اسلام آبادپاڪستان

شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿيندي ته سپريم ڪورٽ مداخلت ڪندي:چيف جسٽس

اسلام آباد :چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته جيڪڏهن شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿيندي ته سپريم ڪورٽ مداخلت ڪندي. سپريم ڪورٽ ۾ سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر ڪيس جي شنوائي ٿي، عدالت درخواست واپس وٺڻ تي غلام محمود ڊوگر جي بدلي خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته نگران حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ چونڊ شيڊيول جاري ٿي چڪو آهي. آرٽيڪل 218 تحت صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. ليول پليئنگ فيلڊ لاءِ بيورو ڪريسي ۾ بدلي ڪرڻ به اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. نگران حڪومت به اليڪشن ڪميشن جي منظوري سان ڪنهن آفيسر جي بدلي ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس چيو ته صاف شفاف چونڊن لاءِ بدلين جو اختيار اليڪشن ڪميشن استعمال ڪندي آهي، ثابت ٿي ويو ته نگران حڪومت بدليون اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان ڪندي آهي، اليڪشن ڪميشن پاڻ به نگران حڪومت کي آفيسرن جي بدلين جا حڪم ڏئي سگهي ٿي.هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن سپريم ڪورٽ جي ڳالهين کي غلط طريقي سان سمجهيو ويندو آهي، اسان هڪ ڪيس ۾ چيو ته 1988 ۾ هڪ ايماندار وزيراعظم هو، اسان جي ان ڳالهه کي پارليامينٽ غلط سمجهيو، اسان اهو نه چيو ته اڄ تائين رڳو هڪ ئي ايماندار وزيراعظم آيو. چيف جسٽس چيو ته اسان آئيني ادارن کي پنهنجي فيصلن ۾ تحفظ ڏنو آهي، عدليا تي به حملا ٿي رهيا آهن، عدليا جو تحفظ ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ تحفظ فراهم ڪندي، اليڪشن ڪميشن کي آئين تحت اختيار حاصل آهن، جن جو مقصد شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، جيڪڏهن شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿيندي ته سپريم ڪورٽ مداخلت ڪندي.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني ادارو آهي، جنهن کي آڊيو ٽيپس ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي، اسان صبر ۽ درگذر کان ڪم وٺي آئيني اداري جو تحفظ ڪنداسين، آئيني ادارن کي بدنام ڪندڙ انهن آڊيو ٽيپس جي ڪا اهميت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button