ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

منهنجا اسڪول ۽ استاد

Editorial-Article- Rauf Nizamani

ماڻهو سڄي عمر سکڻ جي عمل ۾ هوندو آهي. جيئن چوندا آهن ته ما جي هنج کان وٺي قبر تائين اهو عمل جاري رهندو آهي. گھر ۽ پاڙي جو ماحول، ڪتاب ۽ تعليمي ادارا ڪنهن جي شخصيت کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. ان جا مثبت ۽ منفي ٻيئي پاسا هوندا آهن. وقت سان گڏوگڏ ماڻهو ڪن لاڙن ۽ خيالن کي قبول ڪندو ۽ ڪن کي رد ڪندو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ تعليم ڏيندڙ استادن جو اهم ڪردار هوندو آهي. اڳ ۾ ته مائٽ ٻار کي استاد جي حوالي ڪري پاڻ آجا ٿي ويندا هئا ۽ اها استاد جي مرضي هوندي هئي ته هو ٻار سان ڪهڙو به ورتا ڪري.
اسان جي دور ۾ هن وقت جيان اهڙا پرائيويٽ اسڪول نه هوندا هئا جيڪي تجارتي بنياد تي ٻارن کي تعليم ڏين. ان وقت هڪ ته سرڪاري اسڪول هوندا هئا ۽ ٻيا مخير ماڻهن يا مختلف سماجي تنظيمن پاران قائم ڪيل اسڪول هوندا هئا جيڪي معمولي في ۾ شاگردن کي گھڻيون سهولتون ڏيندا هئا.
مٺي در ۾ اسان جي رهائش دوران جيتوڻيڪ مون کي هڪ ٻه ڀيرا ڪاغذي بازار ۾ هڪ اسڪول ۾ موڪليو ويو هو جنهن جي مون کي بس ايتري يادگيري آهي ته ان جي لوهه جي گول ڏاڪڻ هوندي هئي. نوآباد منتقل ٿيڻ کانپو مون باقاعدي اسڪول وڃڻ شروع ڪيو.
اتي اسان جي گھر جي سامهون سرڪاري ڏيپچند ٽي اوجها پرائمري اسڪول هو. اها ڪاٺ جي ٺهيل هوندي هئي. ان سان گڏ هڪ وڏو گرائونڊ هوندو هو جتي ٻار به راند ڪندا هئا ۽ شام جو لياري جي مختلف فٽبال ٽيمن جا ميچ به ٿيندا هئا. هن وقت اها صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. اسڪول ۽ ميدان ڪرن فائونڊيشن نالي هڪ اين جي او جي حوالي ڪيا ويا آهن جتي هاڻي نئين عمارت ۾ اوسي پاسي جا ٻيا گھڻا اسڪول به منتقل ڪيا ويا آهن. چوڌاري هڪ وڏي ديوار ٺاهي ميدان ۾ داخلا بند ڪئي ويئي آهي.
منهنجو گھڻو شوق پڙهائي وغيره ۾ نه هوندو هو. بس دوستن سان راندين ڪرڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي هوندي هئي. جڏهين ته منهنجن مائٽن کي مون کي پڙهائڻ جو وڌيڪ فڪر هوندو هو. اهي زوري مون کي اسڪول موڪليندا هئا. هاڻي آئون سوچيان ٿو ته مون کي لڳي ٿو ته انهن چڱو ڪيو نه ته ٻي صورت ۾ ته آئون ڪنهن ڪم جو نه هجان ها.
ان وقت اسڪول ۾ ٻار تي اڄ جيان پڙهڻ جو دٻا نه هوندو هو ۽ نه ئي پرائمري سطح تي کيس ڪي ڪتاب ۽ ڪاپيون کڻي وڃڻا پوندا هئا. سليٽ ۽ چاڪ هوندو هو. صورتخطي وغيره جي مشق ۽ ان کي سڌارڻ وغيره جي به ڪا پابندي نه هئي. پي ايل 480 تحت ٻارن کي هاف ٽائيم ۾ آمريڪا مان آيل کير پيئاريو ويندو هو ۽ گيهه جا بند دٻا ڏنا ويندا هئا جيڪي اهي گھر کڻي ويندا هئا.
اسڪول ۾ يقينن گھڻا استاد هئا پر مون کي رڳو هڪ استاد ياد آهي. سندس نالو ته الائي ڇا هو پر کيس قاضي صاحب ڪري سڏيندا هئاسين. انتهائي نرم مزاج جو استاد هو. سندس هٿ ۾ ڪڏهين لڪڻ نه ڏٺو. پڙهائڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي اٿڻ ويهڻ ۽ کاڌي پيتي جا طور طريقا ٻڌائيندو هو. مون کي اڃا تائين سندس ٻئي ڪنهن کي پاڻي پيئارڻ جو ٻڌايل طريقو ذهن تي نقش ٿيل آهي. قاضي صاحب اتي پاڙي ۾ رهندو هو. اهي استاد پنهنجن شاگردن جي خبر چار رکندا هئا. منهنجي اسٽيٽ بينڪ ۾ وڃڻ تائين ساڻس رستي پنڌ سلام دعا ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن منهنجي بينڪ جي هڪ دوست ٻڌايو ته قاضي صاحب کيس ٻڌايو هو ته منهنجو به هڪ شاگرد اسٽيٽ بينڪ ۾ ملازم آهي. ڪافي عرصي کان سائين جي ڪا خبر چار ناهي.
