ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وري لنڊن پلان جو شور، ايمرجنسي جون ڳالهيون!

چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن عدالتن جو گهيرو جاري رکڻ جي روش اختيار ڪئي، رياستي ادارا محفوظ نٿا رهن، معمول جي زندگي ٺپ ٿئي ٿي ۽ تاءَ واري ڪيفيت جاري رهي ٿي ته ملڪ جي ٻن صوبن ۾ رٿيل چونڊون ته ملتوي ٿينديون ئي، پر ايندڙ عام چونڊن جو ٿيڻ ممڪن نه هوندو. ان سان گڏ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ سياسي سرگرميون معطل ٿي ويون ته ڪجهه به نه بچندو. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ بار، پاڪستان بار ڪائونسل يا ڪا ٻي ڌر اڳتي وڌي اي پي سي گهرائي ته جيئن ملڪي حالتن کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ ايندڙ چونڊن لاءِ پلان جوڙي سگهجي.
اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي وقت پي ٽي آءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ۽ انتظاميا زمان پارڪ ۾ آپريشن ڪري، جيڪي انڪشاف ڪيا آهن، هي انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي. حڪومت ۽ عمران خان بلڪل ٻن انتهائن تي آهن. هڪ طرف حڪومت، هي ظاهر ڪرڻ گهري ٿي ته عمران خان ۽ ان جي ٽيم دهشتگرد آهن. انهن کي هر صورت ۾ سوگهو ڪيو ويندو. ان حوالي سان هاڻ عام پوليس بدران سي ٽي ڊي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪندي ۽ ڪارروائين جي نگراني به ڪندي. ملڪ جي گادي واري شهر ۾ سي ٽي ڊي عمران خان سميت 17 پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس به داخل ڪيو آهي. ٻئي طرف عمران خان چئي ٿو ته هي پاڻ چور، ڌاڙيل ۽ لٽيرا آهن، انهن کي مٿان کان آندو ويو آهي. هن جي خلاف جيڪي ڪارروائيون ٿي رهيون آهن، اهي لنڊن پلان جو حصو آهن. ان پلان تحت عمران خان کي گرفتار ڪري، ميان نوازشريف لاءِ رستو صاف ڪرڻ آهي. جيڪڏهن عمران خان ۽ ان جا ساٿي، جنهن انداز سان ورتاءَ ڪري رهيا آهن ۽ هو اهو عمل جاري رکندا ته صورتحال هٿن مان نڪري ويندي. هنن ته هاڻ طاقتور شخص کي به نشانو بنائڻ شروع ڪيو آهي. هو سمجهن ٿا ته ملڪ جو طاقتور ترين شخص جنرل رٽائرڊ باجوا جي پاليسين کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. عمران خان هڪ ئي وقت اسٽيبلشمنٽ ۽ ميان نواز شريف سان گڏ سموري حڪومتي مشينري کي نشانو بڻائي رهيو آهي. عام طور تي جٿن جي ذريعي حملا ڪري، هي تاثر ڏنو ويندو آهي ته رياست ڪمزور آهي، اها انهن جو ڪجهه به بگاڙي نٿي سگهي، پر هي ڳالهه حقيقتن جي ابتڙ آهي. رياست رڳو ٻه چار پوليس اهلڪارن جو نالو ناهي، هي طاقتور ادارو آهي، ان پنهنجي طاقت جو استعمال ڪيو ته نه صرف عمران خان، الطاف حسين ٿي ويندو، پر باقي سياسي قوتون به نيوٽرلائيزڊ ٿي وينديون.
