گوڙاڻو ڊيم جي بلڪل ڪنڌي مٿان 5 مارچ 2023ع واري ٽِپهري، ٿرڪول پاران اعلانيل نام نهاد ترقي جي نالي ۾ مارو ديس جي ڪيل انهي تباهي بابت کليل عوامي گواهي هئي، جتي هڪ راڄوڻي ڪٺ ۾ گوڙاڻو جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ڪاٽڻ، حجام جو تڙ، چوٿي جي ڍاڻي، آلي جي ڍاڻي، شيوي جوتڙ ۽ ڏاڀڙي جا ڳوٺاڻا انگن اکرن سان ٻڌائي رهيا هئا ته ڪيئن نه گوڙاڻو ڊيم ٺهڻ کان پوءِ سندن اباڻن پڊن جي بربادي ٿي آهي. گوڙاڻو ۾ منعقد ڪيل انهي عوامي راڄوڻي ڪٺ جو مقصد اهو هو ته جيئن دنيا آڏو اهي اصل حقيقتون رکجن، جيڪي ڪول اختيارين جي ان هڪ طرفي پڌارائي جي پت وائکي ڪري سگهن، جنهن پڌرائي ۾ ڪول اختياريون دنيا کي اهو ٻڌائي رهيون آهن ته گوڙاڻو ڊيم جي تعمير سان سمورو علائقو اصل باغ بهار ٿي ويو آهي. اهو هيئن جو ڪول اختيارين موجب گوڙاڻي ۾ هاڻ ڏيهي پرڏيهي پکين جا ولر لهن ٿا، ڊيم جو پاڻي جانورن توڙي پکين لاءِ بلڪل پيئڻ جوڳو آهي، ان ڊيم ۾ وڏي تعداد ۾ اها مڇي پالي پئي وڃي، جنهن مڇي ۾ ڳوٺاڻن جو پڻ حصو آهي ۽ اها مڇي هر ڀيري جڏهن ڊيم مان ڪڍي ويندي آهي ته ان جو هڪ وڏو وڏو حصو ڳوٺاڻن ۾ مفت ورهايو وڃي ٿو، جنهن تي ڳوٺاڻا تمام گهڻو خوش آهن. پر ڇا واقعي ايئن آهي؟ بس اهو سڀڪجهه ڄاڻڻ لاءِ ئي 5 مارچ تي گوڙاڻو ڊيم مٿان راڄوڻي ڪٺ منعقد ڪيو ويو هو.
گوڙاڻو ڊيم جي اصل حقيقت ڇا آهي؟ تنهن بابت سڀ کان پهرين ڏُک ڀري شاهدي هئي ڳوٺ گوڙاڻو جي پُنهون مل ميگهواڙ جي، جنهن جي ڪڇ ۾ پنهنجي اباڻي ٻنيءَ جا اهي ڪاغذ هئا، جن ڪاغذن کي اختياريون اڄ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ هو شاهد آڱر سان ٿورڙو پري کان گوڙاڻو ڊيم ڏانهن اشارو ڪري ٻڌائي رهيو هو ته…
” او هُو پريان منهنجي ڇهه ايڪڙ سروي زمين هئي، جيڪا ڊيم ۾ اچي وئي ۽ اڄ ڏينهن تائين مون کي ان جو ڪوبه معاوضو نه مليو آهي”
ڪاڪي پُنهون ميگهواڙ جي حياتي جو اهو الميو سچ به ته لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، جو جنهن جاءِ تي سندس اباڻي ٻني هئي، اڄ اتي ڪوئلي جو زهريلو ڪارو پاڻي ڇوليون هڻي رهيو آهي. انهي راڄوڻي ڪٺ ۾ گوڙاڻي جي ايڊووڪيٽ ليلا رام جيڪي ڪجهه ٻڌايو، سو سڀ ثابت ڪري رهيو هو اسان جي ملڪ انهي انصاف واري نظام کي، جتي ڪول اختيارين جو موقف ته شايد اهم آهي پر انهن انصاف گهرن ۾ ٿر جي مارو لوڪ جو موقف اڃان تائين اهو مانَ ناهي ماڻي سگهيو، جنهن وسيلي گوڙاڻو ۽ آسپاس جي ڳوٺن سان انصاف ٿي سگهي. ايڊووڪيٽ ليلا رام جيڪو پنهنجن ساٿين سان گڏجي عدالت ۾ گوڙاڻي جو ڪيس لڳاتار وڙهي رهيو آهي، تنهن ڪيس جو پيرائتو احوال ڏيندي وري به اها اميد ڏيکاري ته هو عدالت مان اڄ به اميد رکن ٿا ۽ کين اوسيئڙو آهي ته دير سوير ساڻن انصاف لازمي ٿيندو.
