عورتن جو عالمي ڏينھن بھ گذري ويو. جلوس نڪتا. جلسا ٿيا. نعرا لڳا. رقص پيش ڪيا ويا. پراڻا مطالبا ورجايا ويا. نئين سر قراردادون پاس ڪيون ويون. سوشل ميڊيا ھڪ ڏينھن لاءِ عورتن جي نعرن ۽ نغمن ۽ تصويرن سان ڇلڪيو. ھاڻي آھستي آھستي اھو شور بير جي گجيءَ وانگر ويھي رھيو آھي. ڪجھھ وقت کان پوءِ وسري ويندو تھ عورتون عذاب بھ آھن. انھن سان انصاف ٿيڻ گھرجي. انھن کي جائز ۽ حقيقي آزادي ملڻ گھرجي. وري ٻيھر 8 مارچ ايندي تھ ڪجھھ سچيون ۽ ڪجھھ ڪوڙيون عورتن جي حقن جو علمبردار ناريون نمودار ٿينديون. اھو سلسلو سالن کان وٺي ھلندو رھيو آھي. معلوم ناھي تھ ان سلسلي جو انت ڪڏھن ايندو؟ ڪڏھن عورتن جي تحريڪ پنھنجي ڀرپور انداز سان اٿندي. اھا تيستائين ھلندي رھندي، جيستائين عورتن کي ھن معاشري ۾ اھا جائز حيثيت نھ ملي، جيڪا انھن جو حقيقي حق آھي.
عورتن جي آزاديءَ جو جڏھن بھ ذڪر ٿيو آھي، تڏھن اھو دليل ٻڌڻ ۾ آيو آھي تھ عورت کي اڃان ڪيتري آزادي گھرجي؟ ھوءَ پنھنجي مرضيءَ سان ڪپڙا پائي ٿي. پنھنجي پسند جو کائي ٿي. نچي ٿي. ڪڏي ٿي. فيشن ڪري ٿي. ھن کي اڃان ٻيو ڇا گھرجي؟
اھو دليل پيش ڪرڻ وارن کي جيءَ ۾ جھاتي پائڻ گھرجي. جيڪڏھن انھن ۾ ڪو شرم ذرو بچيو آھي تھ ان کي استعمال ۾ آڻي ٿورو شرمائڻ گھرجي. انھن کي اھا حقيقت سمجھڻ ۽ تسليم ڪرڻ گھرجي تھ عورت سدائين مرد جي مرضيءَ جي مطابق زندگي گھاريندي رھي آھي. عورت مرد جي ذاتي ۽ معاشرتي غلام رھي آھي. ھوءَ مرد جي مرضيءَ جي محتاج رھي آھي. ھن جي حڪم جي بندي. جڏھن مرد چاھيو آھي تھ ھن کيس ستن پردن ۽ سترھن زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو آھي ۽ جڏھن ھن چاھيو آھي تھ کيس سرعام نچايو آھي. عورت بظاھر پنھنجي پسند تي ھلي ٿي. پر اصل ۾ عورت مرد جي مرضيءَ جو لباس پائي ٿي ۽ لاھي ٿي. اھو فيصلو اصل ۾ مرد جو آھي تھ عورت ڪھڙو ۽ ڪيترو لباس پائي؟ ھوءَ ڪٿي ۽ ڪيئن پيش ٿئي؟ عورت کي پنھنجي مرضيءَ مطابق ھلائڻ جي لاءِ مرد ھڪ مڪمل نظام ٺاھيو آھي. ھوءَ ان نظام ۾ بيوس باندي آھي. ھن جي پنھنجي ڪا بھ چوائس، جن جي پنھنجي ڪا چونڊ ناھي. جيڪڏھن ھوءَ ڪڏھن ڪڏھن چونڊ بھ ڪري ٿي تھ مرد جي ٻن پيشڪشن مان ھن کي ھڪ جي چونڊ ڪري پاڻ کي اھو احساس ڏياري ٿي تھ ھن پنھنجي پسند جي غلاميءَ کي پاڻ چونڊيو. عورت کي ھڪ اھڙي نظام ۾ جڪڙيو ويو آھي، جنھن مان ھوءَ آزاد ٿيڻ لاءِ باندي پکيءَ وانگر پرڙا ھڻي ٿي.