جيستائين لنڊن پلان جو واسطو آهي ته هي هميشه ملڪ ۾ آمريت جي ڏينهن ۾ جڙيا، ته جيئن جمهوريت کي بحال ڪري سگهجي. فوجي آمرن ملڪ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين چونڊون نه ڪرايون ۽ اقتدار جي ڪرسي تي قبضو ڪري ويهي رهيا. فوجي آمرن کي چيلينج جو نالو لنڊن پلان هو. اتفاق سان جنرل ضياءَ هجي يا پرويز مشرف انهن خلاف رٿابندي لنڊن ۾ ٿي. ان کانپوءِ عمران خان ۽ سندس ڪزن طاهر القادري لاءِ به چيو ويو ته انهن ميان نوازشريف جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ لنڊن پلان جوڙيو، پر ان پٺيان به ملڪ جا طاقتور ادارا هئا. ان کان اڳ جيڪي لنڊن پلان جوڙيا ويا، اهي سمورا فوجي آمرن جي خلاف هئا ۽ پهرين ڀيرو عمران خان ۽ ٻين سويلين حڪومت جي خلاف لنڊن پلان جوڙيو. هن ڀيري ته ن ليگ ۽ ان جي اتحادين جي حڪومت آهي، ان جي باوجود ميان نوازشريف کي ڪو ريليف نه ملي سگهيو آهي. ملڪ جي اعليٰ عدليا هينئر به هڪ سياسي پارٽي جي قيادت جي خلاف آهي ۽ اها ڪو ريليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. وزير اعظم، ميان نوازشريف جو ڀاءُ آهي، پر اهو ايگزيڪيوٽو آرڊر به جاري ڪري نٿو سگهي، هن تي نه صرف طاقتور حلقن پر سياسي پارٽين جو به دٻاءُ آهي ته ان طريقي سان ڪيسن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هي تاثر ويندو ته اهي قانون ڪنهن هڪ شخص لاءِ متعارف ڪرايا وڃن ٿا ۽ اهڙن قانون کي عدالتن ۾ اسٽرائيڪ ڊائون ڪري سگهجي ٿو. انڪري ميان نواز شريف ايترن مهينن جي باوجود ڪو ريليف حاصل ڪري نه سگهيو آهي. عدالتي صورتحال کي سامهون رکندي، آخرڪاري وزير اعظم کي ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي ئي رستو صاف ڪرڻو پوندو.
عمران خان، جنهن انداز سان نه صرف هن جي هر سرگرمي کيس وڌيڪ ڪيسن ۾ ڦاسائي رهي آهي ۽ هاڻ ڪيسن جي هڪ سينچري مڪمل ٿيڻ واري آهي. هي سلسلو عمران خان لاءِ به خطرناڪ هوندو، ڇاڪاڻ ته هو جيترن ڪيسن ۾ ضمانتون ڪرائيندو، اوترا وري ٻيا به قائم ٿي ويندا. هينئر جيڪڏهن دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿيڻ شروع ٿيا آهن، خطرا اڃان به وڌيا آهن، موجوده صورتحال ۾ ملڪ جي ڪابه عدالت، خاص ڪري اعليٰ عدالت به عمران خان کي ريليف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. زمان پارڪ مان جيڪو ڪجهه هٿ ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، خاص ڪري بندش وڌل تنظيمن جي ويڙهاڪن کي سوگهو ڪيو ويو آهي،هي ڪنهن به سياسي اڳواڻ، اهو به ملڪ جي رهندڙ وزير اعظم لاءِ ڪاري داغ برابر آهي. ان سان گڏ سڙيل گاڏين جا انبار، جن ۾ اهم ادارن جون گاڏيون شامل هجن ۽ انهن جي اهلڪارن کي مارڪٽ ڪرڻ سان ڳالهه گهڻي اڳڀري ويندي. هي صورتحال ڪنهن به سياسي پارٽي کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي دهشتگرد پارٽي قرار ڏنو وڃي ٿو ته هي سياسي طور تي سٺو سنئوڻ نه هوندو، پر حڪومت هي دليل به ڏيندي ته انهن نه صرف رياستي رٽ کي چيلينج ڪيو، پر ملڪي نظام کي مفلوج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي ايتري سوجهه ٻوجهه هجڻ گهرجي ته هو جيڪو عمل ڪري رهيو آهي، ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ انهن کي سمجهي، هڪ طرف عام چونڊن جي ڳالهه ڪئي ويندي ۽ ٻئي طرف اهڙي ڌماڪيدار صورتحال هوندي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ چونڊن ٿيڻ جا سمورا امڪان ختم ٿي ويندا. جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت يا سويلين سيٽ اپ نه هوندو ته پوءِ وهنوار ڪيئن هلندو؟ هي خبرون به آهن ته سال يا ٻن سالن تائين ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جون تياريون به ٿي رهيون آهن. هي به ملڪي سويلين حڪمراني لاءِ خطرناڪ هوندي. جيڪڏهن سياسي پارٽيون، خاص ڪري عمران خان جيڪو ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم ٿيڻ گهري ٿو، اهو اهڙيون سرگرميون ڪندو ته پوءِ ڳالهه ڪٿي ڇيهه ڪندي؟ سياسي سوچ رکندڙ ڌرين کي اهڙو ڪوبه عمل نه ڪرڻ گهرجي، جنهن سان چونڊون ملتوي ٿي وڃن. هينئر عمران خان پاڻ چئي ٿو ته پنجاب ۾ نگران حڪومت ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو آهي، نگران وڏو وزير شفاف چونڊون به ڪرائي نٿو سگهي. جيتوڻيڪ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، نگران رڳو، انتظامي معاملن کي هلائڻ لاءِ هوندا آهن. اتفاق سان پي ٽي آءِ جو اليڪشن ڪميشن تي به اعتماد ناهي. اهم ادارن کي به هو پنهنجو مخالف سمجهن ٿا. هاڻ تنقيد جي توپن جو رخ جنهن طرف آهي، ان سان وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿيندا. رڳو ملڪ اندر ئي نه پر لنڊن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ انتهائي اڻ وڻندڙ نعرا هنيا ويا. جن ڌرين کي انهن ادارن ۽ انهن جي سربراهن سان گڏجي حڪومت ڪرڻي آهي، پهريان انهن کي De- moralize ڪندا ۽ ان کانپوءِ ڪهڙي مضبوط حڪومت قائم ڪندا؟ هي عمران خان جون فالٽ لائينز آهن، جن کي ڏسڻ ضروري آهي.
ملڪ جي اتحادي حڪومت ۾ شامل سياسي اڳواڻن جي پارٽين جي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي پنهنجي جدوجهد آهي، انهن کي به انتهائي قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ٽڪراءُ واري پاليسي تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي. سياسي اڳواڻن کي هڪٻئي سان دشمنن جهڙو سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي. هي حقيقت آهي ته عمران خان طاقت جي زور تي معاملا پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ گهري ٿو، جيڪا درست ڳالهه ناهي. ملڪ جي آئين ۽ قانون کان مٿڀرا قدم يقينن ڪنهن کي به قابل قبول ٿي نٿا سگهن. جيڪڏهن ڪنهن شخصيت ۾ هي هوڏ اچي وڃي ته ان کان وڌيڪ طاقتور شخص ڪو ٻيو ناهي، ته نه صرف هو پنهنجا پير اکوڙي رهيو هوندو، پر هو سموري سياسي نظام کي داءَ تي لڳائي ڇڏيندو. هي آپشن نه هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن جهيڙي ۾ ملڪ جو وجود ۽ سياسي نظام داءَ تي لڳي وڃي ته ڪا ڳالهه ناهي. پر هينئر سياسي سرچاءُ جو گس اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ کي بهتر گس تي ملڪ جي اعليٰ عدليا به آڻي سگهي ٿي، پر جيئن ته اها گهڻي تڪراري سمجهي وڃي ٿي، انڪري ٻين قوتن کي اڳيان اچڻ گهرجي. ان کان اڳ ۾ ڌريون گڏجي ويهن، ماحول کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. هي ملڪ سياسي عمل جي ذريعي ئي هلي سگهي ٿو، ملڪ ۾ جمهوريت کي بحال ڪرڻ لاءِ سياسي اڳواڻن پنهنجن جانين جا نذرانا پيش ڪيا ۽ اڻ ڳڻيا سياسي ڪارڪن آهن، جن جو خون سويلين نظام جي بحالي ۾ استعمال ٿيو. هي ملڪ رڳو موجوده حڪمرانن ۽ عمران خان جو ئي ناهي، پر انهن ڪروڙين شهرين جو به آهي، جن جي محنت ۽ مزدوري جي نتيجي ۾ معمول جو ڪاروبار هلي ٿو. انڪري ضروري آهي ته فاشسٽ هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ تڪرار واري سياسي گس کي ڇڏي ڪري گڏجي معاملن کي درست ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button