ جي دکدائڪ حالتن کي ڏسي وڌ کان وڌ مدد ڪرڻ گھرجي ھا.
ٻئي طرف، ميڊيا جي خبر موجب پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي سربراھ بلاول ڀٽو زرداريءَ ڊيجيٽل آدمشماري تي ڳڻتي ڏيکاري، وفاق جو ساٿ ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي. سندس چواڻي سنڌ اڪيلو صوبو آهي جنهن کي آدمشماري تي ڳڻتي آهي، وفاقي سرڪار پ پ پ جي اعتراضن تي ڌيان نه ڏيندي ته سنڌ وفاق جو ساٿ ڪونه ڏيندي.
ڪراچيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي، بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ ھو ته ڊيجيٽل آدمشماري تي اسان جا اعتراض حل ناهن ڪيا ويا، آدمشماري کي سپورٽ ڪري سگهون ٿا پر جيڪو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو ان جي پٺڀرائي نه ڪنداسين. سندس چواڻي آدمشماري واري معاملي تي وفاق سان ڳالهائيندس، ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسان آدشماري کي رد ڪنداسين.
جيئن ته ھاڻوڪي حالتن کي ڏسي، بلاول ڀٽو زرداريءَ جو بيان اھم آھي تنھنڪري سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ سندس بيان جو وڌيڪ حوالو ڏبو. پرڏيهي وزير اھو به چيوته مُلڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، اصل مسئلا نبيرڻا پوندا، مُلڪ تاريخي ڏُکيائين مان لنگهي رهيو آهي ۽ امن امان جون حالتون ڳڻتي جوڳيون آهن، خطرا نه هجن ته اسان اقتصادي گهوٽالي کي پهريان اھميت ڏيون. پ پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان جو مقابلو معيشت ۽ بيروزگاري سان آهي ڪنهن سليڪٽر سان نه، ڏک ٿيندو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد جو جيڪو واعدو وفاق ڪيو اُهو نه پاڙيو ويو، وفاق کي 4.7 بلين جو واعدو پورو ڪرڻو هو، اِهو معاملو وفاقي ڪابينا ۽ قومي اسيمبلي جي گڏجاڻين ۾ اُٿاريو ويندو. وفاق پنهنجي اھميت سنڌ ۽ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن کي ڏيندو ته هاڪاري پيغام ويندو. وفاقي سرڪار متاثرن سان وعدا نه پاڙيا ته ماڻهو اسان کان سوال ڪندا، اهڙين حالتن ۾ اسان لاءِ وزارت رکڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو.
ٻئي طرف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ ھو ته اسان جا خدشا ختم نه ٿيا ته آدمشماري کي رد ڪنداسين. سيڊ سبسڊي پروگرام جي افتتاحي تقريب ۾ تقرير ڪندي مراد علي شاهه جو چوڻ ھو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ جي هدايت تي اسان ٻوڏ سٽيلن جي ڀرپور مدد جو فيصلو ڪيو هو، آبادگارن جي مدد ۾ ڪجهه دير ٿي جنهن تي افسوس ڪريان ٿو، اسان وفاقي سرڪار طرفان رقم ڏيڻ جي افسوس تي اسان پاڻ رقم ادا ڪئي. آدمشماري جي حوالي سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي آبادي کي گهٽ ڳڻيو ويو ته اِهو نه سھنداسين، مردشماري بابت ڪجهه خدشا آهن ۽ ڳڻپ کاتي کي ان حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان کي آدشماري بابت شين کان آگاهه نه پيو ڪيو وڃي، شمار ٿيندڙ فرد جي ڊيٽا اُن کي صوبائي سرڪار کي فراهم ڪئي وڃي.
