اسلام آبادپاڪستان

بلاول جو سعودي ۽ ايران جي هم منصب کي فون،مختلف مامرن تي ڳالهيون

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ڪالهه اڱاري ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 10 مارچ تي بيجنگ ۾ ايران، سعودي عرب ۽ چين پاران گڏيل ٽه ڌريي بيان تي صحيحن تي مبارڪباد ڏيندي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفاري لاڳاپن جي بحالي کي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي دانشمندي ۽ دورانديشي جو ثبوت قرار ڏنو. پرڏيهي وزير ان عمل کي آسان بڻائڻ ۾ چين جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو. بلاول ڀٽو زرداري ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي سان پاڪستان جي ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي تجديد پوري خطي جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار جو ذڪر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ڪالهه اڱاري ڏينهن ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب ۽ ايران جي وچ م لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ بابت تازي “ٽه ڌريي گڏيل بيان” جي ذريعي اعلان تي سعودي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مثبت اڳڀرائي تي سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اهو معاهدو پوري خطي ۾ امن، سلامتي، واپار ۽ ترقي جي لاءِ بامعنيٰ ڳالهين جي شروعات جي راهه هموار ڪندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button