ساڳي ريت گوڙاڻو جي ئي لڇمڻ داس انتهائي ڏُکيري لهجي ۾ گوڙاڻي جي انهن مِٺن کوهن جا احوال ڏنا، جن کوهن جو پَلر پاڻي سموري ٿر ۾ مشهور هوندو هو پر اڄ پندرنهن کان مٿي اهي کوهه کارا وِهه ٿي چڪا آهن ۽ انهن کوهن جو زهريلو ڪڙو پاڻي انسانن ته ڇا پر جانورن جي پيئڻ جهڙو به ناهي رهيو. لڇمڻ داس ٻُڌائي رهيو هو ته اهي کارا ٿي ويل کوهه نه رڳو پيئڻ جي قابل ناهن رهيا پر هاڻ ته اهي کوهه هروقت ڄڻ ته ڪنهن اوچتي اجل جو گهات پڻ هڻي ويٺا آهن. اهو هيئن جو انهن کوهن جو هر مهيني ڪول اختياريون پاڻي چيڪ ڪرڻ اينديون آهن ته پاڻي ڪيترو خراب ٿيو آهي، تنهن ڪري اهي کوهه ڍڪي به نٿا سگهجن ۽ هر وقت انهن اجڙي ويل کوهن جو مُنهن کليل هئڻ سبب انهن منجهه ڳوٺ جي ننڍڙن ٻارن ٻچن ۽ اڃايل جانورن جي ڪرڻ جو خطرو هوندو ئي هوندو آهي. لڇمڻ داس جو چوڻ هو ته ڳوٺاڻن ڪول اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا اهو چيو آهي ته ٻيلي انهن کوهن مٿان ڍڪ ڏياري چاٻيون ڀل اوهين پاڻ وٽ رکو ۽ جنهن ڏينهن توهان کي پاڻي جي چڪاس ڪرڻي هجي، تنهن ڏينهن پاڻي نموني طور کڻي وري کوهه بند ڪري ڇڏيو ته جيئن اسان جي ڳوٺ مان انهن اجڙي ويل کوهن ۾ ڪرڻ جو ڪو خوف ختم ٿئي پر ڪول اختياريون ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن.
لڇمڻ داس اهو به ٻڌائي رهيو هو ته سندن کوهه کارا ڪري، موٽ ۾ پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي جي نالي ۾ ڳوٺ کي جيڪو آر او پلانٽ لڳائي ڏنو ويو آهي، تنهن مان ملندڙ پاڻي جو مقدار ايترو گهٽ آهي جو جيڪڏهن حساب لڳائجي ته هر ڳوٺاڻي کي روزاني جي حساب سان هڪ ليٽر پاڻي به مشڪل سان ملي ٿو. هاڻي ايتري پاڻي مان گذارو ٿئي به ته آخر ڪيئن!؟ ان سان گڏ حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي جو اهو آر او پلانٽ آچر جي ڏينهن مڪمل طور بند رکيو ويندو آهي. ان جو مطلب ته ڪول اختيارين جي نظر ۾ آچر جي ڏينهن انسانن توڙي پکين پسوئن ۽ جانورن کي اُڃ ناهي لڳندي!!
ساڳي ريت گوڙاڻي کان سواءِ مٿي ڄاڻايل ٻين ڳوٺن مان اچي پنهنجا ڏک سور جن ماڻهن سليا تن ۾ مٺو مل ميگهواڙ، حاميد ڏهٽ، قربان علي انڙ، ميٺارام، دليپ ڪمار ۽ دودي ڀيل سميت ٻين ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جي ڳالهين جو جيڪڏهن گڏيل ڳر کڻي سامهون رکجي ته هو سڀ گڏجي ڪول اختيارين جي غلط بياني مٿان سڌا سنوان گواهه هئا ۽ ٻڌائي رهيا هئا ته گوڙاڻو ڊيم سندن ڳوٺن جي زمينن، وڻن، پکين، جانورن ۽ ٻي جهنگلي جيوت سميت انسانن جي ڪيڏي نه وڏي بربادي ڪئي آهي!!
ڳوٺاڻن جو موقف هو ته گوڙاڻي ڊيم جو پاڻي مڪمل طور تي زهريلو آهي ۽ ڪنهن به ريت جانورن توڙي پکين جي پيئڻ جهڙو ناهي. ڳوٺاڻن جي چوڻ موجب مجبوري سبب جيڪي جانور اُڃ کان ڊيم جو پاڻي پيئن ٿا سي لڳاتار بيماريون ڀوڳي رهيا آهن. ڊيم جي پاڻي جا جانورن تي جيڪي ناڪاري اثر پيا آهن تن ۾ هڪ ته انهن جو کير اڌواڌ گهٽجي ويو آهي ۽ ٻيو جانورن ۾ ڪچا ڦر ڇنڊڻ واري بيماري عام ٿيندي پئي وڃي.
