سنڌ

پير ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن جو وڏا ماڇيون پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

پير ڳوٺ ويجهو ڳوٺ غفار شاهه جي رهواسين وڏا ماڇيون پوليس خلاف خيرپور _ پيرڳوٺ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ضمير جاگيراڻي، بادشاہه خان جاگيراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او وڏا ماڇيون ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي، بنا جواز درگاھه تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ ڳوٺاڻن تي تشدد ڪيو آهي. جڏهن ته احتجاج ڪرڻ تي ڄاڻايل ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪري رهيو آهي. هنن گهر ڪئي ته ايس ايڇ او وڏا ماڇيون کي هٽائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button