پاڪستانسنڌ

پريالي ۾ منٿلي نه ڏيڻ تان فائرنگ، ملازم قتل، مالڪ زخمي، ڌرڻو

پيرجوڳوٺ/پريالو :پريالو ۾ هڪ چانهه ڪمپني جي ايجنسي تي هٿياربندن منٿلي نه ڏيڻ تان فائرنگ ڪري ملازم کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ ايجنسي مالڪ مرڻينگ ٿي پيو، سوين ماڻهن هڙتال ڪري لاش رکي ڌرڻو هنيو. تفصيل موجب پريالو شهر جي مڙهي پاڙي ۾ قائم ٽپال چانهه ڪمپني جي ايجنسي تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ٽي ٽي پسٽلن سان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ايجنسي مالڪ ڪيلاش ڪمار ۽ سندس ايجنسي تي ڪم ڪندڙ نوجوان پورهيت 24 سالن جو عبدالوحيد لاکو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جن مان پورهيت عبدالوحيد لاکو کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت موٽرسائيڪل تي کڻائي سرڪاري اسپتال پهتا، جتي بي ايڇ يو پريالو جي ڊاڪٽر طبي امداد ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان وٽ زخمين جو علاج نه ٿيندو آهي، زخمي کي خيرپور کڻي وڃو، وارثن جي منٿ ڪرڻ بعد ڊاڪٽر طبي معائنو ڪندي نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. جڏهن ته ايجنسي مالڪ کي سندس وارثن کڻتي جوڳي حالت ۾ حرا اسپتال سکر ۾ داخل ڪرايو، واقعي جو اطلاع ملندي پوليس بي ايڇ يو پهچي نوجوان پورهيت عبدالوحيد لاکو جو لاش کڻائي رورل هيلٿ سينٽر ڳاڙهي موري آندو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف واقعي خلاف شهرين، واپارين ۽ دڪاندارن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري سکر پيرجوڳوٺ پريالو روڊ تي نئين پل وٽ لاش رکي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڪريانه مرجنٽ جي اڳوڻي صدر ارشاد احمد ميمڻ، انجمن تاجران پريالو جي صدر هدايت الله شيخ، هندو پوڄ پنچائت جي مکي مڪيش ڪمار ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ بدامني جي انتها ٿي وئي آهي، هر ٻن ٽن ڏينهن بعد شهر ۾ ڦر، چوري ۽ ڌاڙي جي واردات ٿيڻ معمول بڻجي وئي آهي. واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن کي منٿلين ۽ چندي لا فونن تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، پوليس کي آگاهه ڪرڻ باوجود ڏوهارين خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، جنهن سبب اڄ منٿلي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي جوابدارن سرعام ڏينهن ڏٺي جو چانهه ڪمپني جي ايجنسي تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ايجنسي مالڪ سخت زخمي ٿي پيو ۽ سندس ملازم پورهيت عبدالوحيد لاکو قتل ٿي ويو، هي ظلم ناهي ته ٻيو ڇا آهي. ان موقعي تي مقتول پورهيت جي پي عبدالرحمن لاکو روئيندي ٻڌايو ته پٽ گهر سامهون ايجنسي تي پورهيو ڪندو هو، اڄ الرا ڌر جي هٿياربندن ايجنسي تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري جوان پٽ کي قتل ڪيو، پٽ کي ظالمن قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. شهرين جي پنجن ڪلاڪن تائين جاري احتجاج بعد ڊي ايس پي پيرجوڳوٺ حبدار علي شاهه پهچي ڳالهيون ڪري روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شهرين اهو چئي روڊ کولڻ کان انڪار ڪيو ته جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا، روڊ نه کولينداسين. جنهن بعد ايس ايڇ او پريالو ۽ ڊي ايس پي پيرجوڳوٺ ٻيهر پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڪجهه ٿيل گرفتارين بابت آگاهي ڏيندي مک جوابدارن کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو. واقعي جوڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button