فلسفي جي تاريخ ۾ ڪائنات ۽ سماج بابت ٻه نقطه نظر رھيا آھن جن مان ھڪڙن ڏاھن ھن ڪائنات ۽ سماج جي لقائن جو مطالعو مذھبي نقطه نظر سان ڪيو ۽ ڪائنات جي ابتدا ۽ سماجي اوسر ۾ ڪنھن مافوق الفطرت ھستي جو عمل دخل سمجھيو جن کي خيال پرست ڏاھا سمجھيو وڃي ٿو، جڏھن ته ٻيو نقطه نظر ھن ڪائنات ۽ سماج جو مطالعو مادي حالتن جي پسمنظر ۾ ڪري ٿو ۽ جنھن لاءِ اُھي ڪنھن مافوف الفطرت ھستي جو عمل دخل نٿا سمجھن انھن کي مادي فلسفو سمجھيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ فلسفي جي اڪيڊمڪ اُڀياس ۾ ان درجابندي جي اھميت ناھي رھي جڏھن ته ان حوالي سان گھڻن ليکڪن جو خيال آھي ته فلسفي جي علم اھڙي درجابندي سوويت يونين جي مفڪرن روسي انقلاب کان پوءِ ڪئي ۽ اھا بالشويڪ پارٽي جي سياسي پاليسي ھئي ته سويت يونين ۾ انقلاب دشمن فلسفي، ادب ۽ سائنس کي وڌ ۾ وڌ رد ڪجي ۽ ان کي اسرڻ نه ڏجي ۽ منھنجي خيال ۾ ان دور جي سياسي حالتن مطابق سويت يونين توڙي پوري دنيا لاءِ اھا درجا بندي تمام اھم ھئي ۽ سنڌ ۾ به انھي نقطه نظر مطابق تمام گھڻا ڪتاب لکيا ويا ۽ سنڌ جي ھارين، مزدورن توڙي عام ماڻھو ۾ تمام گھڻا پڙھيا ويا ۽ سمجھيا ۽ انھن سنڌ جي اڪثريت طبقي جي ذھني تربيت ڪئي پر ان درجا بندي ۾ ھڪڙي ڳالهھ اھم آھي ته درجا بندي ۾ به خيالي ڏاھن کي به فلاسافر سمجھيو ٿي ويو روسي مفڪر انھن ڏاھن کي فلسفي جي تاريخ مان بيدخل ڪرڻ جي ھمت بلڪل نه ڪري سگھيا جيتوڻيڪ انھي حوالي سان لاھور جي ھڪ ترقي پسند ليکڪ اشفاق سليم مرزا “فلسفو ھڪ مادي تعبير” ڪتاب لکي پنھنجو ھڪ نئون نقطه ڏنو آھي پر منھنجي خيال ۾ اھو بحث انساني فڪر جي دنيا ۾ ثانوي آھي، خيالن جي ارتقا ۾ غلط يا صحيح جو سوال اھم ناھي بلڪه اتي فڪري ڏڪار ۽ جمود کي چيليج ڪرڻ تمام اھم آھي، تنھن ڪري جڏھن پاڻ ھندستان جي فلسفياڻيا خيالن جو مطالعو ان پس منظر ۾ ڪنداسين ته انھن خيالن تي مذھبي رنگ چڙھيل نظر اچي ٿو جيتوڻيڪ ان جا ڪي تاريخي ۽ ان سماج جا داخلي جا سبب آھن جيئن مولانا آزاد چيو آھي “ته ھندستان ۾ مذھب ۽ فلسفي جي ھڪڙي شاھراھه رھي آھي” تنھن ڪري فلسفي جا خيال به مذھبي رنگ ۾ رنگجي ويا پر يونان ۾ فلسفي ۽ مذھب جي شاھراهھ جدا رھي آھي تنھن ڪري اتي بلڪل ابتڙ ٿيو ۽ يونان ۾ مذھبي خيال به فلسفي ۾ گڏجي ويا ۽ انھن تي فلسفي جو تهھ چڙھي ويو، جيتوڻيڪ ڪجھه مسئلن تي ھندستان جا خيال يونان کان ايڊوانس آھن، مولانا آزاد به پنھنجي مضمون يونان جي خيالن جو تقابلي مطالعو ڪري جيڪو نتيجو ڪڍي ٿو اھو تمام دلچسپ آھي جنھن ۾ ھن جو خيال آھي ته ھندستافي فلسفي جو گھڻو زور باطن تي رھيو آھي ھندستان جي ڏاھن گوتم، مھاوير توڙي اپشندي فلسفين پنھنجي باطن کي سڃاڻڻ تي زور ڏنو ۽ انھن جي مطابق پنھنجي باطن کي سڃاڻڻ کانپوءِ ئي اسان ھن ڪائنات جي خارجي لقائن کي سمجھي سگھون ٿا ائين يونان جي ڏاھن فيثاغورث، سقراط ۽ افلاطون ۽ ٻين جو پيغام ھو ته “نفس جو عرفان حاصل ڪريو”، ان کانسواءِ سقراط الھامي آواز تي پختو يقين رکندڙ ھو ۽ پنھنجن آخري ڏينھن واري خطاب ۾ الھامي آواز يا اندر جي آواز جي دعوا ڪري رھيو هو تنھن ھوندي به ھُو يونان جو عظيم ڏاھو آھي جنھن جي عظمت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگھي ته وري افلاطون تصوف جا بنيادي خيال پيش ڪيا ۽ فاني ۽ لافاني روح جو نظريو ڏنو جيڪو ھندستاني فلسفي جي “جيو آتما، پر ماتما” جي ھڪجهڙائي رکي ٿو جنھن کي اڳتي ھلي ھيگل اعليٰ روح جو نالو ڏنو، ۽ فيثاغورث پنھنجون مذھبي برادريون تشڪيل ڏنيون پر انھن کي فلسفي جي تاريخ ۾ تمام اھم جاءِ ڏني وڃي ٿي انھن کانسواءِ يونان جي فلسفي جي تاريخ اڻپوري آھي ته پوءِ مھاوير، گوتم ٻڌ ۽ اپشندي فلسفي جي خيالن کي فلسفي جي تاريخ ۾ به شامل ڪرڻ ۾ ڪھڙو حرج آھي. ان حوالي سان مولانا آزاد جوبه خيال آھي ته اسان گوتم ٻڌ، مھاوير ۽ ٻين فلسفين کي صرف انھي ڪري خارج نٿا ڪري سگھون ته انھن جو گھڻو لاڙو تصوف ۽ مذھبن ڏانھن آھي انھي پئماني تحت اسان يونان توڙي مغربي تاريخ جي گھڻن ڏاھن کي فلسفي جي تاريخ مان خارج ڪرڻو پوندو.
