سنڌ

احمد پور ويجهو ڪمند کي باهه، متاثر آبادگارن جو احتجاج

احمد پور ويجهو ڪمند کي باهه ڏيڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. احمدپور ويجهو ڳوٺ وسطڙا ڀرسان اڻڄاتل شرپسندن آبادگار عطا محمد وسطڙو جي ٻن جريبن جي ڪمند کي باهه ڏني، حد جي ٿاڻي تي نامعلوم چورن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي. آبادگار عطا محمد وسطڙو، نثار احمد شر، قلندر بخش شر، ڪامل اڄڻ، ممتاز، فرزند شر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، نامعلوم باهه ڏيندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button