پاڪستانسنڌ

کپرو لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

کپرو: کپرو لڳ سانگھڙ روڊ تي بٺو واٽر اسٽاپ تي تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب 2 نوجوان احمد رند ۽ ڳوٺ ڪسي هنڱورا واسي نوجوان محرم پٽ باغ مڱڻهار مرڻينگ ٿي پيا، جن کي رهواسين کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتي نوجوان محرم ولد باغ مڱڻھار زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. جڏھن ته زخمي سرنواري جي رھواسي نوجوان احمد رند کي ڄنگهه ٽٽڻ ۽ ڌڪ لڳڻ سبب حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. فوتي محرم مڱڻھار جو لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، نوجوان کي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button