ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سعودي-ايران ٺاهه

چين جي صدر شي پنگ جي ڪامياب سفارتي ٽياڪڙيءَ سان صديون پراڻا عربي ۽ عجمي ويري هڪ اهڙو شاندار معاهدو ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿي ويا آهن جنهن کي عالمي تجزيه نگارن Game Changer يعني راند جو پاسو پلٽائيندڙ قرار ڏنو آهي. سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ٿيل انهيءَ ٺاهه جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو آجيان ڪندي بيان ڏنو آهي ته چائنا جي ڪامياب سفارتي ڪوشش کي ساراهيان ٿو. عالمي برادريءَ پاران پڻ سعودي عرب ۽ ايران پاران سفارتي لاڳاپا ٻيهر قائم ڪرڻ ۽ ٻن مهينن اندر بند پيل سفارتخانا رياض ۽ تهران ۾ کولڻ وار معاهدي کي دنيا جي امن لاءِ نيڪ فال ٺهرايو ويو آهي. لکت ۾ ڪيل انهيءَ معاهدي ۾ اهو پڻ طئي ٿيو آهي ته ويهه سال اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جيڪو ٺاهه ٿيو هو، ان تي هاڻي باقاعدي عمل ڪيو ويندو.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اوچتو ئي اوچتو ٻن دشمن ملڪن جي حڪمرانن هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري اسرائيل جي صيهوني حڪومت ۽ ان جي سرپرستي ڪندڙ عالمي سامراج کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. سندن خيال آهي ته هن ٺاهه سان اسرائيل جي ارادن کي ڌڪ رسندو. ان جو ثبوت اسرائيلي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ياريلا پيد پاران سعودي-ايران ٺاهه ٿيڻ شرط وزير اعظم نيتن ياهو کي ناڪام ليڊر سڏڻ آهي. اپوزيشن اڳواڻ چيو آهي ته نيتن ياهو اسرائيلي ماڻهن سان ڪوڙو وچن ڪيو هو ته هو ايران خلاف جيڪو علائقائي اتحاد ٺاهي رهيو آهي ان ۾ سعودي عرب پڻ شامل ٿيڻ جي حامي ڀري ڇڏي آهي. جڏهن ته حقيقت سندس انهيءَ وچن جي ابتڙ ثابت ٿي آهي. منهنجي ذاتي راءِ هيءَ آهي ته سعودي عرب ايران ٺاهه جو سڀني کان گهڻو نقصان امريڪا ۽ سندس ناتو اتحادين کي ٿيندو، جن افغانستان کان وٺي عراق، شام، لبيا ۽ يمن ۾ ناجائز نموني جنگيون ڪرائي رڳو انهيءَ ڪري لکين بيگناهه ماڻهن کي مارائي ڇڏيو آهي ته جيئن سندن ملڪن ۾ معدني وسيلن تي قبضو ڪري موتمار امريڪي هٿيارن جي مارڪيٽ وڌائي ۽ سرمائيداري نظام وڌيڪ سگهارو بڻجي.
جيتوڻيڪ محسوس ايئن پيو ڪيو وڃي ته ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل هيءَ تاريخي ٺاهه ڄڻ اوچتو ئي اوچتو ڪجهه هفتن يا مهينن جي ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ ٿيو آهي، پر حقيقت انهيءَ سوچ جي ابتڙ آهي. هيءُ فيصلو ڪو اوچتو سفارتي چال نه آهي بلڪه ڪيترائي سال اڳ عوامي جمهوريه چين جي دانشمند اڳواڻ ان مهل ڪوشش شروع ڪري ڇڏي هئي، جڏهن عالمي سامراج پاران ايران تي اقتصادي پابنديون مڙهي ان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪرڻ سان گڏوگڏ عرب ملڪن کي ايران سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. ان وقت سعودي عرب ۾ شاهه سلمان جي فرزند محمد بن سلمان جي گرفت اڃا مضبوط نه ٿي سگهي هئي. هيءُ نوجوان ولي عهد جيئن ته آمريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪرڻ خاطر سالن جا سال اتي پڙهندو ۽ گهمندو ڦرندو رهيو. تنهن ڪري پنهنجي پيءُ شاهه سلمان توڙي ٻين اڳوڻن سعودي بادشاهن جي ڀيٽ ۾ روشن خيال آهي. تمام ٿورن ماڻهن کي اها ڄاڻ هوندي ته ولي عهد محمد بن سلمان امريڪا جي ٻن اهڙن جڳ مشهور دانشورن کان متاثر آهي، جن امريڪي سامراج ۽ سرمائيداري سرشتي کي سدائين ننديو آهي. ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته هيءُ شهزادو به نوم چومڪي ۽ برنائي سينڊرس جيان کاٻِي ڌر ڏانهن لاڙو رکندڙ آهي، پر اها حقيقت آهي ته انهن ٻنهي مدبر هستين کان متاثر هئڻ جي ڪري ئي محمد بن سلمان سعودي تخت سنڀالڻ شرط تيل جي آمدنيءَ مان ڪرپشن ڪندڙ سمورن مٽن مائٽن ۽ سرمائيدارن کي گرفتار ڪري نه رڳو قيد ڪيو پر کانئن ناجائز طريقن سان ڪمايل ڌن دولت ۽ ملڪيتون کسي ڇڏيائين. عرب دنيا ۾ هيءُ چار سال پراڻُو واقعو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ان کان علاوه ثقافتي سرگرمين تان بندش ختم ڪري هن سعودي عورتن کي به مرداڻي هڪ هٽيءَ واري سماج مان آجو ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي اهڙا اپاءُ ورتا جن سڄي جڳ جهان کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. شاهي خاندان جي بااثر ماڻهن هن نوجوان ولي عهد کي نه رڳو سندس عهدي تان هٽائڻ لاءِ بلڪه کيس مارائڻ خاطر به سازشون ڪيون پر هو ناڪام ٿي ويا.
