موسم جي مٽجڻ مهل هڪ زلزلو اسلام آباد کان وٺي خيبرپختون خوا جي پهاڙن ۽ پنجاب جي ميدانن کي لوڏي ويو آهي. اهو زلزلو ان مهل آيو آهي، جنهن مهل اسان جي اکين آڏو ترڪيءَ ۾ تباهيءَ جي هڪ تاريخ رقم ڪندڙ ڀونچال آيو. اسان هن ڀيري اهو زلزلو پنهنجين سمورين تباهين سميت ان ڪري ويجهو کان ڏٺو جو هاڻي سوشل ميڊيا سيڪنڊن ۾ ملڪن جا ملڪ لتاڙي ماڻهن تائين معلومات ۽ منظر پهچائي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ترڪيءَ وارو زلزلو تمام گهڻي تباهيءَ وارو هو. جڏهن ته گذريل رات دير سان پاڪستان ۾ جيڪو زلزلو آيو، ان ۾ شدت ته تمام گهڻي هئي پر شڪر آهي ته اهو زلزلو گهٽ نقصان جو باعث بڻيو آهي. جڏهن ته اسلام آباد ۽ پشاور ۾ رهندڙ ماڻهن کي محسوس ٿيو ته هن ڀيري آڪٽوبر واري زلزلي جي تاريخ ورجائبي. مني منٽ جا لوڏا ان تباهيءَ ۽ برباديءَ جو باعث نه بڻيا، جنهن تباهيءَ کي هي ملڪ اڳ ۾ ڏسي چڪو آهي.
پاڪستان هن وقت پنهنجي معاشي صورتحال سبب بدترين مهانگائيءَ جي مصيبت ۾ ڦاٿل اهو ملڪ آهي، جنهن جو عوام هر ڏينهن عذاب برداشت ڪري رهيو آهي. هڪ طرف اقتصادي بحران ۽ ٻي طرف سياسي بحران جي موجودگيءَ ۾ جيڪڏهن خدا نه ڪري اهو زلزلو وڌيڪ نقصان جو باعث بڻجي ها ته هن ملڪ ۽ ان ۾ رهندڙ انسانن جو ڇا ٿئي ها؟ اسان ته ان سوال تي سوچي به نه ٿا سگهون. ڇو ته اسان جي ملڪ جا خزانا خالي آهن. اسان جا حڪمران آءِ ايم ايف جي در تي سوالي آهن. تازو جيڪا ٻوڏ آئي ۽ ان کان پوءِ جنهن طرح سان ڊالرن واري امداد جي برسات جو جيڪو به اعلان ٿيو، اهو هن مهل تائين اعلان جي حد تائين موجود آهي. ان مان ثابت ٿيو ته ملڪ جي حڪمرانن اهڙو ته تاثر پيدا ڪيو آهي جو هاڻي قدرتي آفتن جي صورت ۾ به عالمي برادري مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان حوالي سان اسان وٽ پاڻ تي ڀاڙڻ کان سواءِ ٻي ڪا راهه به نه رهي آهي. پر پاڻ تي ڀاڙڻ لاءِ به جيڪو ڪجهه گهرجي، اهو اسان وٽ بنهه ڪونهي.
هن وقت هيءَ دنيا ماحولياتي تبديلين سبب تباهين جي ور چڙهيل چئي وڃي ٿي. اسان جي حالت اها آهي ته اسان وٽ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ اسپتالن ۾ نالي ماتر به ميڊيڪل جي مدد موجود ڪونهي. اسان جي انتظاميا ڌماڪن يا قدرتي آفتن جي صورت ۾ صرف ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪندي آهي. پر صرف اعلان سان ڇا ٿي سگهي ٿو؟ ڇا اعلان سان دوائون اينديون؟ ڇا اعلان سان تربيت يافتا عملو پهچي ويندو؟ هتي صحت کاتي ۾ ڪرپشن جو اهو حال آهي ته هڪ سينئر ڊاڪٽر کي پنهنجو جائز مطالبو مڃرائڻ جي لاءِ خودڪشيءَ جهڙو خطرناڪ قدم کڻڻو پوي ٿو. ان حالت ۾ هي کاتو متاثر ماڻهن جي مدد ڪندو؟
دنيا پاڪستان جي ماضيءَ جهڙي مدد نه ٿي ڪري ته ان جا بنيادي طور تي ٽي سبب آهن. هڪ ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياست واري ساڳي اهميت باقي نه بچي آهي. ٻيو ته پاڪستان ۾ حڪمرانن جهڙي ريت اکيون پوري عالمي امداد جو مال کاڌو آهي، انهن جي ڪڌي ڪرپشن سبب عالمي برادري پاڪستان سان ڏکي مهل به مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار نه ٿي ٿئي ۽ ٽيون ڪارڻ اهو به آهي ته هن وقت عالمي سطح تي دنيا جا اڪثر ملڪ پاڻ معاشي مصيبتن جي ور چڙهيل آهن. ان ڪري هو ٻين ملڪن جي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجيون مجبوريون بيان ڪرڻ لڳن ٿا. جڏهن عالمي بحران اوج تي هجي ۽ جڏهن اسان جو ملڪ پنهنجي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي بحران برداشت ڪندو هجي ته ان مهل قدرتي آفت جي آهٽ به اسان جي لونءَ ڪانڊارڻ لاءِ ڪافي آهي.
