اسلام آبادپاڪستان

سحر،افطار ۽ تراويح دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : توانائي واري وزارت وزيراعظم جي حڪمن تي سحر ۽ افطار ۽ تراويح جي وقتن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. وزيراعظم شهبازشريف ڀلاري مهيني رمضان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ توانائي وزارت اهڙو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ ملڪ جي بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. تونائي وزارت چيو ته روزي رکڻ ۽ روزي کولڻ ۽ تراويح جي وقتن ۾ بجلي جي فراهمي يقيني بنائڻي پوندي. روزي رکڻ جي وقت کان هڪ ڪلاڪ اڳ ۽ هڪ ڪلاڪ پوءِ زيرو لوڊ مئنجمينٽ ٿيندي. جڏهن ته روزي کولڻ جي وقتن ۾ هڪ ڪلاڪ اڳ ۽ 3 ڪلاڪ کان پوءِ زيرو لوڊ مئنجمينٽ ٿيندي. ڊويزن ۽ سب ڊويزن جي سطح تي شڪايتون ٻڌڻ لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن. توانائي واري وزارت چيو ته ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ جي صورت ۾ اضافي ٽرانسفارمر ۽ ٽراليون مهيا ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button