عمران خان جي حڪومت جڏهن اڌ عمر چوڙي چڪي آهي، تڏهن هن جا اتحادي به هن کي اکيون ڏيکارڻ لڳا آهن. اها متحده هجي يا ق ليگ انهن کي هن مهل محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته عمران خان جي عوامي سطح تي گهٽ ٿيندڙ مقبوليت انهن جي سياسي آئيندي مٿان اثرانداز ٿي سگهي ٿي. ان ڪري هو اهو ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن سان انهن کي حڪومت ۾ هجڻ جا مزا به ملن ۽ ان سان گڏ هو عوام جي نظر ۾ هيرو به ٿي وڃن. عمران خان جي حڪومت کي اهڙي صورتحال تائين آڻڻ جو ڪم هڪ ته ڪورونا کان پوءِ پيدا ٿيل مهانگائي ۽ هن جي بهتر حڪومتڪاري ناهي. ٻيو ته عمران خان کان هاڻي ان جا اتحادي اعتراض واري اصل ۾ اهي مطالبا مڃرائڻ چاهين ٿا، جيڪي عمران خان اڳ ۾ مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ڇو ته ان وقت عمران خان جي چڱي خاصي مقبوليت هئي ۽ عمران خان جا هٿ پڪڙڻ واريون ڌريون به ان مهل پنهنجي جياپي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيون هيون. ڇو ته ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان پيدا ٿيڻ بعد ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار واري معاملي متحده جون متيون منجهائي ڇڏيون هيون ۽ متحده ڪوشش ڪري رهي هئي ته هوءَ ڪنهن به طرح سان اهڙي پوزيشن ۾ اچي وڃي جو اها پنهنجو پاڻ کي هڪ صدمي مان ڪڍي سگهي ۽ ان سلسلي ۾ هن جي لاءِ وفاقي حڪومت جا هٿ پڪڙڻ لازمي هئا. هونءَ ته ايم ڪيو ايم کي پيپلز پارٽيءَ به آفر ڏني هئي ته هوءَ سنڌ ۾ هن سان اتحاد ڪري ۽ سندس سرڪار ۾ شامل ٿئي پر ايم ڪيو ايم جي باري ۾ پاڻ سڀني کي معلوم آهي ته لنڊن واري معاملي کان پوءِ ايم ڪيو ايم پنهنجي وجود کي قانوني طور تي قائم رکڻ جي سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ مجبور هئي. جڏهن ته ق ليگ جي حوالي سان ”نام هي ڪافي آهي“ واري ڳالهه آهي.
هونءَ ته هر حڪومت جڏهن به اڌ مدو پورو ڪري وٺندي آهي، تڏهن هن کي پوڙهپڻي جو شدت سان احساس ٿيندو آهي. ان احساس جو شڪار ته عمران خان جي حڪومت کي به ٿيڻو ئي هو پر ڪجهه ذريعا اهو به اطلاع ڏئي رهيا آهن ته پنهنجي ڪريل سياسي ساک کي بحال ڪرڻ جي لاءِ عمران خان ڪجهه فيصلا نه مڃي رهيو هو ۽ ڪجهه فيصلا اهڙا ڪري رهيو هو، جيڪي سرڪار کان مٿانهين سگهه واري سرڪار کي پسند نه هئا. ان ڪري عمران خان جي وجود کي صرف ٻاهران نه پر اندران به دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اها ڪوشش هن مهل صرف مخالف ڌر پاران احتجاجن جي صورت ۾ به پر اتحادي ڌرين جي اختلافن جي حوالي سان به حڪومت جي پريشانيءَ ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهي آهي. عمران خان کي اها حقيقت معلوم آهي ته هن جي حڪومت جو بنياد تمام گهڻو ڪمزور آهي. ڪجهه ميمبرن جي هيڏي هوڏي ٿيڻ سان اها حڪومت پٽ پوڻ ۾ دير ئي نه ڪندي. ان ڪري عمران خان جي لاءِ مشڪل حالتون حقيقت جو روپ وٺي رهيون آهن. ڪجهه حلقا اهڙا به آهن، جن جو خيال آهي ته عمران خان بغاوت ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي مقبوليت جي حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي چئلينج ڪري سگهي ٿو ۽ چونڊن جو اعلان اڳواٽ ڪرائي پوري بازي پلٽائي سگهي ٿو. پر سوال اهو آهي ته ڇا عمران خان ۾ ايتري سياسي جرئت آهي؟ جيڪڏهن عمران خان ۾ ايتري سياسي سگهه ۽ ارادي جي ارڏائي هجي ها ته هوند هن جي حڪومت عوامي مقبوليت جي سلسلي ۾ ايتري هيٺ نه هلي وڃي ها. عمران خان جي مٿان عوامي ڪاوڙ جو اهم ترين ڪارڻ مهانگائي آهي پر هن جي حڪومت جو اهڙو حشر ڪرڻ جي حوالي سان صرف مهانگائيءَ مٿان الزام مڙهي نه ٿو سگهجي.
