اسلام آبادپاڪستان

سوشل ميڊيا تي ڪنهن جو به وس ناهي، هي فوج به منهنجي ۽ ملڪ به منهنجو آهي: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جڊيشل ڪمپليڪس ۾ سوشل ميڊيا تي ڪنهن جو به وس ناهي، هي فوج به منهنجي آهي ۽ ملڪ به منهنجو آهي، تحريڪ انصاف کي فوج سان وڙهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ عمران خان چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪنهن جو به ڪنٽرول ناهي، هي اسان کان چونڊون کٽي نٿا سگهن تنهن ڪري کين ڪجهه نه ڪجهه ته ڪرڻو آهي، مون کان اهڙي ڪهڙي غلطي ٿي آهي جنهن تي منهنجي خلاف دهشتگردي جا ڪيس ٺاهيا ويا آهن، هتي جمهوريت ۽ آئين جو قتل ٿي رهيو آهي پر ڪنهن کي به آئين جو فڪر ناهي، هي چونڊن وارو ماحول ئي پيدا ٿيڻ نٿا ڏين، اربع تي اسان کي جلسو ڪرڻو هو پر هاڻي خبر پئي آهي ته سڀاڻي ان بابت عدالت فيصلو ڪندي. هن چيو ته مون کي جڊيشل ڪامپليڪس ۾ پيشي وقت ٽريپ ڪيو ويو پر الله تعاليٰ قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو، ڪيس ڪرڻ جو مقصد مون کي هتان ڪڍي قتل ڪرڻ ۽ رستي تان هٽائڻ آهي، جيڪڏهن ملڪ جي وڏي پارٽي جي سربراهه کي قتل ڪندا ته ملڪ ۾ فساد ٿيندو، چيف جسٽس کي اپيل آهي ته منهنجي ڪيسن جي وڊيو ڪانفرنسز ذريعي شنوائي ڪرائي مان پنهنجي هر ڪيس ۾ پيش ٿيندس، اسان تي جيترو ظلم ۽ تشدد ٿيو آهي ان جا ثبوت گڏ ڪري رهيا آهيون. اهي انساني حقن جي عالمي ادارن اڳيان رکي رهيا آهيون، يورپي يونين سان به رابطي ۾ اچي رهيا آهيون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته فوج منهنجي ۽ ملڪ به منهنجو آهي، منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، مان هن ملڪ مان ٽپڙ کڻي ٻاهر نٿو ڀڄڻ چاهيان، هي چاهين ٿا ته فوج کي اسان جي خلاف ورغلايو وڃي. هن چيو ته ڇنڇر تي لاهور کان اسلام آباد ويس ته مون کي پتو هو ته مان جيل ۾ ويندس يا ماريو ويندس، تنهن ڪري بشريٰ بي بي سان گهران موڪلائي نڪتو هئس، ڪير اهو نه چوي ته عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان ڊڄي ٿو، مون واعدو ڪيو هو ته مئجسٽريٽ جي سامهون پيش ٿيندس، ان دوران فاشسٽ ۽ امپورٽيڊ حڪومت مون سان جيڪو ڪيو اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ڪڏهن به ڪنهن سان ناهي ڪيو ويو، هڪ ماڻهو عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ اچي رهيو آهي پر ان تي شيلنگ ڪئي پئي وڃي، انهن اسلام آباد جي ٽول پلازا کان سڄو موٽر وي بند ڪري ڇڏيو ۽ رڳو هڪ لائن رکي جنهن جو مقصد اهو هو ته رڳو عمران خان اڪيلو گاڏي مان نڪري ۽ ٻين کي اتي روڪيو وڃي، رستي ۾ رنڊڪون وجهي اسان کي روڪيندا رهيا مون کي ساڍا چار ڪلاڪ ٽول پلازا کان جڊيشل ڪمپليڪس تائين پهچڻ ۾ لڳا، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به هن وڊيو کي غور سان ڏسي. مان چيف جسٽس کي وڏي ادب سان چئي رهيو آهيان ته ملڪ ۾ ڪهڙيون حالتون ٿي رهيون آهن مون پنهنجي حياتي ۾ ڪڏهن به اهڙيون حالتون ناهن ڏٺيون، اڄ ملڪ ۾ ڪوئي قانون نه آهي هن وقت آئين جو احترام نه آهي، هر قسم جو حربو استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ان جو صرف هڪ مقصد آهي ته عمران خان کي رستي تان هٽايو وڃي، هي ڀلي ڇا به ڪن، ڪيتري به ڌانڌلي ڪن، هي چوندون نٿا کٽي نٿا سگهن ان لاءِ مون کي مارڻ چاهين ٿا. ٻئي طرف ٽوئيٽر پيغام ۾ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان چيو ته اسلام آباد پوليس بنا وارنٽ جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي رهي آهي جتي ڪارڪن موجود نه آهن اتي 10 سالن تائين جي ٻارڙن کي کنڀيو پيو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ فسطائيت پنهنجي عروج تي آهي. عمران خان چيو ته پوليس اسان جي ڪارڪنن کي پڪڙڻ لاءِ بنا وارنٽس گهرن تي ڇاپا هڻي رهي آهي جتي ڪارڪن گهرن ۾ موجود نه آهن اتي 10 سالن تائين جي ٻارڙن کي کنڀيو پيو وڃي. عمران خان گهر ڪئي ته اسان جا اهي سمورا ڪارڪن ۽ انهن جا ٻارڙا بنا دير آزاد ڪيا وڃن جن کي اغوا ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button