اسلام آبادپاڪستان

موٽر سائيڪل وارن کي پيٽرول 50 نه 100 رپيا سستو ملندو:وفاقي حڪومت

پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي سستي پيٽرول اسڪيم تحت موٽر سائيڪلون رکندڙن لاءِ پيٽرول تي 50 رپيا بدران 100 رپيا سبسڊي ڏني ويندي ۽ 6 هفتن دوران اها اسڪيم لاڳو ڪئي ويندي. فيصلو ڪيو ويو آهي ته وڏيون گاڏيون رکندڙن کي پيٽرول جي وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته هتي غريب جو پاڪستان ڌار آهي ۽ امير جو پاڪستان ڌار. عمران خان پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو، ان لاءِ هو عدالتن ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي. هڪ ڪالهه هتي ماڊل ٽائون ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته اسان وزيراعظم محمد شهباز جي هدايت تي سستي پيٽرول فراهم ڪرڻ جي اسڪيم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ان تي شروعاتي طور اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پيٽرول جي ٽيرف ۾ غريب کي 50 رپيا سبسڊي ڏني ويندي، پر هاڻ وزيراعظم اسان کي ٻيهر هدايت ڪئي آهي ته سبسڊي کي وڌائي 100 رپيا ڪيو وڃي. هن چيو ته ان اسڪيم تحت پيٽروليم قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ ڪم جاري آهي جيڪو 6 هفتن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته اسان اهڙو مڪينزم بڻايو آهي ته جو مالدار طبقي تي ٽيڪس لڳائينداسين ۽ غريب کي ڀرپور رليف ڏنو ويندو. هن چيو ته حڪومت رمضان المبارڪ ۾ عوام کي ڀرپور رليف فراهم ڪندي، جنهن جو بهترين مثال مفت اٽي جي فراهمي آهي. هن چيو ته غريب کي سستي گيس فراهم ڪرڻ پڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل هو جنهن تي پهرين جنوري کان اسان گيس جي ٽيرف تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ گيس جو سرڪلر ڊيٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي، بجلي جي حوالي سان پڻ اسان اڳ ئي پاليسي بڻائي رکي آهي، 100 يا 200 يونٽ استعمال ڪندڙن کي سستي بجلي ڏني ويندي، جڏهن ته ان کان وڌيڪ استعمال ڪندڙن کي پورو بل ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان بجلي جي قيمتن جي حوالي سان هڪجهڙو قانون بڻايو آهي، هاڻ ڪنهن سيٺ کي سستي بجلي فراهم نه ڪئي ويندي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان هن وقت مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي ۽ اسان پُراميد آهيون ته ملڪ جلد بهتريءَ طرف گامزن ٿيندو. هن چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اسان ايران سميت سڀني ملڪن کان پيٽرول ۽ ٻين ضرورت وارين شين جي خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جڏهن ته ان حوالي سان ان ڳالهه کي نظر ۾ رکيو ويندو ته اسان تي بين الاقوامي پابنديون لاڳو نه ٿين. ان موقعي تي ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي مملڪتي وزير چيو ته پيٽرول سستو ڪرڻ لاءِ مڪينزم بڻائڻ تي ڪم جاري آهي، اسان وٽ عوام جي ڊيٽا موجود آهي ۽ غريب ماڻهو پنهنجي موٽر سائيڪل تي ماهوار 21 ليٽر پيٽرول استعمال ڪري ٿو، اسان جي ڪوشش هوندي ته سسبڊي جي اهل شهريءَ کي هڪ وقت ۾ 2 کان 3 ليٽر پيٽرول فراهم ڪيو وڃي ۽ 800 سي سي يا ان کان گهٽ گاڏي کي پيٽرول تي 30 ليٽر ماهوار تائين سبسڊي ڏني ويندي ۽ هڪ وقت ۾ گاڏيءَ ۾ 5 کان 7 ليٽر پيٽرول ڏني ويندي. هن چيو ته ان اسڪيم جي اهل ماڻهن کي ان جي موبائل تي ميسيج ملندو ۽ ان ميسيج کي پيٽرول پمپ تي ڏيکاري پيٽرول حاصل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان پيٽرول پمپس وارن کي هڪ ڊوائيس فراهم ڪئي ويندي جنهن تي سبسڊي حاصل ڪندڙ جو رڪارڊ موجود هوندو. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان جي اصليت عوام آڏو اچي چڪي آهي هو ڪنهن قانون کي نٿو مڃي ۽ پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو. عمران خان رياست کي سرِعام چئلينج ڪري رهيو آهي ته مون کي پڪڙي ڏيکاريو، عمران خان جي غلط قدمن سبب ٻه پاڪستان بڻجي ويا آهن، غريب جو پاڪستان ڌار آهي ۽ امير جو پاڪستان ڌار، ان ۾ اها ئي ڳالهه جڏهن وزيراعظم محمد شهباز چئي هئي ته هن مون کي چيو ته اسان غريب جي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته ان مقصد لاءِ اسان فيصلو ڪيو آهي ته گيس جي قيمتن کانپوءِ هاڻ پيٽرول تي پڻ ٽيرف ڌار ڪيو ويندو ۽ غريب کي هر ممڪن رليف ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button