سوويت يونين اندر قومي جمهوريائون ۽ علائقا تقريبن 70 سالن تائين عالمي ڪلچر جي ڪاميابين تي عبور حاصل ڪندا رهيا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سوويت يونين جي قومن پنهنجي رهنما ادب جا پنهنجا ڪولمبس پيدا ڪيا، پنهنجي سمفني ۽ آرڪسٽرا ميوزڪ کي جنم ڏنو ۽ پنهنجي پينٽنگس ۽ تعمير جو فن تخليق ڪيو. ان کان سواءِ انهن فنڪارن مضبوط قومي ڪردار جو اظهار ڪيو.
ٽيون اهو ته سوويت يونين جي وڌيڪ اسريل علائقن ڪلچر ۽ معيشت جي ميدانن ۾ انهن علائقن جي زبردست مدد ڪئي، جيڪي گهت ترقي يافتا هئا. انهن قومي عملي کي تربيت ڏيڻ، انجنيئر ۽ تخليقي دانشور تيار ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪئي. مثال طور اترين قومن لاءِ لينن گراڊ ۾ هڪ خاص ڪاليج کوليو ويو، جنهن جو بنيادي ڪم ٽيچرن کي تربيت ڏيڻ هو، ننڍن نسلي گروپن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي اديبن ان ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. ماسڪو ٿيٽرن قومي ٿيٽرن لاءِ تربيت ڏيڻ لاءِ خوداختيار جمهوريائن مان هنرمند نوجوان ڪلاڪارن کي چونڊيو، ڏورانهن علائقن ۾ اعليٰ تعليم جا ادارا، ڇاپي خانا، ميوزيم، فلم اسٽوڊيو ۽ ٿيٽر قائم ڪيا ويا. انهن سڀني ڳالهين سان ننڍين قومن ۽ نسلي گروپن جي ڪلچر جي ترقيءَ ۾ تمام گهڻي مدد ملي.
سوويت اقتدار جي سالن ۾ انهن قوميتن ۽ نسلي گروهن لاءِ جن جي تحريري ٻولي نه هئي، 28 تحريري ٻوليون تخليق ٿيون. اسڪولي ٻارن کي انهن جي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وئي. ان کان به وڌيڪ اهو ته پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سوويت يونين ۾ آئيني حق هو. سوويت يونين جي آئين ۾ صاف طور چيو ويو ته، ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائي يونين ۾ شامل جمهوريائن، خوداختيار جمهوريائن، خود اختيار خطن يا خود اختيار علائقن جي ٻوليءَ ۾ يا لاڳاپيل علائقن جي ماڻهن جي اڪثريت جي ٻوليءَ ۾ ڪئي ويندي. سوويت يونين ۾ جيڪي نوٽ ڇاپيا ويندا هئا، جن جي قيمت 16 ٻولين (سوويت يونين جي جمهوريائن جي تعداد جي مناسبت سان) لکيل هوندي هئي. ماسڪو ۾ ٿيٽريڪل آرٽ جي رياستي انسٽيٽيوٽ جا قومي اسٽوڊيوز هوندا هئا، جيڪي مقامي قومي ٿيٽرن لاءِ پوري جون پوريون منڊليون تيار ڪندا هئا.
اها هئي “غير فطري” سوشلسٽ سوويت رياست جنهن “فطري” بورجوا رياستن کان وڌيڪ جمهوري انداز ۾ حساس نوعيت جي قومي مسئلي کي ڪنهن دنگي فساد کان سواءِ احترام ۽ برابريءَ جي بنياد تي نبيريو. بي بنياد سوويت مخالف پروپئگنڊا جي ابتڙ مختلف يونين جمهوريائن پاران رضاڪاراڻي طور سوويت يونين جي سوشلسٽ وفاق جو حصو ٿيڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته، انهن جي محنت ڪش عوام جا قومي، طبقاتي، جمهوري، تهذيبي، ثقافتي ۽ لساني حق سوويت يونين ۾ محفوظ هئا.
اها ته هئي سوويت يونين اندر قومن جي بيهڪ جي ڪهاڻي. پر سوويت يونين ٻاهر به مظلوم قومن جي آزاديءَ جي تحريڪن لاءِ وڏو ڏڍ ثابت ٿي. عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي اثر هيٺ ترقي يافتا سرمائيدار ملڪن ۾ پورهيت طبقي جي جدوجهد بيٺڪيتي ۽ غلام ملڪن جي مظلوم قومن جي جدوجهد ۾ گڏجڻ شروع ٿي. سامراج خلاف قومي آزاديءَ جون تحريڪون عالمي سطح تي پهچي ويون. ان عظيم عالمي انقلابي عمل جو ذڪر ڪندي لينن واضح ڪيو ته سرمائيدار ملڪن جو پورهيت طبقو بيٺڪيتن جي مظلوم قومن سان اتحاد ڪري عالمي سرمائيداريءَ کي شڪست ڏئي سگهي ٿو. اهڙي نموني سوويت رياست عالمي آزاديءَ جي تحريڪ جي قيادت ڪئي. ان عالمي انقلابي تحريڪ، استحصال خلاف پورهيت طبقي جي جدوجهد ۽ سامراج هٿان غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ملڪن جي قومي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ مدد ڪئي. سڄي دنيا جي پورهيتن ۽ مظلوم قومن جون اکيون سوويت رياست ۾ هيون. سوويت رياست سمورين مظلوم قومن لاءِ اتساهه جو مرڪز بڻجي وئي. لينن چيو: “هاڻي اسان رڳو سمورن ملڪن جي مزدورن جا ئي نه پر مظلوم قومن جا نمائنده به آهيون.”