هن اسڪول ۾ چار درجا پڙهڻ کانپو پنجين درجي ۾ گھر کان سڏ پنڌ تي حاجي عبدالله هارون اسڪول ۾ داخل ٿيس. هن اسڪول ۾ سنڌي اڙدو ۽ گجراتي ميڊيم هوندي هئي. هڪ لحاظ کان اهو اسڪول هڪ ڪامپليڪس جو حصو هو. ان سان يتيم خانو ۽ ڊسپينسري به هئي. مولوي محمد صادق کڏي واري جو مدرسو ۽ جامع مسجد به ان ڪامپليڪس جو حصو هئا. ان وقت هڪ هوٽل ۽ ڪجھه دوڪان به ان جو حصو هئا. ان جي سامهون ئي عيدگاهه ۽ ڪجھه دوڪان هوندا هئا جن کي ان ڪامپليڪس جي ايڪسٽينشن ڪري ليکي سگھجي ٿو. منهنجي مئٽرڪ ڪرڻ کان اڳ اسڪول سان گڏ ئي هارون ڪاليج قائم ڪيو ويو.
پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت جي دور ۾ تعليمي ادارن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو. ان قدم جو مقصد تعليم کي عام ڪرڻ ۽ ان کي هيٺين طبقن تائين پهچائڻ هو. پر ان سلسلي ۾ مختلف ادارن ۾ فرق ڪرڻ ضروري هو. حاجي عبدالله هارون جي نالي سان جيڪي ادارا هلي رهيا هئا هڪ ته انهن جي تعليم وغيره جو معيار بهتر هو ۽ ٻيو ته انهن جو مقصد نفعو ڪمائڻ نه پر علائقي جي ماڻهن جي ڀلائي هو. انهن ادارن کي پو آيل حڪومت پاران هارون فيملي کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ويئي پر انهن انهن کي واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اسڪول سان گڏ هڪ وڏو گرائونڊ هو جتي روز صبوح جو اسمبلي ٿيندي هئي. پي ٽي جو استاد، جنهن جي مڇين جي اسٽائل جي ڪري کيس ڇوڪرا هٽلر چوندا هئا، ان ڳالهه تي نظر رکندو هو ته ڪير دير سان آيو آهي ۽ اسمبلي ۾ نه پهتو آهي. سندس سزائن جي ڪري اها ڪوشش هوندي هئي ته وقت جي پابندي ڪئي وڃي. ان وقت اسان کي سياسي معاملن وغيره جي گھڻي خبر نه هوندي هئي. اسان جي پاڙي ۾ ئي اسلم عباسي نالي جو هڪ اڳواڻ رهندو هو. ايجيٽيش ۽ مظاهرا وغيره ڪرڻ سندس ڪم هوندو هو. ان وقت شهر ۾ ڪنهن مسئلي تي شايد ڪو احتجاج هلي رهيو هو. صبوح جو اسمبلي هلي رهي هئي ۽ استاد ِ۽ شاگرد بيٺا هئا ته اسلم هڪ پٿر هٿ ۾ کڻي اچي هيڊ ماسٽر جي ڀر ۾ بيٺو ۽ ان کي اسڪول جي موڪل ڪرڻ لا چيائين. ان وقت هيڊ ماسٽر وٽ اهڙي اعلان ڪرڻ کانسوا ٻي ڪا واٽ نه هئي.
خير محمد سومرو اسڪول جو هيڊ ماسٽر هو. الجبرا جي مضمون تي کيس مهارت حاصل هوندي هئي. سندس ان مضمون تي هڪ ڪتاب به لِکيل هو ۽ اها شاگردن کي پڙهائيندو به هو. هو اسان جي پاڙي جي ويجھو رهندو هو. انتهائي شريف ۽ نرم طبيعت جو انسان. سندس هٿ ۾ مون ڪڏهين لڪڻ نه ڏٺو ۽ نه ئي شاگردن کي سزا ڏيندي ڏٺو.
علوي صاحب اسسٽنٽ هيڊ ماسٽر هو. اهڙو ماڻهو جيڪو هميشه آرام سان رهڻ چاهيندو هو ۽ ڪڏهين ڪلاس ۾ به ايندو هو ته نه پاڻ گھڻي تڪليف ڪندو هو ۽ نه ئي شاگردن کي تڪليف ڏيندو هو.