عمران خان جا فيصلا هن جي سياست جو جيڪو اصل روپ نروار ڪري چڪا آهن، انهن جو عوام جي ذهنن تي جيڪو اثر پيو آهي، اهو تمام گهڻو حقيقي ۽ نهايت گهرو آهي. ان ڪري عمران خان اهو نه سمجهي ته هو صرف مهانگائيءَ سبب عوام جي پسند واري پئماني تي پورو ناهي. عمران خان جيڪڏهن ڪنهن به شعبي ۾ تبديلي آڻي ڏيکاري ها ته عوام هن جي سياست جي باري ۾ ايتريون مايوس قسم جون ڳالهيون نه ڪري ها. عوام عمران خان جي واعدن ۽ عمل وچ ۾ جيڪو تضاد ڏسي ٿو، ان تضاد جي ڪري عوام کي عمران خان جي سياست مان ڪا اميد نه آهي. عوام سمجهي ٿو ته عمران خان هن کي سياسي حوالي سان سبز باغ ڏيکاريا. عوام کي جذباتي بڻائي ۽ اقتدار حاصل ڪري هو جهڙي طرح پنهنجي پوري اسٽائيل کي تبديل ڪري ويو آهي، ان سان عوام جي دل ۾ هڪ دکدائڪ دوريءَ جو احساس پيدا ٿيڻ فطري هو.
عمران خان هن مهل عملي سياست جو ڪردار آهي. هو اهڙو سياستدان ناهي جيڪو ڳالهين ۽ حالن حوالن جي هوائن ۾ رهندو هجي. هن کي چڱيءَ طرح سان معلوم آهي ته ڪڏهن به ڪنهن حڪومت جي خلاف مخالف قوتون ٻن صورتن ۾ متحرڪ ٿينديون آهن. هڪ صورت اها آهي ته مخالف قوتن کي ڪنهن ملڪي يا عالمي اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد حاصل هجي ۽ ٻي صورت اها آهي ته حڪمران پنهنجي عملن سبب ايترو ته هيڻو ۽ ڪمزور ٿي وڃي جو هن کي مخالف جي هلڪي هوا ۾ به هٽائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انهن ٻن صورتن ۾ ڪنهن به حڪمران خلاف هڪ طرح جو انتشار پيدا ٿيندو آهي. عمران خان جي حوالي سان سياسي مبصرن جو خيال آهي ته عمران خان ٻيئي ڪمزوريون پنهنجي سياسي حيثيت ۾ شامل ڪري چڪو آهي. هڪ ته هن جي حڪومت وٽ ايترو مئنڊيٽ ئي نه هو ته هوءَ مضبوط طرح سان پنهنجو بنياد رکي سگهي ۽ ٻيو ته هن جي ڪجهه عملن سبب هن کي ان منزل تي پهچائڻ وارا به هن کي محسوس ڪرائڻ چاهين ٿا ته هو ڪيترو نه هيڻو آهي.
هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن عمران خان جي اسٽائيل ۽ هن جي لفظن مان لڳندو هو ته هن کي اقتدار سان اهڙي خاص دلچسپي ناهي، جيڪا ڪنهن شخص کي تمام گهڻي سمجهوتي تائين وٺي اچي. پر هي عمران خان پنهنجي مخالف ڌر واري وقت جي پوئين حصي ۾ اقتدار لاءِ ايترو ته بيچين ۽ بي قرار نظر آيو جو هن عجيب قسم جون حرڪتون ڪرڻ شروع ڪيون هيون ۽ هو جيڪو تمام گهڻو ماڊرن ۽ لبرل شخص محسوس ٿيندو هو، اهو تمام گهڻو وهمي ۽ اقتدار جي لاءِ عوام جي محبت ۽ جدوجهد نه پر ٽوڻن ۽ ڦيڻن تائين پهچي ويو. ان کان پوءِ هن کي حڪومت جهڙي به حال ۾ ملي هن قبول ڪئي ۽ هن حڪومت هلائي به ته اهڙي انداز سان، جنهن ۾ هن جي جذبي ۽ جوش جو پري پري تائين ڪو اتو پتو نه هو. ان حقيقت کي عمران ڀلي قبول نه ڪري پر پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته هو جنهن طريقي سان اقتدار جي ويجهو ويو، ان طريقي سبب عوام هن کان الڳ ٿيندو ويو. اڄ عمران خان جي حڪومت کي چونڊيل حڪومت ته ڪنهن طرح سان چئي سگهجي ٿو پر هن جي حڪومت کي جمهوري يا هڪ عوامي حڪومت چوڻ تمام گهڻو مشڪل آهي.
