پنجاب پنهنجي سياسي ڪردار کي ايترو ته تبديل ڪري ڇڏيو آهي جو اهو يقين اچڻ تمام مشڪل بڻجي ويو آهي ته ڇا هي ساڳيو پنجاب آهي، جيڪو ڪڏهن سياسي طور تي نه صرف سرد هو پر هن جي هر سوچ ۽ هن جو هر عمل اسٽيبلشمينٽ جي چوڌاري ايئن چڪر هڻندو هو، جيئن ڪو ستارو سج جي چوڌاري گردش ڪندو هجي. اڄ اهو ڏسي حيرت ٿي رهي آهي ته پنجاب جو اسٽيبلشمينٽ مخالف ڪردار انهن صوبن کان به گهڻو اڳتي ويو آهي، جيڪي آباديءَ جي حوالي سان ننڍا ۽ معاشي ڦرلٽ جي حوالي سان تمام گهڻا مظلوم آهن. ڇا اوهان کي بلوچستان ۾ اهي نعرا ۽ اهي احتجاج نظر اچن ٿا؟ سنڌ جيڪا ڪڏهن پاڪستان جي سياسي سرواڻ هئي ۽ جنهن جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف اهو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن جو مثال ملڪي تاريخ ۾ موجود ناهي. اڄ اها ايئن خاموش آهي، جو اسان کي اهو به يقين نه ٿو اچي ته هيءَ اها سنڌ آهي، جيڪا ڪڏهن سياسي طور تي هڪ ٻرندڙ جبل هوندي هئي. اڄ سنڌ جي سياست ۽ سنڌ جو سياسي شعور شرمساريءَ جي حد تائين گهٽجي ويو آهي ۽ اهو پيپلز پارٽيءَ جي صورت ۾ اهڙو ته ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن تي ڪنهن به غيور قوم کي فخر بدران فڪر لاحق ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ اديبن جو ڪردار به ايترو ته سرڪاري بڻجي ويو آهي جو ان کي ڪنهن به طرح سان جسٽيفاءِ ڪري نه ٿو سگهجي. اهي اديب جن ڪڏهن تاريخ ۾ سياسي پارٽين جي نعم البدل جي طور تي ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ۾ ڏار وڌا هئا. اهي اديب جن ڪڏهن سنڌ جي قومي وحدت ۽ هن جي قومي شعور ۾ شعلا جلايا هئا. اڄ اهي اديب هڪ اسٽيج هڪ ڪرسي ۽ هڪ ٽڪيٽ ۽ وڏي ۾ وڏي شيءَ ته هوٽل جو هڪ رات وارو ڪمرو انهن کي مڪمل طور تي ماٺ ڪرائي ويٺو آهي ۽ ڪنهن به قوم جي لاءِ اها ڳالهه تشويش جو ڪارڻ هجڻ گهرجي ته ان سان اهو ڇا ٿي رهيو آهي؟
پاڪستان جي سياسي تاريخ گواهي ڏيندي ته اها سنڌي قوم هئي، جنهن بنگالي قوم کان پوءِ ڀرپور طرح سان پنهنجو قومي وجود بچائڻ جي لاءِ اهو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن جو ڪوئي تصور به ڪري نه ٿو سگهي. اها سنڌي قوم هئي، جنهن جي سياسي ڪارڪنن ته ڇا پر جن جي اديبن ۽ شاعرن کي حق پرستيءَ جي ڏوهه سبب زندانن ۾ وڌو ويو ۽ جن کي سچ جي راهه تي هلڻ جي نتيجي ۾ روپوش ٿيڻو پوي. اڄ به جيڪڏهن اسان ون يونٽ ۽ ون يونٽ کان ڪجهه پوءِ وارو سنڌي ادب پڙهون ٿا ته اسان کي حيرت وڪوڙي ٿي وڃي. اسان کي اهو ڏسي تمام گهڻو شرم اچي ٿو ته اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن جو ڪڏهن ڪو امڪاني طور سان انديشي طور تي پنهنجي جيءَ ۾ سمائي سوچيو هجي! اسان جي اديبن ۽ دانشورن کي جهڙي طرح سرڪاري مراعتون ۽ اهي به تمام گهٽ ۽ گهٽيا قسم جون آسائشون جنهن طرح سان پنهنجو اسير بڻائي چڪيون آهن ۽ هو هڪ بيڪار ۽ بي معنيٰ قسم جي ادب کي لکي پاڻ کي وڏو معتبر اديب ۽ شاعر سمجهي رهيا آهن، انهن جي اها خوشفهمي ۽ اهو خيال اسان جي قومي زوال جو ثبوت فراهم ڪري رهيو آهي.