مضمون ۾ مولانا آزاد ھندستاني فلسفي جي اھميت کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لا يوناني فلسفي جي تصوف ۽ مذھبي لاڙن کي پيش ڪرڻ کانپوءِ يورپ جي عيسائي فلسفي ۽ مسلم فلسفي تي ھڪ تنقيدي نظر وجھي ٿو جنھن جو پس منظر ڪجھه ھن ريت آھي ته “عيسائيت ۽ مسلمانن ۾ ڪجهھ مڪتب فڪر اھڙا به پيدا ٿيا جن پوري ڪوشش ڪئي ته ڪنھن به نموني فلسفي جي ڳچي ۾ مذھب جو طوق وڌو وڃي” ھتي مولانا جو اشارو، سينٽ آگسٽائين، ٿامس اڪئانس، فلاطينوس ٻين مذھبي فلسفين ڏانھن آھي، فلاطينوس ارسطو ۽ افلاطون جي فڪر ۾ چالاڪي سان عيسائيت جي خيالن کي شامل ڪري ڇڏيو ۽ افلاطون ۽ ارسطو جي خيالن جي مذھبي تشريح ڪئي ته ٻئي طرف ٿامس اڪئانس ۽ سينٽ اگسٽائن پڻ يوناني فلسفي کي عيسيائيت ۾ شامل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ٿامس اڪئانس ته ھڪ راھب ھو جنھن الھيات جي تعليم پرائي ۽ انجيل جي فلسفياڻيا تشريح ڪئي اھو ئي سبب آھي عيسائيت ۾ ارسطو ۽ ارسطو جي خيالن جي وڏي اھميت ھئي ۽ ھُو حرف آخر ليکو ويندو ھو ڇوته عيسائيت ۽ ارسطو جو فڪر پاڻ ۾ ھم آھنگ ٿي ويا جنھن يورپ کي فڪر جي دنيا ۾ جمود جو شڪار ڪري ڇڏيو، ائين سورھين صدي جو مغربي ڏاھو جارج بشب برڪلي به آھي جيڪو ھڪ پادري ھو ۽ ھن پڻ مذھبي صداقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ فلسفي جي علم جو سھارو ورتو ۽ ھن ماديت تي وڏو وار ڪيو ۽ ھن چيو ته ڪائنات جي ھر شيءَ جو خارجي طور تي ڪوبه وجود ناھي بلڪه اھي صرف اسان جي حواسن ۾ آھن جيڪڏھن اسان جا حواس ڪم نه ڪن ته ھن دنيا جو مادي وجود ئي نه ھوندو پر برڪلي پنھنجي ڏاھپ، پنھنجي دليل ۾ يقينن ھڪ وڏو فلسفي آھي. تنھن ڪري مولانا آزاد جو خيال آھي ته مورخن کي جڏھن فلسفي جي تاريخ لکڻ گھرجي ته ھندستاني جي فڪر، فلسفي ۽ خيالن کي به اھم جاءِ ڏيڻ گھرجي جيڪا مغربي فڪر ۽ فلسفي کي ڏني وڃي ٿي ۽ ھڪ عالمي فلسفي جي تاريخ جي تشڪيل ڏيڻ گھرجي جنھن ۾ دنيا جي ھر خطي جي انھي اھم فڪر ۽ فلسفي کي جاءِ ڏيڻ گھرجي جنھن جو انساني فڪر جي تاريخ ۾ اھم ڪردار آھي. جيتوڻيڪ پنھنجي ھن پوري بحث ۾ مولانا آزاد اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ھندستاني فلسفي کي يوناني فلسفي تي فوقيت حاصل آھي ھندستان جو علم ۽ فلسفو ھندستان تي اثر انداز ٿيو ۽ يونانين کي متاثر ڪيو آھي پر ھڪ ٻئي اھم سوال تي تحقيق جي پڻ دعوت ڏي ٿو، اھو سوال ھي آھي ته ڇا يونان جو فلسفو ۽ علم ھندستان تي به اثر انداز ٿيو آھي ۽ يونان جا ڪھڙا خيال سفر ڪري ھندستان ۾ پھتا ان رخ تي پڻ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي.
(پورو ٿيو )