اسلام آبادپاڪستان

زلمي جي بيان سان آمريڪي سازش جي اصليت اچي وئي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب زلمي خليل زاد جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان سان آمريڪي سازش ۽ امپورٽيڊ رجيم جي اصليت سامهون اچي وئي آهي، جيوش لابي پنهنجو ڪـٺ پتلي بچائڻ جي لاءِ سامهون اچي چڪي آهي، فارن فنڊنگ جي ڏوهاري جا هينڊلرز سامهون ايندا پيا وڃن، فارن فنڊنگ جو نيڪسس بي نقاب ٿي ويو. ڪالهه اربع ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته فارن ايجنٽ ڪير آهي، ثابت ٿي ويو. توهان کي ڪٺ پتلي چار سال انساني حقن جون بدترين پائماليون ڪيون، توهان جي ڪٺ پتلي ميڊيا پريڊيٽر بڻجي چڪي آهي. هن عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جو ڪٺ پتلي پاڪستان ۾ مالياتي، سياسي ۽ سفارتي تباهي جو ذميوار آهي، عالمي لابسٽ پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي لاءِ متحرڪ ٿي ويا آهن، اهو ٽوئيٽ انهي منصوبي جي ڪڙيءَ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button