سنڌ ۾ ڪڏهن ته کاٻي ڌر جي سياست ۾ هڪ طرح جو اوج هو ۽ سنڌ ۾ انقلابي سرگرميون عام جام هيون. پر هاڻي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويل ڏسجي ٿو. اسان کي پنهنجي اهڙي قومي ۽ طبقاتي سياست جي زوال جو ڪو انديشو به نه هو ۽ اسان اهو سوچيو به نه هو ته ڪو اهڙو وقت به ايندو جو سنڌ جو فڪر ۽ فهم هڪ وڏي بي عملي ۽ مفاد پرستيءَ جي ور چڙهي ويندو. اسان جي قومي شعور جي وسامي ويل شمع جو ڪهڙو سبب آهي؟ اهو هڪ طويل ۽ تمام اهم بحث آهي. پر هن وقت جيڪو ڪجهه موجود آهي، اسان ان تي فوڪس ڪريون ٿا ۽ اسان کي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿي رهي آهي ته سنڌ ۾ اها سياست بنهه ناپيد ٿي ويئي آهي، جيڪا اسان جي قومي ۽ عوامي مفاد جي نگهبان بڻجي سگهي ٿي ۽ اسان کي اسان جا تاريخي ۽ قومي حق حاصل ڪري وٺي ڏئي سگهي ٿي. اسان کي ان قسم جي صورتحال جو مهاڏو آهي، جنهن ۾ اسان جو قومي وجود نالي ماتر بڻجي ويو آهي ۽ اسان کي پنهنجي سوچ ۽ عمل مان اها ساڳي خوشبو نه ٿي اچي، جيڪا ڪڏهن اسان جي سڃاڻ هئي. اها ڳالهه پنهنجي واتان پنهنجي تعريف ناهي پر اسان جو سياسي عمل ڏسي ۽ اسان جي سياسي شعور جو اعتراف ڪندي اسان جا مخالف به اهو تسليم ڪندا هئا ته سنڌ جا ماڻهو سياسي سمجهه ۽ سياسي سرگرميءَ ۾ تمام گهڻا تيز آهن ۽ انهن کي سياسي ميدان ۾ مات ڪرڻ نه صرف مشڪل پر هڪ حد تائين ناممڪن آهي. پر اڄ اهائي سنڌ پنهنجي سياسي ڪردار کي فراموش ڪري، هڪ اهڙي سمجهوتي جو شڪار ٿي وئي آهي، جيڪو هن جي قومي وجود کي ايئن ڳاري رهيو آهي، جيئن اس ۾ برف ڳرندي آهي. اسان جو اهو حال ڏسي هاڻي ته اسان کي وفاقي سطح تي ڪوئي کنگهڻ جي لاءِ به تيار ناهي ۽ جيستائين اسٽيبلشمنيٽ جو حوالو آهي ته ان کي اهو اطمينان ٿي ويو آهي ته سنڌ جي سموري سوچ ۽ عمل کي مڏو ڪرڻ ۾ اها تمام گهڻي ڪامياب ٿي آهي.
سنڌ کي جهڙي ريت هڪ زرداريءَ جي معرفت قابو ڪيو ويو آهي، اهو ڪمال آهي يا زوال آهي؟ ان جو فيصلو تاريخ کي ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل پيش نه ايندي ۽ اسان کي پنهنجي قومي ۽ عوامي سياست جي سرگرميءَ جي خاتمي تي ته ڪو فڪر ۽ ڪا ڳڻتي به ناهي. جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اسان اهو ڪجهه ٿيڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي باري ۾ سوچي به نه ٿا سگهون. ڇو ته اسان جو سياسي ڪردار ۽ اسان جي سياسي قيادت ۾ اهو وزن ئي ناهي، جيڪو ڪنهن به قوم کي گهربل هوندو آهي ۽ اها قوم ان کي استعمال ڪري تاريخ ۾ پنهنجو اوچو ۽ اعليٰ مقام جوڙيندي آهي. سنڌ جي اهڙي سياسي زوال جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪوئي ڪڇي به ٿو ته ان کي خاموش ڪرايو وڃي ٿو. ان جو اهو مطلب ناهي ته ان قسم جي بحث سان سنڌ جي مٿان ڪنهن به قسم جو ڪوئي احساس جرم جو بار پوي ٿو پر جيئن ته ان سياسي زوال ۾ جن ماڻهن جو ڪردار آهي، انهن کي اهو خدشو ورائي وڃي ٿو متان هو ظاهر ٿي پون ۽ انهن کي قومي نقصان جو نه پر پنهنجي پڌري ٿي پوڻ جو خوف آهي.