عربن ۽ ايرانين وچ ۾ گذريل ڏيڍ هزار سالن کان هلندڙ عرب-عجمي تڪرار جي خاتمي لاءِ ويهه سال اڳ سعودي عرب ۽ ايران يڪو ٺاهه ڪيو هو سو هڪ عالمي سازش ذريعي ختم ڪرايو ويو هو. چائنا جي صدر انهيءَ پراڻي ٺاهه کي به عمل ۾ آڻڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن کي راضي ڪري ورتو آهي. پڙهندڙ اهو ضرور ياد رکن ته چائنا چار سال اڳ هن ڏس ۾ ڪوشش ڪئي هئي، پر نومبر-ڊسمبر 2018ع ۾ جيئن ئي ڪورونا جهڙي موذي مرض چين مان پکڙجڻ شروع ڪيو ۽ سڄي دنيا ان جي گهيري ۾ اچي وئي ته نتيجي طور سال 2019ع کان عالمي ڪساد بازاري (International Recession) جي ڪري بين الاقوامي واپار ۾ وڏو زوال اچي ويو. ڪئين ملڪن جا وڏا وڏا شهر لاڪ ڊائون ڪري بند ٿي ويا ۽ ڪارخانن کي تالا لڳي وڃڻ سبب روانگي واپار بيهجي ويو هو. حد کان وڌيڪ بيرزوگاريءَ ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو هو. چين جو سڀ کان وڏو صنعتي شهر شنگهائي مهينن تائين بند رهيو. امريڪا ۾ ڪارخانا بند هجڻ جي ڪري حڪومت طرفان ماڻهن کي آڇ ڪئي وئي ته سرڪاري گودامن توڙي خانگي جڳهين تي رکيل پئٽرول ۽ ڊيزل جا 44 گيلن وارا وڏا پيپا مفت ۾ کڻي وڃو. ڇاڪاڻ ته حڪومت وٽ خانگي گودامن جي مسواڙ ڀرڻ جا پئسا به ڪونهن. سڀ کان وڏو ڪاپاري ڌڪ ته امريڪا ۽ يورپ جي جديد هٿيارن ٺاهيندڙ ڪارخانن کي رسيو، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪروڙين انسانن جي حياتين کي ڪورونا جي مرض مان خطرو پيدا ٿي ويو ته اهڙي قيامت خيز دور ۾ ڪهڙي ملڪ کي هٿيارن جي خريداريءَ جو شوق ٿي سگهي ٿو؟ ماڻهو پنهنجو ۽ ٻچڙن جو سر بچائين يا هٿيارن ڏانهن ڌيان ڌرين! انهيءَ وٺ وٺان واري زماني ۾ چين جي دانشمند صدر شِ پنگ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي راضي ڪيو ته ڪارخانن، گاڏين، هوائي جهازن ۽ ٻين مقصدن لاءِ سعودي عرب، ڪويت ۽ ٻين ملڪن بدران ويجهڙائي واري تيل پيدا ڪندڙ ملڪ ايران مان سستو تيل وٺنداسين ته ڀاڙو به گهٽ لڳندو ۽ سامراجي پابندين ۾ وڪوڙيل ايران جي ماڻهن جي به معاشي حالت بهتر ٿي سگهندي. اهڙي ريت ڪورونا واري زماني ۾ ئي چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سربراهه ايراني قيادت سان ملاقات ڪري پئٽروليم مصنوعات جي خريداريءَ جو اربين ڊالرن وارو معاهدو ڪري ڇڏيو، جنهن سامراجي قوتن کي ڌوڏي ڇڏيو.
1969ع ۾ جڏهن آئون اڃا ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ته منهنجي دوست ۽ عوامي تحريڪ جي سينيئر ڪامريڊ ظفر علي اڄڻ مرحوم مون کي هڪڙي آمريڪي ليکڪ جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو جنهن جو ٽائيٽل هو (The Arms Bazar) يعني هٿيارن جي بازار! ان ڪتاب جي ليکڪ ايشيا، افريقا، وچ اوڀر ۽ لاطيني امريڪا جي پوئتي پيل ملڪن وچ ۾ سرحدي تڪرار يا مذهبي نفرتن ذريعي ڏڦيڙ پيدا ڪري کين هڪ ٻئي سان ويڙهائي، جنگيون ڪرائي امريڪي سامراج ۽ سندس ناٽو اتحادي ڪيئن ٿا پنهنجا جديد هٿيار کپائين. ان بابت سي آئي اي جي سازشن جو تفصيل لکيو هو. هن قسم جون سامراجي سازشون اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button