سيپٽمبر 1920ع ۾ سوويت آذربائيجان جي گاديءَ جي هنڌ باڪوءَ ۾ اوڀر جي قومن جي پهرين ڪانگريس ٿي. ان ۾ ٻن هزارن کان وڌڪ ڊيليگيٽن شرڪت ڪئي. تاريخ ۾ اهو ڀيرو هو جو ايشيا ۽ آفريڪا جي مظلوم قومن جا نمائنده روس جي قومن، جن آزادي حاصل ڪري ورتي هئي، جي نمائندن سان گڏجي ويٺا ۽ بحث مباحثو ڪيو. ان ڪانگريس ۾ ترڪي، مصر، يران، چين، هندستان، افغانستان، ترڪستان، قرغيزيا، بخارا، خيوا، جورجيا، آرمينيا ۽ ٻين ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي هئي. ان ڪانگريس اوڀر جي قومن جي نالي اپيل منظور ڪئي، جنهن ۾ انهن کي متحد ٿيڻ ۽ سامراجي ۽ بيٺڪيتي جبر کان نجات حاصل ڪرڻ جي جدوجهد تيز ڪرڻ جو چيو ويو هو. ڊيليگيٽن يورپ، آمريڪا ۽ جاپان جي مزدورن کي اپيل ڪئي هئي ته اهي مظلوم قومن جي جدوجهد جي حمايت ڪن. ان اپيل جي آخر ۾ هيءَ نعرو ڏنو ويو هو: “ايشيا ۽ آفريڪا جي پورهيت عوام سان سمورن ملڪن جي مزدورن جو اتحاد زنده باد.” ان ڪانگريس جي اهميت کي واضح ڪندي لينن چيو هو ته اها ڪجهه فوجي ڪاميابين کان وڌيڪ اهم ڪاميابي آهي. هن عالمي آزاديءَ جي تحريڪ جي نئين نعري جي تائيد ۽ وضاحت ڪئي: “دنيا جا مزدورو ۽ مظلوم قومون هڪ ٿيو!”
سوويت رياست شروع کان ئي هيءَ مطالبو پيش ڪيو هو ته دنيا جي سمورين مظلوم قومن کي آزادي ڏني وڃي ۽ انهن جو حق-خود اراديت منظور ڪيو وڃي. هن ايران ۽ ترڪيءَ جي ورهاڱي بابت انهن توهين آميز ڳجهن معاهدن کي پڌرو ڪري ختم ڪري ڇڏيو، جيڪي زار ۽ بورجوا عارضي حڪومت ڪيا هئا. 1900ع جي عوامي بغاوت کان پوءِ سامراجين چين تي جيڪو ڏنڊ وڌو هو، ان مان پنهنجي ڀاڱي تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ آزاديءَ لاءِ اوڀر جي مظلوم قومن جي جدوجهد ۾ برادراڻي دوستيءَ جو هٿ وڌايو. سوويت روس پهريون ملڪ هو، جنهن افغانستان ۽ ايران جي خودمختياريءَ کي تسليم ڪيو ۽ برطانوي سامراج خلاف انهن جي جدوجهد جي حمايت ڪئي. لينن 1919ع ۾ افغان امير امان الله خان کي لکيل خط ۾ چيو:
“افغاني عوام جي خودمختياريءَ جي شاندار جدوجهد شروع ٿيندي ئي روس جي مزدورن ۽ هارين جي حڪومت فوري طور افغانستان جي نئين نظام کي تسليم ڪري ورتو ۽ باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو ته هوءَ افغانستان جي خودمختياريءَ کي تسليم ڪري ٿي. هن پنهنجو سفير افغانستان اماڻيو ته جيئن هو ماسڪو ۽ ڪابل ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪري.”
جڏهن برطانيا، فرانس ۽ ٻين سامراجي ملڪن ترڪيءَ خلاف ويڙهه شروع ڪئي ته سوويت روس ترڪيءَ جي عوام جي مدد ڪئي ته جيئن غيرملڪي مداخلت پسندن کي شڪست ڏئي ٻاهر ڪڍي، پنهنجي خودمختياريءَ جي حفاظت ڪري. سوويت رياست بعد ۾ ترڪي امداد پهچائي. سرخ فوج منگوليائي عوام کي پنهنجي ملڪ مان غيرملڪي حملي آورن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي. سوويت رياست جرمني، بلغاريا ۽ پولينڊ جي مزدورن سان پنهنجي يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. جڏهن هو 1923ع جي انقلابي جدوجهد ڪري رهيا هئا. جڏهن آمريڪا، جاپان ۽ برطانيا جي سامراجين عسڪريت پسندن ۽ رجعت پسندن جي حمايت ڪندي، چين جي اندروني معاملن ۾ سرعام مداخلت ڪئي ته سوويت يونين چين جي خودمختياريءَ جي حق ۾، سامراجين ۽ اندروني انقلاب دشمنن خلاف وڙهندڙ انقلابي قوتن جي امداد لاءِ اچي وئي.
ايئن وقت گذرڻ سان گڏ سوويت يونين جو سامراج مخالف قومي آزاديءَ جي تحريڪن کي سگهارو ڪرڻ ۾ ڪردار نمايان ٿي سامهون ايندو رهيو. يقينن ان ۾ بيٺڪيتي طاقتن جي چنبي ۾ جڪڙيل مظلوم قومن جي تاريخ ساز جدوجهد جو ئي ان ۾ مک ڪردار به هو، پر ان ۾ سوويت يونين جي اهم ڪردار کان انڪار ڪرڻ سواءِ تنگ نظريءَ جي ٻيو ڇا کي ثابت ڪري ٿو؟
(پورو ٿيو)