پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين محترم جناب، عاليشان عمران خان صاحب آچر ڏينهن وڊيولنڪ وسيلي ڪيل گوهرافشاني ۾ جيڪي هيرا موتي هاريا آهن، تنهن ۾ هڪڙي ڳالهه ته هن اها ڪئي جيڪا ڳالهه گذريل ڪيترن ئي سالن کان سورن جي ستايل پاڪستان جا اڪثر عام شهري پنهنجين ڪچهرين ۾ ڪندي ٻڌا ويا آهن ته …
“شال هن ملڪ ۾ ڪو خميني اچي”
مطلب ڇا؟ مطلب اهو ته پاڪستان ۾ ڪو ايران جهڙو انقلاب اچي ۽ جن به ماڻهن کي ستايو آهي، تن سان ڪوئي سربستو حساب ڪتاب ٿئي. سو محترم عمران خان صاحب پڻ ساڳي ريت فرمايو آهي ته حالتون هاڻ ڪنٽرول کان ٻاهر ٿينديون پيون وڃن ۽ جيڪڏهن حڪمران نه مڙيا ته هتي ايران جهڙو انقلاب اچي سگهي ٿو. بهرحال اها ڳالهه ته جيئن هرڪوئي ماڻهو ڪندو ٿو وتي، تنهن ڪري عمران خان جي انهي اڳڪٿي ۾ ڪا خاص نواڻ ناهي. بهرحال ان ڳالهه کي پاڻ معمول سمجهي جيڪڏهن اڳتي وڌون ٿا ته پوءِ ٿي خبر پوي ان فضيلت، صلاحيت، فهم ۽ ذميوار زبان جي، جنهن زبان جي دعوا آهي ته پاڪستان ۾ سچ جيڪڏهن ڪير ڳالهائي ٿو ته اها واحد زبان عمران خان جي ئي زبان آهي. سو ان سچي زبان آچر جي ڏينهن ٻيو ڇا ڳالهايو، تنهن جا ڪجهه جملا اچو ته هتي رکي ڏسون ۽ سمجهون ته عوام جي انهي “مقبول ترين اڳواڻ” ۾ ڪيتري نه مدبري سمايل آهي.
عمران پنهنجي انهي تاريخي بيان ۾ چوي ٿو ته تحريڪ انصاف پنجاب جي نگران وڏي وزير خلاف قتل ۽ زمان پارڪ واري حملي ۾ ملوث هڪ پوليس آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ وڃي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن اليڪشن جو اعلان ٿي چڪو هجي ته مٿان قلم 144 ڪيئن ٿو لڳي سگهي؟ عمران خان جي چوڻ موجب پنجاب پوليس جو آئي جي غيرت کان وانجهيل آهي. (جيتوڻيڪ عمران خان ته پنجاب پوليس جي آئي جي لاءِ غيرت جي حوالي سان صفا سڌو لفظ استعمال ڪيو پر پاڻ وري به سندس ئي چيل ان انتهائي ڪريل لفظ کي ٿورو ٻولي جي ڌوٻي گهاٽ تي ڌوئي ڌمالي لکيو آهي.) هو چوي ٿو ته شڪر آهي جو مئجسٽريٽ کي عقل اچي ويو ۽ هن گاڏي ۾ ويٺي مون کان حاضري واري صحيح ورتي. عمران خان جنرل باجوه کي وري ساڳيو غدار قرار ڏنو ۽ هاڻوڪن حاڪمن لاءِ چيائين ته هي حڪمران مون کي قتل يا گرفتار ڪرڻ ٿا چاهين. اليڪشن ڪميشن بابت به سندس ٻولي انتهائي فضيلت واري هئي، جنهن ۾ هن صاحب فرمايو ته اليڪشن ڪميشن کي شرم ڪونهي جو محسن نقوي کي مقرر ڪيو اٿائين. مريم نواز کي ڪُوڙن جي راڻي قرار ڏيندي فرمايائين ته اها انتشار پکيڙي رهي آهي. وڌيڪ چيائين ته ڇنڇر تي کيس تمام گهڻي ڪاوڙ هئي، تنهن ڪري هن خطاب نه ڪيو.
