پاڪستانسنڌ

ٽنڊومستي لڳ ٽرالر پوليس جمعدار کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو

خيرپور: خيرپور ڀرسان قومي شاھراهه تي تيز رفتار ٽرالر اڪنامڪ زون ٿاڻي اڳيان موٽرسائيڪل سوار روڊ ڪراس ڪندڙ پوليس جمعدار کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. خبر موجب ٽنڊومستي ڀرسان قومي شاھراهه تي تيز رفتار ٽرالر ٿاڻي اڳيان موٽر سائيڪل سوار روڊ ڪراس ڪندڙ تعلقه سوڀوديرو جي ڳوٺ مڏ واسي اڪنامڪ زون ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس جمعدار سڪندر گلال مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ھو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش اڪنامڪ زون پوليس پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتان فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ٻئي پاسي اڪنامڪ زون پوليس ٽرالر ڊرائيور محمد اعجاز کي ٽرالر سميت پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button