ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جهنگ جي ماڻهن سان ملاقات

Editorial-Article- Zubair Bughio

تهذيب جي اعلى سڃاڻپ شهر هوندا آهن پر خالد جوڳي جو ڪتاب “جهنگ جا ماڻهو” پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته جديد ترقي واري دور کان موڪلاڻي ڪري انهن جهنگ جي ماڻهن سان هلي رهجي جن وٽ جدت ته ناهي پر اهي قدر، روايتون، رسمون، رواج ضرور آهن جيڪي موجوده سنڌ مان موڪلائيندا ٿا وڃن. ڪنڀرن جا ڪتاب وٺڻ ويس پر نئون ڪتاب ڪو به نه پيو ملي جنهن ۾ نصير ڪنڀر جو “جهرڪيون اڏامي ويون”، حفيظ ڪنڀر جو “جنب ڪٿا” ۽ خالد جو “ڪاري رات جا مسافر”. پر سڀئي ڪتاب دڪانن تان غائب لڳا پيا هئا. هن ڀيري ڪنڀرن جي ڪتابن جي وڏي گهر آهي پر اسان اڃا حاصل ڪري ناهيون سگهيا. ان ڪري خالي وڃڻ کان بهتر لڳو ته جهنگ جا ماڻهو ئي ڪتاب وٺجي.
ڪتاب پڙهڻ جو مزو تڏهن ايندو آهي، جڏهن ان جا نوٽس وٺجن پر جي نوٽس نه ٿا ٺھن ته انڊر لائين مان ڪم ٽپائي سگهجي ٿو.
خالد جا ڪتاب پڙهڻ کان اڳ خالد جو تعارف پاڻ وٽ ڪاوش اخبار جي معرفت پهتل آهي. تڏهن هي اڃان جوڳي نه ٿيو هو پر اخبار ۾ خالد ڪنڀار جي نالي سان مضمون لکندو هو. ڪتاب جي سرورق کان وٺي مطالعو ڪرڻ جي وقت سائين عبدالواحد آريسر جي ليک جوڳي تي جڙاءُ نسورو ئي نينهن جو کان وٺي نثار کوکر جي عشق دا ملنگ تائين پين سان ايترا ڀيرا انڊر لائين ڪيو آهي جو ڪتاب جو ته حشر نشر خراب ٿي ويو آهي.
ڪتاب موضوع جي لحاظ کان ته سنڌ جي قديم قبيلن ۽ رائج ريتن رسمن ۽ ماڻهن جي باري ۾ آهي پر بيان جو انداز اهڙو ته سهڻو اٿس جو ڪتاب لکيل انهن قبيلن ۽ ڪردارن سان ڪچهريون ڪرائي ٿو، جيڪو ڪم پنهنجي جاءِ تي اوکو به آهي.
وڏي ڄمار ماڻيندڙ نانگ جي مڻ کي پدم چئبو آهي. اهو هن ڪتاب جو ڪمال آهي نه ته اسان ته پدم سو کربن کي سمجهندا آهيون. پاڻ ڪتاب جو ذڪر لفظن جي مها ڪاريگريءَ کان سواءِ ڪنداسين جيئن پڙهيو ۽ سمجهيو آهي باقي ته مقالا ٻيا لکندا.
ڪتاب ۾ ڏنل موضوع پاڻ سان گڏ ٿر جي ڀٽن ۽ ڀانن جا سير ڪرائيندا رهن ٿا، ائين ٿو لڳي اهو سڀ ڪجهه سامهون ٿي رهيو آهي. ٿر جو سير ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا تاريخي هنڌ جتي پنهنجو وڃڻ محال آهي، اتي خالد جو ڪتاب اهي سڀ چڪر لڳرائي ٿو جيڪي هلي ھوند اکين سان ڏسجن. هن جي ڪتاب ۾ جوڳين جي دنيا به ڪمال جي دنيا ٻڌايل آهي. اڳتي وڃڻ کان بهتر آهي ته انهن سان انهن جي ڳالهين جي دنيا ۾ رهجي، جتي عقيدو عشق جي رنگ ۾ رڱيل ٿو نظر اچي.