ھيءَ دنيا ھڪ پڃرو آھي. عورت ان ۾ قيد پکي آھي. اھو پڃرو ڪڏھن چور ٿيندو؟ اھو مجبور پکي ڪڏھن پنھنجي آزاديءَ جو آسمان ماڻيندو؟ اھو ڏينھن ڪڏھن ايندو، جڏھن عورت مٿان وڌل غلاميءَ جا زنجير ڪڙيون ڪڙيون ٿيندا؟ اھو وقت ڪڏھن ايندو، جڏھن دنيا جي اڌ آبادي آجي ٿيندي. ھيءَ دنيا عورت جي روپ ۾ اڌوري آزادي جي مالڪ آھي. ھيءَ دنيا مڪمل طور تي قيدخانو آھي. ھن دنيا ۾ اڌ آبادي قيدي آھي ۽ باقي اڌ ان مٿان پھرو ڏئي ٿي. جيڪڏھن ھڪ اوچي نظر سان ڏٺو وڃي تھ جيل ۾ قيدي بھ قيد ھوندو آھي تھ جيل جو عملو بھ قيد ھوندو آھي. فرق صرف اھو آھي تھ ٻنھي جي جيلن جون ڪجھھ الڳ الڳ صورتون آھن.
مرد کي محسوس ڪرڻ گھرجي تھ جڏھن عورت حقيقي طور تي آزاد ٿي تھ ھو بھ آزاد ٿيندو. ھن جي آزادي بھ عورت جي آزاديءَ سان مشروط آھي. جيستائين عورت آجي ناھي. تيستائين مرد بھ آجو ناھي. ڇو تھ عورت ۽ مرد ھڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آھن. عورت ۽ مرد ھڪ ٻئي جو حصو آھي. اھو ڪيئن ممڪن آھي تھ جسم جو ھڪ حصو قيد ھجي ۽ انسان پاڻ کي آجو قرار ڏئي ۽ چوي تھ منھنجي صرف ٻانھن ۾ھٿ ڪڙي آھي يا پيرن ۾ سنگھر آھي؟ انسان جي وجود جي جنھن بھ حصي تي ڪا پابندي آھي، اھا انسان جي مٿان پابندي آھي، ان کي ڪنھن بھ طرح سان جزوي قيد قرار ڏئي نھ ٿو سگھجي. اھو مڪمل قيد آھي.
مرد جو مسئلو اھو آھي تھ ھو پاڻ کي عورت کان الڳ سمجھي ٿو. ھو سمجھي ٿو تھ عورت کي قيد ۽ پابند رکي ھو پاڻ کي آزاد رکي سگھي ٿو. اھا ھن جي ڀل آھي. ھو تاريخي طور تي اھا غلطي ڪندو رھيو آھي. ھن جي اھا غلط روش اڄ بھ جاري آھي. ھو اڄ بھ اھو سوچي ٿو تھ عورت ھن جي ٻانھي آھي. ھن جي گولي آھي. ھن جي غلام آھي. پر ھن کي اھو احساس ناھي تھ عورت کي قيدياڻي ڪري ھن پنھنجي لاءِ بھ پاڻمرادو غلاميءَ جو ماحول پيدا ڪيو آھي. مرد جي آزادي عورت جي آزاديءَ سان مشروط آھي. اھا آزادي ڪنھن بھ طرح سان ورڇ جوڳي ناھي. پر مرد پاڻ کي ھڪ مستقل طور تي دوکو ڏيندو رھيو آھي. ھو پاڻ کي نفسياتي طور تي ٺڳيندو رھيو آھي. عورت ۽ مرد کي الڳ الڳ ڪري ڏسڻ جي روش ئي عقل جي ابتڙ ۽ حقيقت جي منافي آھي. جھڙي طرح انسان کي ٻھ اکيون، ٻھ ھٿ ۽ ٻھ پير آھي. تھڙي طرح ھن ڪائنات ۾ عورت ۽ مرد جو وجود آھي. انھن ۾ ڪڏھن بھ ٽڪراءُ پيدا ٿيڻ نھ گھرجي. پر اھو غلط قسم جو رجحان پيدا ڪيو ويو آھي. ان جي مھنداري مردن ڪئي آھي ۽ انھن اھڙو بندوبست ڪيو آھي، جنھن سان عورت قيد ٿي وئي آھي. جڏھن تھ عورتن جي آزادي ۽ عورتن جي نجات لاءِ نعرا ھڻندڙ ڌريون بھ ان ساڳي غلط روش جي راھه جون راھي آھن.
عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ فيمينسٽ نارين جو منڍ کان وٺي موقف مرد مخالف رھيو آھي. ان جو مطلب اھو ٿيو تھ جيڪا غلطي عورت مخالف مرد ڪندا رھيا آھن، اھا ساڳي غلطي مرد مخالف مايون ڪري رھيون آھن. جيڪڏھن اوھان فيمينسٽ سوچ جو ڦھلاءُ ڪرڻ وارو لٽريچر پڙھو تھ اھو مردن جي خلاف ڌڪار جو ڀرپور اظھار آھي. جڏھن تھ اھو رويو عورتن کي انھن جي آزاديءَ جي ويجھو آڻڻ بدران انھن کي انھن جي حقيقي نجات کان دور ڪري ٿو. اسان کي عورت جي آزاديءَ جي ان تصور کي قبول ڪرڻ گھرجي، جيڪو عورت ۽ مرد کي الڳ ڪرڻ ۽ ان کي ورھائڻ بدران انھن کي گڏي ٿو. انھن کي ھڪ ڪري ٿو. انھن جو ميلاپ ٿو ڪرائي. انھن ملائي ۽ انھن کي ھڪ ٻئي خلاف ٿيڻ واري سوچ جو نقصان سمجھائي ٿو.
عورت ۽ مرد جي وچ ۾ فطري ناتو رشتو جنھن ترتيب ۽ جنھن توازن سان ھجڻ گھرجي، ان توازن ۾ جيڪو بگاڙ اچي ويو آھي، سموري برائي ان پيدا ڪئي آھي. ھن وقت جڏھن انسان خلائن کي تسخير ڪري رھيو آھي ۽ سائنس کي جادوءَ کان بھ اڳتي وٺي ويو آھي. جڏھن ھن عقل ۽ سمجھھ سان ھڪ نئين دنيا آباد ڪئي آھي. ھڪ نئون جھان جوڙيو آھي. تڏھن ھن کي ان ڪميءَ ۽ ڪوتاھيءَ جو احساس ھجڻ گھرجي تھ ھو ستارن ۽ سيارن جي سير ڪرڻ تي تھ نڪتو آھي پر دنيا ۾ ھن پنھنجو پورو اڌ باندي بڻائي رکيو آھي. ھن جو اھو اڌ جنھن مان ھن جو جنم بھ ٿيو آھي. جنھن سان ھو تمام گھڻي محبت بھ ڪري ٿو. جنھن جي لاءِ ھو گيت لکي ٿو. جنھن جي لاءِ ايجادون ڪري ٿو. جنھن کي متاثر ڪرڻ لاءِ ھو وس ھلائي ٿو. جنھن جي منھن تي مرڪ آڻڻ سان ھو لڙڪن جي درياهھ کي تري پار ڪري ٿو. پر ان نادان کي اھو احساس ناھي، اھا سمجھھ ناھي. اھو عقل ناھي تھ “قيد ڪري پيار حاصل ڪرڻ ممڪن ناھي” پيار پڃري ۾ قابو ڪرڻ ۽ باندي بڻائڻ جو نالو ناھي. پيار پڃري جو در کولي ڇڏڻ جو عمل آھي. پيار شڪ ناھي. پيار پڪ آھي. پيار اعتبار آھي.