هاڻ اچو ته عمران خان جي فهم ۽ فضيلت سان ڀرپور انهي خطاب جي تناظر ۾ ٿورو ان ڳالهه جو جائزو وٺون ته هي ٻولي ته عمران خان ڪاوڙ لهڻ کان پوءِ ڳالهائي آهي پر جنهن ڏينهن هو ڪاوڙيل هو، تنهن ڏينهن جيڪڏهن تقرير ڪري ها ته ڇا فرمائي ها؟ يقينن هن ٻولي کان به اڃان وڌيڪ فضيلت واري ٻولي پاڻ کي ٻڌڻ لاءِ ملي ها!! پر افسوس جو ملڪ جو عوام اهڙي عمراني اظهار کان محروم رهجي ويو.
سچي ڳالهه اها آهي ته پاڻ ڪجهه ڏينهن اول لکيل حامد مير جي انهي مضمون سان سورنهن آنا سهمت آهيون، جنهن ۾ حامد مير عمران خان کي ملڪ ۾ جمهوريت خلاف هر دور ۾ راتاها هڻندڙن لاءِ قدرتي سزا قرار ڏيندي لکيو ته انهن راتاها هڻندڙن عوام جي اصل نمائندگي سان تاريخ ۾ جيڪو حشر ڪيو، تنهن پوکِيءَ جي اڄوڪي لٿِي جو نالو عمران خان آهي. سو اهو فصل هاڻ ويهي لڻو!!
ها بلڪل آهي به ايئن. هتان جي اسٽبلشمينٽ جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙن سان ڇا ڇا نه ڪيو آهي؟ ڪوڙا، ڦٽڪا، ڦاهيون، ڪال ڪوٺڙيون، ڏنڊا ٻيڙيون، زهر ملايل کاڌا، غداري جون مهرون، جلاوطنيون مطلب ته هر اها سزا جيڪا اسٽبلشمينٽ کي مختلف وقتن تي گهربل هئي سا عوامي جمهوري جدوجهد وسيلي ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني جا خواب ڏسندڙن خلاف لاڳو ڪئي وئي.
هي عمران خان ڪير آهي؟ عمران خان به ته هڪ سزا طور ته تيار ڪيو ويو هو ٻيو ڇا آهي؟ اها سزا جيڪا نواز ليگ، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ٽنهي لاءِ رِٿي وئي، تنهن سزا جو نالو آهي عمران خان. جنهن ۾ نواز ليگ جا ته ترا ئي نڪري چڪا آهن ۽ وڏي حد تائين سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سان به عمران خان ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيو حشر ڪيو. باقي بچي ٿي پيپلز پارٽي، جنهن سان هو سندرو ته ڪيو بيٺو آهي پر سنڌ ۾ عمران خان پنهنجا پير اوئين نه کوڙي سگهيو، جيئن هن کوڙڻ چاهيا ٿي. ها سو ايئن هلندي هلندي ٿيو هيئن جو جن عمران خان کي تيار ڪيو هو، تن جون پنهنجون ترجيحون مقامي توڙي عالمي تقاضائن جي تناظر ۾ جيئن مٽيون ته انهن کي اُتي اهو عمران خان واري ۾ نه هو، جنهن عمران خان جي سڀ کان وڏي بيماري آهي ئي اها ته هو پاڻ کي هاڻ پاڪستان جو اڪيلو اڳواڻ سمجهي ٿو ۽ پنهنجي هر خواهش کي پورو ڏسڻ جي” پُراڻي هير!!” اڄ به منجهس جيئن جو تيئن قائم آهي. سو اهي عمران خان جون ذاتي ڪمزوريون هڪ اهڙي رياست ڊگهي عرصي تائين برداشت ڪري به ته ڪيئن، جيڪا پاڻ اڃان مٿان وڏن مُجيرين وٽ ڦاٿل آهي. سو جيئن عمران خان کي ٽيڪ ڏيئي بيٺلن هٿ ڍرا ڪيا ته هو ورائي پنهنجي پاليندڙن جي ڳچي ۾ پئجي ويو ۽ هاڻ جنهن راهه تي هو هلي پيو آهي، تنهن ۾ رياست نه کيس ڳيهي ٿي سگهي ۽ نه ئي اوڳاڇي سگهي ٿي.