عمران خان جا اتحادي به هن جي اها حالت ڏسي رهيا آهن. هن جي ٽيم جيئن عوامي مسئلا حل نه ڪري سگهڻ سبب ناڪام ٿي آهي ۽ عمران خان هڪ هارائيندڙ ميچ جو بيوس ڪپتان نظر اچي رهيو آهي، هن جو اهو منظر هن جي لاءِ جن جذبن کي پيدا ڪري رهيو آهي، اهي جذبا عمران خان جي حمايت ۾ ته هرگز ڪونهن. عمران خان کي پنهنجن اتحادين تي تمام گهڻو ناز هو. هن متحده جي باري ۾ ته اهو به چيو هو ته متحده جا وزير تمام گهڻا نفيس آهن. عمران خان جي انهن بيانن تي تمام گهڻي تنقيد به ٿي آهي ۽ هن مهل جڏهن متحده عمران خان سان منهن مقابل ٿيڻ جون تياريون ڪري رهي آهي، تڏهن به عمران خان پنهنجي ”نفاست“ واري موقف تي قائم رهندو يا نه؟
حڪومت صرف اتحادين جي ڪلهن تي بحرانن جو بار رکي نه ٿي هلائي سگهجي. عمران خان کي هاڻي جڏهن اتحادي اهو چئي رهيا آهن ته ”حڪومت سان هلڻ تمام گهڻو مشڪل بڻجي ويو آهي“ تڏهن عمران خان کي محسوس ٿي ويو آهي ته جن پنن تي هن پنهنجو سرڪاري آشيانو قائم ڪيو هو، اهي پن هاڻي لڏڻ لڳا آهن. عمران خان اڄ به پاڻ کي سياسي طور تي تمام گهڻو سمجهدار ۽ ڏاهو سمجهي ٿو. جيڪڏهن هو ايترو گهڻو هوشيار ۽ داناهه آهي ته پوءِ هن کي عملي سياست جي تقاضائن جو علم هجڻ گهرجي. هن وٽ ملڪ آهي. جهڙي تهڙي ئي سهي پر هن وٽ حڪومت آهي. هو جيڪڏهن سياسي حوالي سان سمجهدار آهي ته پوءِ اهڙا عمل ڇو نه ٿو ڪري جن سان هن جا مخالف هن جو ساٿ ڏيڻ جي سلسلي ۾ مجبور ٿي پون. هو پنهنجي سياسي ڏاهپ جي حوالي سان هن مهل ان ڏاڪي تي آهي، جڏهن هن جا اتحادي به هن کان بيزاريءَ جو اظهار ڪن ٿا. عمران خان پنهنجي تقرير ۾ اهو چيو هو ته جيڪڏهن ڪوئي هن جو ساٿ نه ٿو ڏيڻ چاهي ته هن ۾ اها سياسي جرئت هجي ته هو سامهون ٿي چوي ته هو مون سان هلڻ نه ٿو چاهي. هن مهل جڏهن هن جا اتحادي ميڊيا معرفت هن کي چون ٿا ته هن سان هلڻ انهن جي لاءِ مشڪل بڻجي ويو آهي ته عمران خان انهن کي الڳ ڪرڻ جو علان ڇو نه ٿو ڪري؟ هو ان مهل جو منتظر ڇو آهي جو هن جا اتحادي هن کي ڇڏي وڃن. عمران خان کي ان جو علم آهي ته عملي سياست اهڙي ئي هوندي آهي. اها عملي سياست ئي آهي، جنهن جي ڪري جنهن شخص کي هو پنهنجو پٽيوالو رکڻ لاءِ تيار نه هو، اهو شخص هن جو اهم ترين وزير ٿي ويٺو آهي. جيڪڏهن عمران خان پاڻ به سمجهوتا ڪيا آهن ته هو ڪنهن ٻي مٿان آخر تائين ساٿ ڏيڻ ۽ هر حال ۾ وفا ڪرڻ جهڙيون اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪري، جن لاءِ شيخ رشيد ”رضيه بٽ“ جي ناولن جا مثال ڏيندو آهي.