سنڌ

پير جو ڳوٺ ويجهو اسڪول ۾ فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ خلاف احتجاج

ڪوٽ ميرمحمد جي پرائمري بوائز اسڪول ۾ فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين والدين سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته اسڪول ۾ ويھڻ لاءِ فرنيچر ناھي، ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائي رھيا آھن، جنهن ڪري معصوم ٻارڙا بيمار ٿي پيا آھن پر ڪو تدارڪ ڪرڻ وارو ناھي، رابطو ڪرڻ تي هيڊ ماستر غلام مرتضى ڦلپوٽو ٻڌايو ته استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ بابت تعليم کاتي جي عملدارن کي لکت ۾ چيو آھي پر اڃان تائين اسڪول جو جائز مسئلو حل نه ٿي سگهيو آھي. هنن تعليم جي صوبائي وزير ۽ عملدارن کي چتا ڏنو ته جيڪڏهن مسئلو حل نه ڪيو ويو ته شاگردن ۽ سندن والدين ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻُو هڻندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button