شوبز

سشانت جي خاندان جا 5 ماڻهو حادثي ۾ فوت، 4 زخمي

بالي ووڊ جي آنجهاني اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي خاندان جا 5 ڀارتي خطرناڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب پٽنا مان مذهبي تهوار تان ايندڙ جيپ ۾ سوار 10 ماڻهن سان حادثو ٿي پيو آهي، جنهن ۾ تيز رفتار ٽرڪ جيپ سان ٽڪرائي آهي، جنهن ۾ ڊرائيور سميت 6 ماڻهو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن تھ زخمي ٿيل چئن جي بھ حالت ڳڻتي جوڳي آهي. سشانت سنگهه جي ڀيڻويي پوليس آفيسر ٻڌايو تھ مذهبي تهوار ۾ شرڪت بعد موٽندڙ ماڻهن سان حادثو ٿيو، جنهن ۾ اسان جي خاندان جا پري جا 5 مائٽ فوت ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button