قربان جعفري ڊرائنگ جو استاد هو. هو اسان جي پاڙي ۾ ته رهندو هو پر ذاتي طور به اسان جي خاندان جي گھڻو ويجھو هو ۽ اسان کيس ماما چوندا هئاسين. هو ڪڏهين ڪڏهين مون کي پنهنجي گھر ماني کڻي اچڻ لا به موڪليندو هو. پر ڊرائنگ اهڙو مضمون هو جنهن ۾ منهنجي ڪا گھڻي دلچسپي نه هوندي هئي.
ابراهيم لاسي نالي هڪ استاد هوندو هو. مون کي ياد ناهي ته هو ڪهڙو مضمون پڙهائيندو هو. پر سندس تاثر هڪ دهشت وارو هو. هڪ ڏنڊو سدائين سندس هٿ ۾ هوندو هو. اها ڌار ڳالهه آهي ته اهو ڏنڊو مون کيس ڪنهن کي هڻندي نه ڏٺو. سندس هڪ ڀا محمد موسا منهنجو ڪلاس فيلو هوندو هو ۽ سدائين پنهنجي ڀا کان هيسيل هوندو هو. ابراهيم لاسي اسان جي ويجھي دوست ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪن رحمان خاصخيلي مرحوم جو مامو هو. هو پو پوليس ۾ هليو ويو جيڪا آئون سمجھان ٿو ته سندس لا مناسب جا هئي. هڪ ٻيو استاد، جنهن جو نالو مون کي وسري ويو آهي، گھڻو عرصو اسڪول مان غيرحاضر رهيو. سندس متعلق اها ڳالهه مشهور هئي ته هن پنهنجي زال کي قتل ڪيو هو. پو هو اسڪول ته موٽي آيو پر اها خبر نه پئجي سگھي ۽ ان ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي هئي.
ماستر وهاب حساب ۽ ٻيا مضمون پڙهائيندو هو. هي انتهائي اذيت پسند ۽ ٻارن کي مار ڏيڻ کانسوا انهن کي مختلف ٻين ڪلاسن ۾ وٺي اتان جي ٻارن کان بيعزت ڪرائيندو هو. نفسياتي طور ان جا نهايت گهرا اثر ٿيندا هئا جيڪي شايد پوري زندگي لا هجن ٿا. حساب جي مضمون ۾ ڪمزور هئڻ جي ڪري آئون ان جي اذيت ناڪ ورتا جو شڪار رهيس. آئون ان کي استاد چوڻ به نه چاهيندو آهيان. جڏهين به سندس خيال منهنجي ذهن ۾ ايندو آهي ته هڪ نفرت ۽ ڪروڌ اچي ويندي آهي جيڪا ڪنهن به ٻئي استاد لا ناهي هوندي.
سائين عبدالرزاق ڀنڊ سنڌي جو استاد هوندو هو. کيس پنهنجي صورتخظي جي سٺي ۽ سهڻي هئڻ جو ڪريز هوندو هو. گھڻا ڇوڪرا کيس خوش ڪرڻ يا مذاق ڪرڻ لا سندس بليڪ بورڊ تي لکيل اکرن لا چوندا هئا ته اهي هيرا موتي آهن اسان کي ڏيو ته گھر کڻي وڃون. هڪ ڀيري ائين ٿيو ته سائين ڪلاس پي ورتي ته هڪ شاگرد ٿوري دير سان پهتو ۽ سائين کان انگريزي ۾ ڪلاس ۾ اچڻ جي اجازت گھري. سائين صفا ڪاوڙجي ويو ته هڪ ته دير سان آيو آهين ۽ ٻيو وري انگريزي ٿو ڳالهائين. سائين ڪلاس مان ان جي پويان ڊوڙندو ان کي ٻاهر ڇڏي آيو.
سائين تاج سمون نهايت ئي حليم ۽ نرم طبيعت جو ماڻهو هوندو هو. سندس علم ۽ ادب سان واسطو هوندو هو. اديون رسالي جون ڪاپيون ڪلاس ۾ کڻي ايندو هو. ان وقت رسالي جي قيمت اٺ آنا هئي. هو شاگردن کي رسالي وٺڻ ۽ پڙهڻ لا همٿائيندو هو. گھڻو عرصو پو جڏهين آئون يونيورسٽي ۾ هوس ته مون کي هارون ڪاليج پاران ٿيندڙ لطيف ڊي جي موقعي تي مليو هو ۽ يونيورسٽي جي سرگرمين جي حوالي سان هلال پاڪستان ۾ منهنجن مضمونن کي ساراهيندي پٺي ٺپي ان ڪم کي جاري رکڻ لا چيائين. سائين سان ڪا ٽريجڊي ٿي ويئي ۽ هو اوچتو غائب ٿي ويو ۽ پو سندس ڪو ڏس پتو نه ملي سگھيو.
مئٽرڪ تائين آئون ان اسڪول ۾ رهيس ۽ گڏيل سڏيل يادون کڻي نڪتس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button