ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ، ڊجيٽل دور، آدم جي ڳڻپ ۽ نيٺ ڇا ڪجي

نيٺ ڇا ڪجي؟ سنڌ جي دردن جو درمان، قانون جي حڪمراني، آئين جي پاسداري، قومي ۽ ثقافتي تحفظ، جاگرافيائي سلامتي، ماڻهو جو قتل، ڪارو ڪاري، ڀوتار جو ڀئو، ڦر، ايمان جو وڪرو، اتحاد جي اڻاٺ يا ٻيا اهڙا ۽ ان جهڙا سوين هزارين سوال ان هڪڙي سواليا جملي ۾ سمائجي وڃن ٿا، ڇوتھ سنڌي سماج اڄ بھ ڪجهه اهڙي مام ۾ منجهيل نظر اچي رهيو آهي، جنهن جو ڇيد اوس ٿيڻو آهي، پر شرط آهي، تھ ڪو حقيقي تاڃي پيٽي کي سمجهي تجويزون ڏئي، هيٺ اهڙا ئي ڪجهه نمايان سوال نيٺ ڇا ڪجي سان سلهاڙجندي نظر اچن ٿا، سنڌ جو اهل دانش انهن تي غور ڪندو، يا نيرو جي بانسري وڄندي، اسين اهل دانش بابت وقت جي حڪمرانن جا درٻاري هجڻ واري رخ تي ڳالهائي نوان بحث اٿارڻ نٿا چاهيون، سو دانش جي تقاضا آهي تھ چلهه ۾ ڪاٺيون ڀريل آهن، باهه ٻاري وئي آهي، تئو تپي ڳاڙهو ٿئي پيو، خدارا جاڳو ۽ عام لوڪ جي پاسي ٿي بيهو.

  1. اسين بنيادي طور 13 صدي ۾ جي رهيا آهيون؟
  2. هي آڳاٽو وحشي دور آهي؟
  3. پٿر جي دور جي انسان جا حق ٿيندا آهن يا نھ؟
  4. نوڪر ۽ غلام جو تصور، ڇا 21 صدي جو سوال آهي؟
  5. اسين آخر ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني انسان آهيون؟
    مٿيان سوال ۽ ڳڻتي ذهن ۽ دل جي حساس خانن ۾ ان ڪري بھ سور جي سنهي سٽ جيان اڀري پريشان ڪري رهيا آهن جو سنڌ جي هڪ وڏي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج صاحبان رمارڪس ڏنا آهن تھ، سنڌ ٻن طبقن ۾ ورهائجي وئي آهي، هڪ اعليٰ آفيسرن تي ٻڌل طبقو آهي ۽ ٻيو غريبن جو غلام طبقو آهي، هاڻ تصور ڪيو تھ سنڌ بنيادي طور اوائلي ڪميون دور ۾ آهي، پٿر جي وقت ۾ هلي وئي آهي، يا وحشي دور جي اهڙي دنيا ۾ ڌڪي وئي آهي، جتي ڏاڍو سو گابو جي چوڻي جيان، زندهه رهڻ جا حق رڳو مراعات يافتا طبقن لا هوندا آهن. سنڌ 21هين صدي جي جديد گهرجن کان تھ 2010ع ۽ 2022ع وارين ٻوڏن کان اڳ بھ پري تمام گهڻو پري هئي، پر هاڻ اها سنڌ، جيڪا رواداري، نياڻين جي احترام، انسانيت جي پرچارڪ، کير وڪڻڻ کي عيب سمجهڻ، ڌاڙيوالن وٽ ڦر ڪرڻ دوران اصول هجڻ، دنيا کي جسم ڍڪڻ لا ڪپڙو ڏيندڙ ۽ ڦيٿو ايجاد ڪري دنيا کي ترقين جي بلندين تي آڻڻ جي امامت رڳو ڪتابن ۾ موجود آهي، پر حقيقت ۾ سنڌ هاڻ وحشت جو ڀوائتو تصور بڻجي وئي آهي، جتي ڪچي جا ڌاڙيوال اغوا ڪيل بيوس انسان سان بدفعليون، عورتن سان ريپ ڪن ٿا، معاشرتي ڪارونهوار انسان کي قتل ڪرڻ ۽ عدم برداشت جي جنون ۾ گهيريل نظر اچي ٿو، پر تاريخ جي شاگرد ۽ حالتن جي تبديلي تي رات بعد صبح جو سج اڀرڻ وارو يقين هجڻ سبب مون کي هاڻ ويجهڙائي واري دور ۾ ئي سنڌ بدلجندي محسوس ٿي رهي آهي، قومي ٻڌي ۽ ايڪي جا منظر خواب نھ هوندا، پر حقيقت ۾ بھ ائين هوندو، ڇوتھ سنڌ ڪجهه ئي سالن دوران زندگي ۽ موت جهڙن مامرن تي ڪر موڙي اٿي آهي ۽ فيصلا پنهنجي حق ۾ ڪرايا آهن.