شهري بابوئن لاءِ ته واقعي اهي سنئوڻ ساٺ غير حقيقي لڳندا هوندا پر جيڪي انهن سان گڏ رهن ۽ سهن ٿا انهن کي خبر هوندي ته هي ڪهڙي رنگ جي دنيا آهي. جتي پادر سان مرندڙ لنڊي بلا کان ويندي هڻ کڻ بلا يا ڦوڪڻ بلا جيڪا سو ڪوهه رات وچ ۾ طئي ڪري اچي حملو ڪندي آهي پر ويندي وقت ان جيو کي جاڳايو ضرور ويندي آهي جنهن تي هن حملو ڪيو هوندو پر پوءِ ان کي پڪڙڻ لاءِ ڀلو گهوڙو ڇو نه هجي پر بچڻ محال بڻجي ويندو آهي.
جوڳين جو شادين ۾ نياڻين کي ڏنل ڏاج ۾ جيڪڏهن ڪتو، مڻ ۽ سينگي سينگهار نه ڏنو ڄڻ ڪجهه نه ڏنو. اهڙيون روايتون، اهڙا قصا جيڪي فقط وڏن کان ٻڌندا هئاسين انهن قصن ۽ ڪهاڻين کي واقعي جوڳي خالد شاهڪار انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
ڪتاب جو اهڙو ته سحر چڙهيل آهي جو لاشعور ۾ به ائين ٿو لڳي ڄڻ پاڻ ڪتابن ۾ نه حقيقت ۾ مشاهدو ڪري رهيو هجان. اهڙو اثر ڪجهه ناول يا آتم ڪهاڻين جهڙا ڪتاب ڏيندا آهن پر هي جهنگ جي ماڻهن جون ڳالهيون پڙهي لڳي ٿو ته پاڻ به ان جهنگ جي ماڻهن سان گڏ آهيون، جيڪي ڪڏهن ريٻاري جو روپ ڌاري مهراڻو پار ڪري جنڊاآوڙن سان جنڊ جو واپار ڪرڻ لاءِ ڦيريون ڏيندو ٿو وتان.
جيسلمير جا اهي ڀاٽي ڌاڙيل به ڏاڍا اصولن وارا هوندا هئا، جيڪي سرحد پار ڪري به اچي ڌاڙا هڻندا هئا پر انهن ڪڏهن ڳئون ماتا جو ڌاڙو نه هنيو، نه وري ڪڏهن ڪنهن عورت کي ڦريو. سئو سالن واري اها ڏوڪري به ياد رهي ٿي جيڪا چانهه جون چسڪيون ڀريندي پنهنجي پنجاهه سال پراڻي لڳل ڌاڙي جي ڳالھه ٻڌائي رهي هئي. ڌاڙيل سروپ سنگھه ڀاٽي به ياد اچي ٿو جنهن جو نشانو سنهي وار جيترو به نه ٿڙندو هو.
جهنگ جا ماڻهو ڪتاب اهڙي گل وانگر آهي جنهن تي پڙهندڙ پوپٽن وانگر ڦيرا ڏئي پهچن ٿا ڇو ته ڪتاب جي مهڪ هر هڪ کي واسي ڇڏيو آهي.
هن ڪتاب ۾ اهو ڀاويو جيڪو هاڻي سرون وجهي پنهنجو پيٽ گذر ڪري ٿو، جڏهن ان سان هن جي ملاقات ٿئي ٿي ته هو پنهنجي فن جا اهي سڀ سامان وڏي شوق سان هن کي ڏيکاري ٿو جنهن جي ياد دل ۾ ڪنهن روشن ديپ جيان جرڪي ٿي. پاڻ اهي ڀوايا ۽ ٻهروپيا گهڻو ڪري هندي فلمن ۾ گاسليٽ جي گرڙي ڪندي باهه جا ڇم ٻاريندي ڏسندا هئاسين يا اهي ٻهروپيا جيڪي شِو جي پوڄا لاءِ عورتاڻو ويس اوڍي ناچ ڪندا هئا انهن سان ملاقات به ڏاڍي خوشگوار هئي.
انهن خانه بدوش بربرن جون مايون جيڪي مردن وانگي جنگيون به وڙهنديون هيون ته سرواڻي به ڪنديون هيون جن جا قد مردن کان وڏا هوندا هئا. انهن عورتن جي چهرن تي ايترا ته ٽيٽو ٺهيل آهن جو انهن کي ڏسي انهن علامتن جي چڱي ريت سڃاڻپ پڻ ٿيندي آهي جنهن ۾ اهي عورتون وڻن کي نقصان نه پهچائڻ کان ڪنواري هجڻ جا اهڃاڻ به پنهنجي بدن تي ٽيٽئن جي روپ ۾ ظاهر ڪنديون آهن.
