ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گئس بحران

Editorial

پي ٽي آ لا اهو چوڻ غلط نه هوندو ته اقتدار ۾ اچڻ کان پو ان نه رڳو بحرانن کي جنم ڏنو آهي پر جيڪي بحران حل ٿيڻ جوڳا هئا، انهن کي به حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪي معيشت کان وٺي توانائي بحران تائين سڀئي هاڻوڪي حڪومت ۾ سنگين ٿيا آهن. انهن بحرانن جي ڪري عوام ڀوڳي رهيو آهي. حڪومت وٽ هر بحران لا عجيب قسم جا جواز آهن. هن وقت ٻين بحرانن کي ڇڏي، رڳو توانائي بحران کي ڏسجي ته اهو به گهڻو وڌي ويو آهي، جن ۾ بجلي ۽ گئس جو بحران گهڻو وڌي ويو آهي. جڏهن توانائي بحران سنگين ٿئي ٿو ته اهو معيشت تي وڌيڪ اثرانداز ٿئي ٿو. جنهن جي ڪري هڪ پاسي مهانگائي وڌي ٿي ته ٻئي پاسي ماڻهو به بيروزگار ٿين ٿا. حڪومت وٽ جيئن ته ملڪ کي هلائڻ لا ڪا حڪمت عملي ڪانهي ان ڪري اها پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ لا هر وقت اپوزيشن پارٽين تي چڙهائي ڪندي رهندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام پريشان لڳو پيو آهي. مهانگائي ۾ پيڙجندڙ عوام لا سک جو سنيهو پري پري تائين نظر نٿو اچي. بلڪه هي حڪومت ته عوام کي مليل نالي ماتر سهولتون به ڦري چڪي آهي.
سياري جي مند شروع ٿيندي ئي گئس جو بحران ايترو ته سنگين ٿي ويو آهي جو هاڻ عوام کي گئس دوا وانگر ٽي ويلا فراهم ڪئي ويندي. حڪومت پاران اهو چيو ويو آهي ته پهرين ڊسمبر کان واهپيدارن کي 24 ڪلاڪن ۾ رڳو ٽي ڀيرا گئس فراهم ڪئي ويندي. يعني هڪ اهڙي سهولت جيڪا عوام کي هر وقت مليل هجڻ گهرجي، ان جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي. پر ان ڳالهه جي به پڪ ناهي ته اها گئس به عوام کي وقت سر ملي سگهندي. پي ٽي آ حڪومت نواز ليگ جي حڪومت تي تنقيد ڪندي هئي ته ان ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي پر ڪنهن به حڪومت ۾ اهڙو حشر نه ٿيو جو گئس به عوام کي ٽي ٽائيم ملندي هجي. پر حڪومت کي اهو اندازو هجڻ گهرجي ته ان فارمولي سان وڌيڪ تباهي ايندي ۽ ان خدشي جو اظهار دائود يونيورسٽي جو وي سي ڪري چڪو آهي. ماهرن خبردار ڪندي چيو آهي ته گئس جي 15 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ گئس جي ورڇ واري سموري نيٽ ورڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳائيندي ۽ ورڇ وارو سمورو نظام غير فعال بڻجي ويندو. دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فيض الله عباسي جو چوڻ آهي ته 15 ڪلاڪن تائين گئس لوڊشيڊنگ جو مطلب سيلز ميٽر اسٽيشن يا ٽائون بارڊر اسٽيشن کان فراهمي روڪڻ هوندو ۽ 15 ڪلاڪن تائين گئس جي ورڇ ڪندڙ پائيپ لائينز ۾ گئس نه ويندي ۽ ان جي نتيجي م پائيپ لائينز اندر گئس جو زيرو پريشر هوندو. ماهرن موجب 15 ڪلاڪن تائين پائيپ لائينز خالي رهڻ سبب انهن ۾ گند ڪچرو، سينور ۽ مٽي ڀرجي وڃڻ جو خدشو آهي، گئس نه هئڻ سبب زيرو پريشر جي نتيجي ٻاهريون گند، پاڻي ۽ مٽي ليڪ ٿيل پائيپ لائينز ۾ سوراخن ۽ وٿين ذريعي داخل ٿي ويندو ۽ گئس جي ورڇ وارو سمورو نيٽ ورڪ سخت متاثر ٿيندو. ڊاڪٽر فيض الله عباسي خبردار ڪندي چيو ته اهڙي صورتحال ۾ 15 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ کانپوءِ ساڳين پائيپ لائينز ذريعي ٻيهر واهپيدارن تائين گئس جي بروقت فراهمي به ممڪن نه رهندي ۽ وڏو بحران ٿيندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته گئس جي فراهمي وارو نظام ٻيهر بحال ڪرڻ کانپوءِ پائيپ لائينز ۾ داخل ٿيل پاڻي، گند ڪچرو ۽ مٽي واهپيدارن جي پي يو جي ميٽرز تائين پهچي ويندو، ان جي نتيجي ۾ نه رڳو گئس جي فراهمي متاثر ٿيندي پر بلنگ ۾ غلطيون به سامهون اينديون ۽ واهپيدارن کانسواءِ گئس ورهائيندڙ ڪمپنيز کي به نقصان پهچندو.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، توانائي بحران کي حل ڪرڻ لا ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته جيئن وري اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي جو ان کي منهن ئي نه ڏئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته هي حڪومت بحرانن کي حل ڪرڻ بدران انهن کي پيدا ڪرڻ لا مشهور آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button