سنڌ

سنڌ سرڪار حصي جو پاڻي ڏيڻ لاءِ ارسا چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو

سنڌ حڪومت صوبي کي حصي جو پاڻي ڏيڻ لاءِ ارسا چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو آهي. آبپاشي کاتي طرفان موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته خريف جي فصلن جي پوکائي اپريل کان شروع ٿيندي، تنهن ڪري اپريل ۽ مئي ۾ سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. آبپاشي کاتي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ کي پاڻي جو پورو حصو نه مليو ته خاص طور تي ڪپهه ۽ ٻين فصلن جي پوکي متاثر ٿيندي ۽ آبادگارن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، حصي جو پاڻي نه مليو ته آبادگار چانورن جي پوکائي ڏانهن هليا ويندا. ارسا کي موڪليل خط ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته چانورن جي پوکي لا به پاڻي جي گهرج ۾ اضافو ٿيندو، تنهن ڪري سنڌ کي پاڻي جو پورو حصو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button