آدمشماريءَ بابت سنڌ جي وڏي وزير صلاح ڏني آھي جيڪا ظاھري طرح مناسب آھي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سڀني کي درخواست آهي ته آدمشماري ۾ وڌي چڙهي حصو وٺو، خاطري ڪرايو ته آدمشماري وارا اوهان جي درست ڊيٽا شامل ڪري رهيا آهن، پر جيڪڏهن اسان جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته اسان آدمشماري کي رد ڪنداسين. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ ھو ته آدمشماري ۾ سمورن ماڻهن جي باقاعدگي سان ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن کي گهرجي ته گهرن جي سمورن فردن جي ڳڻپ کي يقيني بڻائين. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آدمشماري بابت اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري، صوبائي سيڪريٽريز ۽ سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي حصو ورتو. وڏي وزير سنڌ ٻيھر چيو ته مان چاهيان ٿو ته آدمشماري ۾ سمورن ماڻهن جي باقاعدگي سان ڳڻپ ڪئي وڃي، مردم شماري قومي فرض آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي ڳڻپ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته هي هڪ ڊجيٽل مردم شماري آهي ۽ ٽيبليٽ ذريعي ڊيٽا داخل ڪئي پئي وڃي. مردم شماري جي آگاهي مهم کي تيز ڪيو وڃي ۽ ٻهراڙي سطح تي سڀني گهرن ۽ آبادگارن جي ڳڻپ کي يقيني بڻايو وڃي.
ٻئي طرف، اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته هن آدمشماريءَ ۾ سنڌ جي آباديءَ سان گڏ افغانين، برمين، بنگالين سميت سمورن پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي آباديءَ کي پڻ پاڻ ڳڻائڻ جو حق ڏنو ويو آهي جنهن سان ڌارين ۽ ٻاهرين کي سنڌ ۾ ملڪيت ۽ شهريت ملڻ جا حق حاصل ٿي وڃڻ ۽ سنڌين جي ٿورائيءَ ۾ بدلجي وڃڻ وارو خطرو وڌي ويو آهي. تنهنڪري ڊجيٽل ڳڻپ جي سمورن مرحلن ۾ ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ جي شرط لاڳو ڪرڻ تمام ضروري آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهن ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ جي اصل آباديءَ کان ڌار ڳڻيو وڃي ۽ انهن کي سنڌ جي پي آر سي، ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ پڻ جاري نه ڪيا وڃن ته بھتر ھوندو. اھا به مناسب رٿ آھي.
بھرحال، سنڌ جي سڀني ميمبرن کي دلي عرض آھي ته ھو سنڌ جو مسئلو نبيرڻ ۽ سنڌ کي وڌ کان وڌ فائدي ڏيارڻ لاءِ نيڪ نيتي ۽ بردباريءَ سان ڪارروايون ڪن، رڳو لاڳيتا جذباتي بيان ڏئي سنڌ جي ماڻھن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جو ڌنڌو بند ڪن جنھن ۾ سنڌ جو اڳتي ھلي فائدو ھوندو. بھرحال، اسان سڀني کي سنڌ جي فائدي کي وڌيڪ اھميت ڏيڻ گهرجي. اھا وڏي بدقسمتي آھي ته اسان وٽ ڪيترا سياسي ماڻھو، رڳو سکڻا بيان جاري ڪري گذرسفر ڪندا رھندا آھن مطلب ته سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ باقاعدي ڪوششون ڪن ته بھتر ھوندو. مون دنيا جا کوڙ ملڪ گھميا آھن پر خاص ڪري نوٽ ڪيو اٿم ته آمريڪا، يورپ ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ ڪيترا ماڻهو پنھنجي وطن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ زوردار ڪوششون ڪندا رھندا آھن جنھن جي نتيجي ۾ اھي ملڪ ترقي ڪندا رھندا آھن پر اسان وٽ اھو رواج گهٽ يعني بلڪل گهٽ آھي. بھرحال، سنڌ جي پراڻي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ سڀ گڏجي بھتر جدوجھد ڪندا رھندا ته ان ۾ سنڌ جي نه رڳو ڀلائي سمايل ھوندي پر سنڌ ٽٽڻ کان به بچي ويندي جيڪو وڏو ڪارنامو ھوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button