پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ مڙس پاران ڪارنهن الزام ۾ زخمي ڪيل زال فوت

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ محمود آباد ٿاڻي جي حد انڙ چوڪ واري علائقي ۾ جاويد انڙ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ پنهنجي گهرواري سهڻي کي گوليون هڻي زخمي ڪيو هو، جنهن کي حيدرآباد اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جيڪا گذريل ڏينهن فوت ٿي وئي، عورت جو لاش واپس ميرپورخاص سول اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش گهر کڻائي پهتا ته ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي محمود آباد پوليس ٻڌايو ته وارث لاش جي تدفين بعد ايندا ته ڪيس داخل ڪري جاچ ڪنداسين، باقي جوابدار جي گرفتاري لا ڇاپا هڻي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button