هاڻ صورتحال اها آهي جو عمران خان جا ماڻهو سرعام پوليس کي ڪُٽي رهيا آهن، پوليس جون گاڏيون ساڙيون پيون وڃن، ملڪ جي هر اداري لاءِ کين جيئن وڻي ٿو تيئن ڳالهائين ٿا پر رياست آهي سا پوئتي هٽي وڃي ديوار سان لڳي آهي ۽ پنجاب ۾ رياست جي اهڙي بيوسي ڏسي باقي صوبن جا ماڻهو چون ٿا ته جيئن عمران خان ۽ سندس ماڻهو سرعام قانون توڙي امن جون ڌڄيون اڏائي رهيا آهن، ڇا سنڌ، بلوچستان يا هڪ حد تائين خيبرپختونخوا جي ڪا ترقي پسند جمهوري ڌر خواب ۾ سوچي سگهي ٿي؟ ايئن چئي وري ماڻهو پاڻ ئي اهو ئي جواب ڏين ٿا ته جيڪڏهن ڪو سنڌي يا بلوچ اڳواڻ ايئن ڳالهائي يا سندس پارٽي ايئن ڪري جيئن تحريڪ انصاف وارا ڪري رهيا آهن ته رياست انهن جا ٻچا ئي ٻير تي چاڙهي ڇڏي. ان جو مطلب ڇا ٿو نڪري؟ ان حقيقي عوامي راءِ جو مطلب توڙي نتيجو هن رياست کي داخلي طور وڌيڪ تڪراري بڻائي ٿو ۽ رياست لاءِ اهڙو تڪراري تاثر (جيڪو حقيقت ۾ درست به آهي) وڌائڻ جو ذميوار به رياست جو پنهنجو ئي پاليل عمران خان ئي آهي.
سو اها آهي هن ملڪ ۾ عمران خان پاران امڪاني طور اعلانيل ايراني انقلاب کان اڳ جي صورتحال ۽ جيڪڏهن فرض ڪريو ته ايران جهڙو ڪو انقلاب هن ملڪ ۾ اچي به ٿو (جي آيو ته عمران خان جي سوچ ۽ خواهش موجب انهي انقلاب جا موڙ به هو پاڻ ئي ٻڌندو) ته پوءِ هي عمراني ٽولو هن ملڪ سان ڪهڙو حشر ڪندو؟
سو سائين منهنجا!! پاڻ جيڪي غريب مسڪين ۽ بي پهچ شهري آهيون، جن کي هر نئين صبح رياست سان وفاداري ثابت ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي، وڌيڪ ڇا چئي يا ڪجهه ڪري ٿا سگهون سواءِ ان دعا جي ته شال عمران خان کي رب سائين اڃان به وڌيڪ توفيق عطا فرمائي ۽ هو تاريخ جي درستگي ڪندي، ايئن اڳتي وڌندو رهي جيئن اڄڪلهه وڌي رهيو آهي. ها شل ايئن ئي ٿئي ته جيئن هن رياست ۾ وقت جي هڪ وڏي حادثي جي صورت ۾ جڪڙجي ويل مظلوم قومن توڙي طبقن جي جند گهٽ ۾ گهٽ ڏاچي جي چَپ جهڙي ان آسري مان ته آجي ٿي سگهي ته هن ملڪ ۾ ڪا عوامي جمهوري راڄ واري بهار ڪڏهن اچي به سگهي ٿي. ظاهر آهي ايئن جڏهن مظلوم قومون ۽ طبقا انهي ڪوڙي آسري مان آجا ٿيندا تڏهن ئي وڃي هو پنهنجو اصل علاج ڳوليندا.
هن ملڪ ۾ موجود مظلوم قومن ۽ طبقن جي محڪومي ۽ غلامي مان نجات جو اصل علاج يا رستو ڪهڙو آهي؟ ان لاءِ پاڻ کي منهنجي خيال ۾ وڌيڪ لکڻ جي ضرورت ان ڪري ناهي جو وڏا سڀ سمجهائي ويا آهن.