    آدم جي ڳڻپ سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي، باقي پرڳڻا ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني پنهنجي آدم ڳڻپ ڪرائيندا، اسين انهن تي ڳڻتي ڪرڻ بدران سنڌ ان حساس مامري تي ڪيئن بيهي يا ڪيئن ردعمل ڏيکاري، اهو سوال بھ نيٺ ڇا ڪجي واري سوال جو اهم حصو آهي، ڇاڪاڻ تھ، آدم جي ڳڻپ ٿيڻ وارو قدم هن ڀيري طئي ٿيل مدي هر 10 سالن بدران اوچتو وچ ۾ گهوٻي هڻي پنجين سال ڪرائي پئي وڃي ۽ اها بھ گذريل آدم ڳڻپ جي طريقيڪار بدران ڊجيٽل نموني ٿي رهي آهي، سو غور ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي تھ سنڌ سماجي طور جديد سهولتن کان وانجهيل آهي، ڊجيٽل طريقيڪار ترقي يافتا ملڪن ۾ تھ لاڀ ڏئي سگهي ٿو، پر سنڌ جهڙن معاشرن ۾ اهو طريقو رڳو فريب ئي هوندو، ڇوتھ انٽرنيٽ جي سهولت پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ تھ ديواني جي خواب جيان آهي، پر وڏن شهرن ۾ پڻ هر هڪ ماڻهو وٽ انٽرنيٽ جي سهولت ميسر هجڻ بھ سواليا آهي، تنهنڪري آدم ڳڻپ جي پروڙ عام لوڪ کان ڪوسين ڏور يعني صفا پهچ کان ٻاهر آهي، تنهنڪري اهي ان ڄاڻ کان بھ محروم رهندا تھ سندن پنهنجي ڳڻپ ڪيئن ٿي، درست ٿي يا غلط ڪئي وئي؟ ڊجيٽل پهچ سنڌ جي ڪجهه وڏن شهرن ۾ تھ کڻي ڪجهه نھ ڪجهه ميسر آهي، پر جڏهن ڳالهه ڪچي، جابلو پٽين، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿر جي ريگستان جي ايندي تھ اتي ڳڻپ وارو مرحلو هڪ اندازي موجب 30 سيڪڙو بھ مڪمل نھ ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ تھ انهن علائقن ۾ اوهان جو ڊجيٽل نظام ئي ڪم نھ ڪندو، تنهنڪري اهو طئي آهي تھ، آدم ڳڻپ ۾ بيقائدگيون ڪيون وينديون، ڇوتھ آفيسر ۽ عملو پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ خاطر ڪوڙ تي ٻڌل ڳڻپ رڪارڊ ۾ آڻيندو، ڇاڪاڻ تھ ان جو ڊجيٽل نظام سندس ذميواري هيٺ آيل ايراضي ۾ ڪم نھ ڪندو. هاڻ اچون ٿا، ان پاسي ڏي تھ ڇا سنڌ ڊجيٽل دور جي تقاضائن موجب ڪم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي، اهو سوال خود احتسابي طور سنڌ تي 13 سالن کان حڪمراني سياسي پارٽي، ان جي قيادت ۽ حمايت ڪندڙن کي پنهنجو پاڻ کان ڪرڻ گهرجي، سنڌ جو انفرا اسٽرڪچر اڳ ئي موجود نھ هو، شهري رٿابندي تھ اسان جو خواب رهيو آهي، پر ڳوٺ آباد ڪرڻ جا منصوبا بھ ڀوتارڪي وحشت جو نشانو بڻجندا رهيا آهن، تنهنڪري اهڙي سنڌ، جنهن جو ڪو انفرا اسٽرڪچر ناهي، اهڙي سنڌ جنهن جو مواصلاتي نظام ٽٽل ۽ ڦٽل آهي، اهڙي سنڌ جنهن جي مني آبادي اڄ بھ ڪکاون گهرن، واهن ۽ درياهه جي بندن، خانا بدوش، ماني جي ڳڀي لا پريشان، لڏپلاڻ ۾ مصروف آهي، ان جي مٿان وري جيڪا 2022ع ۾ ٻوڏ آئي، ان رهي