بلوچستانپاڪستان

قومن جي تقدير عدالتي فيصلن سان نه، قيادت سان ٺهندي آهي:چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته قانون جي بالادستي هر حال ۾ ٿيڻ گهرجي، عدالتن ۽ قانون جو احترام ڪيو وڃي، ملڪ جون حالتون سڀني جي اڳيان آهن، اختلاف ڇڏي ملڪ لا سوچڻو پوندو. ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هجڻ گهرجي، قانون ۽ عدالتن جي عزت نه ڪئي ويندي ته افراتفري پيدا ٿيندي، عمارت جي ڪابه حيثيت ناهي هوندي، انصاف جي فراهمي بُنيادي ڪم آهي، دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان کان آئين ۽ قانون پٽاندڙ فيصلا ڪرائي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته قومن جي تقدير عدالتي فيصلن سان نه، پر قيادت سان ٺهندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان صوبي ۾ ترقي نه ٿيڻ جي ذميواري رڳو رياست تي نٿي وجهي سگهجي، اُن لاءِ هر ماڻهو کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، شهرين کي تحفظ ڏيڻ جي ذميواري رياست مٿان آهي، اسان جي ذميواري آهي ته آئين پٽاندڙ ادارن جو تحفظ ڪريون، جيتري توهان جي ضروري آهي اوترا گهڻا اسان وٽ وسيلا نه آهن، تنهن ڪري وڊيو لنڪ جي سهولت کي استعمال ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button