انسان جي سڀ کان بري عادت اها آهي ته هو سدائين پوري ڪائنات کي صرف ۽ صرف پنهنجي حوالي سان ڏسندو آهي. جڏهن ته هيءَ ڪائنات ۽ هن ڪائنات ۾ موجود هيءَ ڌرتي صرف انسانن جي ملڪيت ناهي. هن ڌرتيءَ تي هر جيو جو ايتروئي حق آهي، جيترو انسان جو! پر انسان پنهنجي عقل جي ذريعي پوري ڌرتيءَ تي رهندڙ هر قسم جي ساهوارن تي زندگيءَ جو دائرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي. صرف ۽ صرف انسانن جي ڪري تمام گهڻا ساهوارا اهڙا آهن، جيڪي ڪڏهن هئا ۽ ڀرپور انگ ۾ هئا ۽ اڄ انهن جو وجود باقي به بچيو آهي.
عظيم جرمن فلاسافر هيگل لکيو آهي ته ”انسان هن ڌرتيءَ جو ڌنار آهي“ هن جي دور ۾ انسان اڃان تائين اهو ڪردار ادا نه ڪيو هو، جنهن جي ڪري پوري ڌرتي خطري ۾ اچي وڃي. پر هن وقت انسان ڌرتيءَ جو جيڪو حشر نشر ڪيو آهي، ان جي حالت کي ڏسي محسوس ٿي رهيو آهي ته انسان ڌرتيءَ جو ڌنار نه پر ڪاسائي آهي. جڏهن ڌنار ڌڻ جو ڌيان رکڻ بدران ان جو ڪاسائي بڻجي وڃي ته پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ممڪن ٿي سگهي ٿو؟
سائنس ان سلسلي ۾ ثبوت فراهم ڪري رهي آهي ته هن وقت ڌرتيءَ تي جهڙي طرح ماحول زندگيءَ جو ساٿ ڏيڻ بدران ان جو مخالف بڻجي رهيو آهي ته ان جو ڪارڻ قدرتي يا فطري ناهي. ان جو سبب پاڻ انسان آهي. انسان هن ڌرتيءَ کي پنهنجي خصيص مفادن جي ڪري اهڙي حال تائين پهچايو آهي جو ڌرتيءَ جي پنهنجي جياپي کي خطرا درپيش اچي ويا آهن ۽ انسانن جي حالت اها آهي ته هڪ خوشنصيب ۽ خوبصورت سياري جو ٻيڙو ٻوڙي هاڻي ٻين سيارن جي تلاش ۾ آهي ته انهن جو سر کڻي.
سائنس جو سفر تمام گهڻي غلط رخ ۾ ٿيو آهي. سائنس جياپي جون راهون روشن ڪرڻ بدران موت جو ميدان تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. ان ڪري هر طرف سائنس سبب ڪلور نظر اچي رهيا آهن ۽ اسان ان جو ڏوهه صرف سائنسدانن کي ڏيڻ سان ڪنهن به قسم جي انصاف جو مظاهرو نه ڪنداسين. اها حقيقت آهي ته سائنسدان به ان ڏوهه جا ڏوهاري آهن پر اصل مجرم اهي سرمائيدار آهن، جن پنهنجي حرص جي ڪري ڌرتيءَ جي گولي کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي. سائنسدانن جو قصور اهو آهي ته انهن ڌرتيءَ جي دشمن سرمائيدار طبقي سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي. جيڪڏهن سائنسدان انهن سرمائيدارن جو ساٿ نه ڏين ها ته اڄ ڌرتي هن حال کي نه پهچي ها جو هاڻي ڌرتيءَ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي ۽ گلوبل وارمنگ (Global Warming) هڪ اهڙي حقيقت بڻجي وئي آهي، جنهن مان سمورا ملڪ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان متاثر ٿي رهيا آهن. گرمي پد وڌڻ سبب موسمن جا مزاج تبديل ٿي ويا آهن. جن ملڪن ۾ جن مندن جي دوران برساتون پونديون هيون، انهن جون نديون سڪي رهيون آهن ۽ هڪڙا ملڪ برساتي ٻوڏن ۾ ٻڏي رهيا آهن. سائنسدانن کي هر ڏينهن پنهنجي اها تشويش شديد طرح سان پيش ڪرڻي ٿي پوي ته گليشيئر ڳري رهيا آهن ۽ اها برف پگهرجي رهي آهي، جيڪا اربن سالن کان وٺي سانڍيل هئي. ڌرتيءَ جو اهو حال صرف ان جي مٿاڇري نه ٿيو آهي پر سامونڊن کي پاليوٽ ڪندڙ ۽ جرن جي پاڻيءَ کي پيئڻ لائق نه ڇڏڻ وارين حرڪتن هن ڌرتيءَ جي گولي لاءِ گهڻ طرفا خطرا کولي ڇڏيا آهن.