سهي ڪسر بھ ڪڍي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت پاڻ تسليم ڪيو آهي تھ، ٻوڏ ۾ 21 لک گهر متاثر ٿيا آهن، جن مان لکين مڪمل تباهه ٿي ويا، لکين رهڻ قابل ناهن رهيا، لکن جي تعداد ۾ ماڻهو اڄ بھ پنهنجن گهرن ۾ ناهي، تنهنڪري انهن جي ڳڻپ ڪيئن ٿيندي ان بابت طريقيڪار طئي ئي ناهي ٿيو، سنڌ سرڪار ۽ ان جو وڏو وزير پاڻ هن آدم ڳڻپ ۾ حيران ۽ پريشان آهي، تنهنڪري سوچيو تھ هن آدم ڳڻپ جا نتيجا سنڌ جي حق ۾ ايندا؟ هڪ پاسي اها صورتحال آهي، ٻئي پاسي سنڌ ۾ ترسايل ٻين پرڳڻن (صوبن) جا رهواسي، افغان پناهگير، برمي، بنگالي ۽ ٻيا لکين ڌاريا آهن، جن کي پڻ هن آدم ڳڻپ ۾ ڳڻڻ جو شڪ پيدا ٿي ويو آهي، جن کي سنڌ جي شهري طور ڳڻڻ بدران پرڏيهي شهري يا پناهگير طور ڳڻڻ جو ڪو بندوبست ناهي، تنهنڪري ڊجيٽل آدم ڳڻپ ڀلي طاقت جي زور تي ڪرائي وڃي، پر اها سنڌ جي مرضي موجب آدم ڳڻپ نھ هوندي، ڇوتھ سنڌ ڊجيٽل دور بدران پٿر جي دور ۾ ڌڪي رکي وئي آهي، جتي زور آور قوت پنهنجي مرضي موجب نتيجا تھ وٺي سگهي ٿي، پر ان کي سنڌ جي آدم ڳڻپ نٿو چئي سگهجي، اسان جو هي خدشو، شڪ يا اعتراض ان ڪري بھ آهي جو هن مهل تائين ڪرائي ويل ڊجيٽل گهر ڳڻپ بابت پڻ صورتحال واضح ئي ناهي، ڪنهن کي ڪا خبر ناهي تھ سندن گهر ڳڻيو ويو آهي يا نھ؟
    آدم ڳڻپ دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ٿيندي آهي، انهن ملڪن ان ڪم جو هڪ طريقيڪار طئي ڪيو آهي، جيڪڏهن مروج طريقن ۾ تبديليون آنديون وينديون آهن تھ پهرين ان بابت مذاڪرا ڪرايا ويندا آهن، سول سوسائٽي، سياسي تنظيمون ۽ اهل دانش انهن تي پنهنجون تجويزون ۽ رايا ڏينديون آهن، بعد ۾ اتفاق را سان فيصلا وٺي انهن تي عمل ڪرايو ويندو آهي، پر پاڪستان ۾ هر 10 سالن بعد ٿيندڙ آدم ڳڻپ جو مدو اوچتو گهٽائي 5 سال ڪيو ويو، مروج طريقيڪار کي ئي تبديل ڪيو ويو، ڳڻپ جو عمل بھ شروع ڪيو ويو، پر ڪنهن کان تجويز يا مشورو وٺڻ بھ پسند نھ ڪيو ويو، هاڻ سنڌ سرڪار، جنهن بابت وفاق اهو چئي رهيو آهي تھ آدم ڳڻپ بابت ٿيندڙ فيصلن ۾ ان جو وڏو وزير شريڪ هو، اتي ان ڪنهن بھ قسم جو اعتراض نھ ڪيو، ان اوچتو آدم ڳڻپ تي اعتراض ۽ خدشا اٿارڻ شروع ڪيا آهن، ڪٿي هي قدم، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ رٿيل عام چونڊن جو هوم ورڪ تھ ناهي؟ سو اسان سنڌ جي ماڻهن آڏو وري بھ اهو سوال سامهون آهي تھ نيٺ ڇا ڪجي؟ اهڙي صورتحال ۾ سنڌ اندر پارلياماني سياست ڪندڙ سنڌ سطح جي جماعتن کي فوري طور گڏيل، سگهارو ۽ يڪرا موقف ڏيڻ گهرجي، اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڇوتھ تاريخ سڀاڻي انهن کان بھ سخت پڇاڻو ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button