پاڪستانپنجاب

زمان پارڪ وڳوڙن تي جي آئي ٽي جو اعلان، هاڻ هٿ کڻندڙ جو هٿ ڀڃي ڇڏينداسين: محسن نقوي

پنجاب جي نگران سرڪار تحريڪ انصاف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون روڪي ورتو، عمران خان کي سڀاڻي مينار پاڪستان وٽ جلسي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته نگران وڏي وزير زمان پارڪ ۾ آپريشن دوران اهلڪارن تي ٿيل پٿرا ۽ تشدد جي واقعن جي جاچ لا جي آءِ ٽي جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ لا پوليس کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي جيڪو به پوليس تي هٿ کڻندو ان جا هٿ ڀڃي ڇڏينداسين. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته پوليس ڏانهن وڌندڙ هٿ ڀڃڻ جي هدايت ڪئي آهي، بس گهڻو ٿي ويو، هاڻي اهڙو سبق سيکارينداسين جو هي ياد رکندا، صوبي ۾ حڪومتي رِٽ هر حال ۾ قائم ڪئي ويندي، جنهن لاءِ پوليس کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته پوليس تي الزام ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي، ڪنهن کي آءِ جي ۽ ڊي پي او تي اعتماد ناهي ته پوليس جي سيڪيورٽي واپس ڪري، سياسي جماعتن کي سياسي سرگرمين جي اجازت آهي پر ائين نه ٿيندو ته پوليس کي گاريون ڏيو ۽ سيڪيورٽي به وٺو. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت ڏني ويندي پر پوليس تي تشدد وارن واقعن سبب سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي ويندي، رڳو عمران خان کي اڳوڻي وزيراعظم واري سيڪيورٽي ڏني ويندي، جلسي دوران ڀڃ ڊاهه يا ڪا ڳڙٻڙ ڪئي وئي ته ان جو ردعمل زمان پارڪ ۾ ڏيکارينداسين، زمان پارڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جا ثبوت موجود آهن، حڪومتي رٽ هر صورت ۾ قائم رکي ويندي، اسان رتوڇاڻ نٿا چاهيون، ڪوشش آهي ته ڪا اهڙي ڳالهه نه ٿئي جو ڪنهن کي نقصان ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button