ڌرتيءَ تي جبلن جي ڪٽائي هڪ وڏو جرم آهي. پر اهو بنا روڪ ٽوڪ جي جاري آهي. ان کان سواءِ معدنيات ۽ خاص طور تي تيل جي تلاش ۾ جهڙي طرح ڌرتيءَ کي کوکلو ڪيو پيو وڃي، ان سان ڌرتيءَ جون داخلي پليٽون پاڻ ۾ رڳڙجن ٿيون ۽ ان جي نتيجي ۾ زلزلا ظهور پذير ٿين ٿا. اهو ضروري ناهي ته جنهن جاءِ تي تيل ۽ گيس ڪڍيا وڃن، زلزلا اتي ئي اچن. هن ڌرتيءَ جو هڪ ئي وجود آهي. ٻاهرين سطح تي ڀلي ملڪن جون سرحدون الڳ الڳ هجن پر اندورني طرح سان هيءَ ڌرتي هڪ يونٽ آهي ۽ پاڻ ۾ ڳنڍي پئي آهي. ڌرتيءَ جي اهڙي جوڙجڪ سبب ڪنهن جاءِ تي ڪو نقصان ٿئي ٿو ته ان جو اثر ٻئي جاءِ ۽ ڪنهن ملڪ ۾ نظر اچي ٿو. اهڙي ريت هڪ هنڌ ٿيندڙ ڏوهه جا نقصان ٻي هنڌ پون ٿا. اهوئي سبب آهي ته هن مهل اسان جنهن ماحوليات جي باري ۾ ٻڌون ۽ پڙهون ٿا، ان جو دائرو صرف ڪجهه ملڪن تائين محدود ناهي. جيڪڏهن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ شعور جي ڪميءَ سبب گدلاڻ ٿيندي ته ان جا اثر يورپ ۽ آمريڪا تائين پوندا. اهو ئي سبب آهي ته هن ڀيري ساوڻ ۾ لنڊن جي ليجنڊ ندي ٽيمس ۾ پاڻيءَ جي سطح ايتري ته هيٺ هلي وئي جو اهي پٿر پرگهٽ ٿي پيا، جن تي لکيل هو ته ”جڏهن به اوهان جي اکين آڏو هيءَ تحرير ايندي ته سمجهي وڃجو ته اهو دور انسانن جي لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي“ هن دور ۾ ڌرتيءَ کي درپيش خطرن جو جيڪو درد آهي، ان جو ماپو ڪرڻ به مشڪل آهي.
پاڪستان ۾ جيڪي زلزلي جا لوڏا آيا آهن، اهي اسان کي موت جي پينگهي ۾ لوڏڻ نه آيا پر اسان کي ان گهري ننڊ مان ضرور جاڳائڻ آيا ته اسان پنهنجي ماحول جو تحفظ ڪريون ۽ اهو ڪجهه نه ڪريون، جنهن جي ڪري زلزلا اچڻ اڻٽر ٿي وڃن ٿا. ڪجهه ڌريون اهو دليل به پيش ڪن ٿيون ته زلزلا صرف موجوده دور ۾ نه ٿا اچن پر اهي ان وقت به ايندا هئا، جڏهن سائنس جي مدد سان سرمائيدارن ڌرتي ۽ فطري ماحول کي نه بگاڙيو هو. اهو سچ آهي ته زلزلا اڳ به ايندا هئا پر اڳ ۾ ايندڙ زلزلن جا سبب ٻيا هئا. جڏهن ته هاڻي جيڪي به زلزلا اچن ٿا، ان جا سبب الڳ آهن. هن وقت ڌرتيءَ جي فطري توازن ۾ جيڪا غلط قسم جي تبديلي آندي وئي آهي، ان جي ڪري ماحولياتي خطرا پيدا ٿي پيا آهن ۽ انهن خطرن جا نتيجا صرف ڌرتيءَ جي مٿان نظر نه ٿا اچن پر ان جي منفي اثرن کي اسان ڌرتيءَ جي اندران به محسوس ڪري سگهون ٿا. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته هن دور ۾ ايندڙ ٻوڏون ۽ زلزلا اسان جي انهن ڪرمن جو ڦل آهن، جن سان اسان ڌرتيءَ جي توازن کي تباهه ڪيو آهي ۽ ماحولياتي برباديءَ ٻي ڪنهن به جيو جو نه پر سرمائيدار طبقي جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي ڪردار آهي.