لوڪ داستان بڻجي ويل رامجي ڪولهي جيڪو ڄم کان ئي ڏوهاري هو پر سندس چوريون ۽ گرفتاريون به ايڏيون ئي مشهور آهن. هن جڏهن نئين ڪوٽ ڀرسان ڪنگوري شاخ تي وڏو ڌاڙو هنيو هو ته ان ۾ هن چيني انجنيئرن سميت ٻٽيهه ماڻهو اغوا ڪيا هئا، جن کي پوليس مقابلي کان بچڻ لاءِ پنڌ کڻي نڪتا هئا. ائين ٿو لڳي ڄڻ رامجي ڪولهي جون اهي وارداتون اکين پيون پسجن. جڏهن رامجي ڪولهي کي پوليس گرفتار ڪندي هئي ته هٿن بدران پيرن ۾ هٿ ڪڙيون هڻندي هئي. ڇو ته سندس ٻانهون به سنهڙيون هونديون هيون.
ڳالهيون ته ان پارو مل ڪولهيءَ جون به ڳائجن ٿيون جيڪو اڏندي پکي کي ٻولائي ڌڪ هڻندو هو، جنهن کي ضياءُالحق به ان ڪري پسند ڪندو هو جو هو هر وقت پنهنجي ثقافتي لباس ۾ هوندو هو. جيڪو نبي سر جي لغارين وٽان سياست جا سبق پڙهي پاڪستان قومي اسيمبليءَ جو پهريون ڪولهي ميمبر بڻيو. حيدرآباد ۾ ٿيل روپلي ڪولهي واري ڪانفرنس ۾ جڏهن هن کي ڪرسي آخر ۾ ڏني وئي ته اتي هن اسٽيج تي ويٺلن سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو مون سان روپلي ڪولهي تي ڳالهائي، سڀ خاموش ٿي ويا ڪنهن اٿي نه وراڻيو ۽ هي پروگرام ڇڏي واپس ٿيو. هن جي جرئت کي داد ڏجي ٿو ته هو نواب جي پٽ کي به منهن تي ٻڌائيندو هو.
ڪتاب ۾ ڪامريڊ اومو مل جو به واه جو قصو آهي. جڏهن اڃان ڀٽي خاندان جا اصلي وارث حال حيات هئا، تڏهن هن ميگهواڙ جي ڳالهھ کي به مان ڏنو ويندو هو. جڏهن هن کٽو مل جي ٽڪيٽ بيگم نصرت ڀٽو کان اهو چئي ورتي ته هن پارٽي ۾ هڪ ٽڪيٽ جي اميد به ناهي مون کي. جنهن تي بيگم نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو کي فون ڪري اها ٽڪيٽ وٺرائي ڏني هئي. ڪامريڊ اومو مل جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي معاونت ته پير غلام رسول شاهه ڪئي هئي پر ڀٽو صاحب پاڻ به هن کي گهڻو ڀائيندو هو. جنهن هڪ ڀيرو هن کي پنهنجي ذات جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ سائيڪل تحفي طور موڪلي هئي.
هر قصو ايڏو ته سهڻي انداز ۾ بيان ڪيل آهي جو ڪتاب پڙهڻ کان رهيو نه ٿو ٿئي. سوچيو آهي ته فقير مقيم ڪنڀار جون ڳالهيون ۽ پويون حصو جهنگ جا ماڻهو تي ضرور لکبو پر جڏهن خالد جا ٻيا ڪتاب به وٺي پڙهبا پوءِ.
هي ڪتاب ڏکڻ سنڌ يا ٿر واري پاسي جو سڄو سفر سهڻي نموني ڪرائي ٿو، جيڪي ڪجهه ٿر جي مسافت ۾ رهجي وڃي ٿو، اهو سمورو درشن هي ڪتاب بخوبي ڪرائي ٿو. تنهنڪري هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ڇو ته پنجويهه سال اڳ جديد مواصلاتي نظام ايڏو رائج ڪونه هو، ان ڪري پراڻي سنڌ سان ملڻ جو سپنو ساڀيان ٿئي ٿو جنهن ۾ هر قدر زنده نظر اچي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button