پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ آپريشن، دڪانن جا ڇپرا ۽ دڪا پٽ، ريڙها هٽايا ويا

مٺي: مٺي شهر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار پوليس نفري سان گڏ حددخليون ڄاڻائي ڪيترائي ڇپرا، ڌڪا ۽ پورهيتن جا ريڙھا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. ڪشمير چوڪ ڀرسان غير قانوني ڄاڻائي دڪانن جا ڇپرا ۽ دڪا ڊاٿا ويا. آپريشن دوران ريڙھن، دڪانن ۽ ڇپرا هوٽلن وارن انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو. هنن چيو ته بااثر ماڻهن جون اڏاوتون ۽ قبضا هٽائڻ بدران پورهيتن جا ڇپرا ۽ ريڙها هٽائي روزگار کان محروم ڪيو ويو آھي. هوڏانهن اي سي حميد مغل چيو ته شهر ۾ جتي به غير قانوني اڏاوتون قائم ٿيل آهن، اتي آپريشن ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button