سنڌ جي ڀيٽ جيڪڏهن موجوده پنجاب سان ڪجي ٿي ته اسان کي اهو ڏسي تمام گهڻي حيرت ٿئي ٿي ته جنهن پنجاب جي سياسي ڪردار تي اسان چٿرون ڪندا هئاسين ۽ جنهن پنجاب جي مٿان اسان جي اها لاڳيتي تهمت هوندي هئي ته هو پنهنجو ضمير پنهنجي مفادن تان قربان ڪري چڪو آهي، اهو پنجاب هن مهل ڪنهن کنوڻ وانگر تجلا ڏئي رهيو آهي ۽ ان پنجاب جي عوام جي سياسي سرگرمي پوري پاڪستان ۾ موجود مظلوم قومن کان به تمام گهڻي اڳتي نڪري وئي آهي ۽ اهو ڪجهه ڪهڙي طرح ٿيو آهي، جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ اسان کي نئين سر هڪ ٻين بحث جي ضرورت پيش ايندي پر جيڪو ڪجهه سردست موجود آهي، ان کي اسان پنهنجي پسمنظر ۾ ڏسون ٿا ته اسان کي حيرت ٿئي ٿي ۽ اسان کي اها ڳالهه دل سان تسليم ڪرڻ گهرجي ته ان جا سبب کڻي ڪهڙا به هجن پر پنجاب هن مهل پنهنجي سياسي عمل ۾ سنڌ کان تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي ۽ هن جي سياسي سرگرمي ان اسٽيبلشمينٽ جي خلاف آهي، جنهن سدائين پنجاب جي لاءِ مظلوم قومن جي ڦرلٽ ڪئي آهي. اڄ پنجاب جو عوام پنهنجي ان اسٽيبلشمينٽ سان برسرپيڪار آهي، جنهن جو آشيرواد هن جي مٿان سدائين رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اسان اڄ به ڏسون ته اسان وٽ انڪار جي ڪا به گنجائش موجود ناهي ته جيڪڏهن هن وقت پنجاب ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ آسودو ۽ امير آهي. جيڪڏهن پنجاب ۾ ڀرپور ترقي نظر اچي رهي آهي ته ان جو سبب اسٽيبلشمينٽ پاران ملڪ جي مظلوم قوم جي ڦرلٽ ۽ ان ڦرلٽ جو پنجاب جي عوامي کي سڌو فائدو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ به هر شعبي جي اهم پوسٽن جي مٿان پنجاب جا ماڻهو ويٺل آهن. پر پوءِ به ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ جڏهن پنجاب جي ماڻهن کي نظر اچي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي روش سبب ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پئجي رهيو آهي ته پنجاب جا ماڻهو روڊن ۽ رستن تي نڪري اهڙا احتجاج ڪري رهيا آهن، جن کي قانون نافذ ڪندڙ قوتن جا ٽولا به روڪي نه ٿا سگهن.
لاهور ۾ زمان پارڪ جي حوالي سان جيڪو ڪجهه به ٿيو ڇا اهو پنجاب جي ماڻهن جو ڪردار نه هو؟ اسان اڳ ۾ پنجاب جي مٿان اها تهمت مڙهيندا هئاسين ته پنجاب ڪڏهن به سياسي عمل ۾ ان طرح سان نه ايندو جو ان جو ڪردار اسٽيبلشمينٽ مخالف بڻجي وڃي پر اڄ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي سوچ ۽ سمجهه کان مٿي جو معاملو هو. ان مان اهو ثابت ٿيو ته ڪنهن به قوم مان مايوس ٿيڻ نه گهرجي ۽ اسان کي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻي آهي ته ڪا به قوم پنهنجي قومي ڪردار جي حوالي سان ڪنهن به وقت تبديليءَ جي طرف وک وڌائي سگهي ٿي. ان جو سڀ کان سٺو ۽ وقتائتو مثال سنڌ ۽ پنجاب جي سياسي صورتحال جي صورت ۾ اسان جي آڏو اچي ٿو. اسان ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته سنڌ کان سياسي سوچ ۽ لوچ اهڙي طرح ڦرجي ويندي ۽ پنجاب جو عوام پنهنجي موقعي پرستيءَ واري سياست ڇڏي جمهوري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ واري سياست ڪري اسان سميت پوري ملڪ کي حيران ۽ پنهنجي صوبي جي اسٽيبلشمينٽ کي پريشان ڪري ڇڏيندو. اها تاريخي تبديلي آهي. ان کان نڪار ڪرڻ سچ کي تسليم نه ڪرڻ جي برابر آهي.