اشفاق احمد جي گھر واري ۽ اردو ٻوليءَ جي عظيم رائٽر بانو قدسيھ ھڪ ھنڌ لکيو آھي تھ “پيار پنھنجي مرضيءَ سان ان پڃري ۾ ويھي رھڻ جو نالو آھي، جنھن پڃري جي کڙڪي کليل ھجي” پر سوال اھو آھي تھ آخر پڃرو ھجي ئي ڇو؟ ڇا پيار لاءِ ڪو قيد ضروري آھي؟ ڇا محبت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪا پابندي لاڳو ڪرڻ لازمي آھي؟ محبت تھ آزاد روحن جو رشتو آھي. محبت غلامن جو سمجھوتو ناھي. محبت تھ پنھنجي ھٿ سان، پنھنجي مرضيءَ سان بلڪھ ڀرپور مسرت سان پنھنجو پاڻ کي ٻئي جي تڪميل لاءِ قربان ڪري ڇڏڻ جو نالو آھي. محبت پيرن ۾ زنجير وجھڻ جو عمل نھ آھي. پر ھن مھل تائين محبت کي غلاميءَ جي تصور سان پيش ڪيو ويو آھي. ھن مھل تائين محبت مٿان شرط لاڳو ڪيا ويا آھن. ھن مھل تائين پيار تي پابنديون مڙھيون ويون آھن. قانون جوڙيا ويا آھن، دستاويز شايع ڪيا ويا آھن. محبت ھر پني کان پاڪ آھي. محبت ھر شرط کان بلند آھي. محبت ھڪ حقيقت آھي. محبت اھڙي سچائي آھي، جنھن کي ثابت ڪرڻ جي بھ ضرورت ناھي.
دنيا ۾ عورتازاد جو جيڪو تصور پيش ڪيو ويو آھي، ان ۾ بنيادي جھول آھن ۽ اھو ڪڏھن بھ عمل ۾ اچي نھ ٿو سگھي ۽ جيڪڏھن اچي بھ ويو تھ اھو غلاميءَ جي الڳ صورت بڻجي سامھون ايندو. غلامي غلامي آھي. مرد عورت کي غلام بڻائي يا عورت مرد کي غلام بڻائي. ٻنھي صورتن ۾ انسان اڌورو رھندو. انسان جي تڪميل تڏھن ٿيندي جڏھن انسان جا ٻيئي فطري حصا پاڻ ۾ ساڳي توازن ۽ ساڳي ترتيب سان ملندا.
ھڪ يوناني ڏندڪٿا آھي تھ عورت ۽ مرد ڪڏھن ھڪ ھئا. پوءِ انھن کي الڳ ڪيو ويو. ھاڻي ھو ھڪ ٻئي کي تلاش ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي سان ملي پاڻ کي مڪمل ڪرڻ جي جستجو ۾ آھن. عورت ۽ مرد جو الڳ الڳ داستان جدائيءَ جي ڪھاڻي آھي. اھا اڌوري عشق جو افسانو آھي. عورت ۽ مرد جو منصفيءَ جي اعليٰ مقام تي ميلاپ ئي ھن ٽٽل ڦٽل جھان کي نئين سر جوڙي ۽ مڪمل ڪري سگھي ٿو.
ھيءَ دنيا اڌوري انسان جي اڌوري دنيا آھي. ھن دنيا کي مڪمل ٿيڻو پوندو. عورت ۽ مرد کي ملي ھڪ ٿي اھو ثابت ڪرڻو پوندو تھ ميلاپ محبت جي عظيم منزل آھي.