سنڌ

مدئجي ۾ فلورمل مالڪ کان 6 لک ۽ موبائيل فون ڦر

مدئجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربندن فلور مل ۾ گهڙي سيٺ ڌامون کي پورهيتن سميت يرغمال بڻائي روڪ رقم، موبائيل فون، ايل سي ڊي، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان ڦري ويا. واقعي خلاف متاثرن ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو. متاثر سيٺ ڌامون ڌر دانهيندي چيو ته معمول موجب مل تي ويٺل هئاسين ته ٽن جوابدارن يرغمال بڻائڻ بعد 6 لک روڪ رقم ٻه منڊيون، سونو لاڪيٽ، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦري ويا. واقعي جي اطلاع بعد پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي هٿياربندن جو پيڇو ڪيو، جنهن دوران ڏاڪڙائي جيها پل وٽ هٿياربندن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ هٿياربند ڦر ڪيل سامان ۽ پنهنجي موٽر سائيڪل ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. مدئجي پوليس جو چوڻ هوته ڦر واقعي جو اطلاع ملندي ئي بروقت ڪارروائي ڪندي هٿياربندن سان مقابلو ٿيو، جنهن بعد هٿياربند سامان ۽ موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا. جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button