ساڳي ريت پکين جو معاملو آهي، جيڪي ڊيم جو زهريلو پاڻي پيئڻ سان مرڻ لڳا آهن ۽ انهن جو نسل اڳتي وڌڻ جي حوالي سان انتهائي متاثر ٿيو آهي. اهي مقامي پکي جن ۾ ڳيرا، مور، طوطا، ڪانوَ، بلبليون، هيڙا، تِتر ۽ ان قسم جا ٻيا پکي شامل آهن، سي هاڻ ڊيم واري علائقي ۾ گهٽجندا پيا وڃن. ان سان گڏ ڊيم جي اندر هزارن جي تعداد ۾ اچي سڙي تباهه ٿي ويل ڪَنڊين، روهيڙن، ڄارين، ڪونڀٽن، ٻيرن ۽ سِڻ جهڙن وڻن جو ڪڏهن به نه ڀرجي سگهجندڙ نقصان الڳ آهي. واضح رهي ته ڳوٺاڻن موجب ڊيم ۾ اچي سڙي تباهه ٿي ويل وڻن جو اثر سڀ کان گهڻو مال تي پيو آهي ۽ هاڻ نتيجو اهو آهي جو ڳوٺن ۾ اڌواڌ مال گهٽجي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ان مال جو چارو وڻن تي ئي آڌاريل هو.
5 مارچ 2023ع تي ٿيندڙ گوڙاڻي واري راڄوڻي ڪٺ کان پوءِ 7 مارچ 2023ع تي ڌُڪڙڇو ۾ ٿيندڙ راڄوڻي ڪٺ ۾ به ڳوٺاڻن جيڪي ڳالهيون ڪيون، تنهن جو ڳر به لڳ ڀڳ اهو ئي هو ته ڪوئلي جو زهريلو پاڻي سندن سون ورني سرزمين کي سُڃ ۾ تبديل ڪري رهيو آهي. واضح ڪندا هلون ته گوڙاڻي کان پوءِ ڌُڪڙڇو ۾ پڻ ڪول اختيارين زهريلو پاڻي جبري طور ڇوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڌُڪڙڇو ٿر جي اها سڀاڳي ڪُنڊ آهي جنهن جي جر جو پاڻي انتهائي مِٺو ۽ شفاف آهي ۽ اتان جي زمين جو ورق اهڙو ته ڀلو آهي جو اتي ڪڻڪ جي فصل سميت هر قسم جون ڀاڄيون پوکجن ٿيون ۽ ميويدار وڻن ۾ ٻيريون، ليما، چڪون پڻ پوکيا ويا آهن پر هاڻ جنهن تيزي سان ڌُڪڙڇي ۾ ڪوئلي جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو آهي، تنهن کان پوءِ گوڙاڻي جيان ڌُڪڙڇي جو جر پڻ زهريلو ٿي ويندو ۽ سندن سون ورنيون زميون بنجر بڻجي وينديون. ڌُڪڙڇي جو هيرو ڀيل ٻڌائي رهيو هو ته هن پنهنجي زمين ۾ نه فقط ڪڻڪ ۽ هر قسم جون ڀاڄيون ڪاميابي سان پوکيون آهن پر انب جهڙو وڻ، جنهن کي انتهائي مِٺي ۽ ڀلي زمين گهربل هوندي آهي، سي پڻ پوکي ڏٺا، جيڪي مُڙس جي قد جيترا ٿي ويا هئا. پر هاڻ هيري ڀيل موجب اهو سڀ کسجي ويندو، جو سندن حسين وادي ۾ ڪول اختيارين زهريلي پاڻي جو ڇوڙ ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
پاڻ جيڪڏهن گوڙاڻي ۽ ڌُڪڙڇو ۾ منعقد ڪيل راڄوڻي ڪٺ ۾ شريڪ ٿيل سوين ماڻهن جو گڏيل عوامي راڄوڻي فيصلو هتي بيان ڪريون ته اهو فيصلو هيئن وڃي ٿو بيهي ته…
” اسين ڳوٺاڻا پنهنجين زمينن جو مالڪ ڪنهن به ريت ٻئي ڪنهن کي نٿا سمجهون. پوءِ ان ۾ حڪومت هجي يا ڪول ا اختياريون. ٿر جي سموري زمين مارو لوڪ جي آهي، تنهن ڪري گوڙاڻو ۽ ڌُڪڙڇو ۾ ڊيم رٿائون بنادير ختم ڪري ڳوٺاڻن جي ڦٻايل زمين کين موٽائي ڏني وڃي.”