دنيا جا مختلف ملڪ پنهنجي ثقافت ۽ سماجي رهڻي ڪهڻيءَ کي ٻين ملڪن تائين پهچائڻ ۽ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪئين پروگرام ترتيب ڏيندا آهن ته جيئن عوام هڪٻئي جي ذهني صلاحيتن، مسئلن ۽ چڱائين کان واقف ٿي سگهي. اهي شيون هڪ پاسي ته لکت ۾ موجود آهن ته ٻئي پاسي انهن جو مشاهدو اتي وڃي ڪري سگهجي ٿو. سفر وسيلي ماڻهو گهڻو سکي ٿو ۽ جڏهن ماڻهو ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن جو ويجهي کان مشاهدو ڪري ٿو ته انهن کي سمجهڻ وڌيڪ سولو ٿي ويندو آهي.
انهيءَ جو هڪ طريقو ته پنهنجو پاڻ سفر لاءِ نڪري وڃڻ ۽ گهمڻ آهي ۽ ٻيو طريقو ڪنهن اداري جي معرفت ڪنهن به ملڪ ۾ پهچي اتان جو واءُ سواءُ وٺڻ هوندو آهي. جيڪڏهن اهڙو موقعو ڪنهن کي ملي ٿو ته ان کي وڃائڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا پروگرام اسان کي گهڻو ڪجهه سيکارين ٿا ۽ انهن پروگرامن وسيلي اسين خيالن جي ڏي وٺ ڪري گهڻو ڪجهه پرڏيهين کي ٻڌائي سگهون ٿا ۽ انهن کان گهڻو ڪجهه ٻڌي ۽ سمجهي پڻ سگهون ٿا. آمريڪا پاران اهڙو ئي هڪ پروگرام، انٽرنيشنل وزيٽرس ليڊرشپ پروگرام (آءِ وي ايل پي) اڄ کان لڳ ڀڳ 80 سال اڳ شروع ڪيو ويو هو. جنهن ۾ مختلف شعبن جي ماڻهن کي هر سال آمريڪا جو دورو ڪرايو ويندو آهي ته جيئن اهي آمريڪا ۾ موجود مسئلن ۽ اتان جي ماڻهن جي خيالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهن. تازو ئي سنڌي ميڊيا جي هڪ وفد سان آمريڪا جي ان ساڳي پروگرام ۾ آئون به شامل هئس. ان وفد ۾ ڏهه صحافي (پنج عورتون ۽ پنج مرد) شامل هئاسين. جن کي آمريڪا جي چئن رياستن جو سير ڪرايو ويو. جتي لڳ ڀڳ 25 سيشن ٿيا. ميڊيا سان لاڳاپيل ادارن جا دورا ڪرايا ويا ۽ ان کان سواءِ ميڊيا جي ماهرن سان ملاقاتون پڻ ڪرايون ويون. هي پروگرام رڳو صحافين تائين محدود ڪونهي پر ان کان سواءِ انساني حقن، سماجي ورڪرن ۽ ٻين سرڪاري عهديدارن لاءِ به هي پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي.
ٻي عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا کي اها ضرورت محسوس ٿي ته ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهڙو ڪجي جو آمريڪي ادارن ۽ سماج جي باري ۾ ماڻهن جي هڪ بهتر راءِ جڙي سگهي. جنگيون جيئن ته تباهيءَ جو ڪارڻ ٿينديون آهن ۽ ان کان پوءِ جيڪي خيال يا خدشا انسانن جي ذهن جنم وٺن ٿا، انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ دنيا جي ملڪن سان هم آهنگي لازمي ٿي پئي هئي. تنهنڪري آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ ان پروگرام کي ترتيب ڏنو هو. جنهن جي شروعاتي شڪل ڪجهه هن ريت هئي.
1940ع ۾ نيلسن روڪفيلر جو نالو ڪوآرڊينيٽر آف ڪمرشل اينڊ ڪلچرل افيئرس لاءِ ڏنو ويو. هن لاطيني آمريڪا جي ماڻهن سان ان پروگرام جي شروعات ڪئي. شروع ۾ 130 لاطيني صحافين کي آمريڪا لاءِ دعوت ڏني وئي.
ان کان پوءِ 1942ع ۾ ننڍي سطح 14 نجي ٽرانسميٽر شارٽ ويو تي نئين ريڊيو سروس جنهن کي وائيس آمريڪا جو نالو ويو، اها شروع ڪئي وئي. 1942ع ۾آفيس آف وار انفارميشن جوڙي وئي ته جيئن گهرو ۽ پرڏيهي ڄاڻ کي گڏ ڪري سگهجي. 1947ع ۾ ان جو نالو مٽائي انٽرنيشنل انفارميشن اينڊ ايجوڪيشنل ايڪسچينج رکيو ويو.
1948ع ۾ چونڊيل نمائندي ڪارل اي منڊ ۽ سينيٽر ايڇ اليگزينڊر سمٿ ڪانگريس ۾ هڪ بل پيش ڪيو. جنهن کي Smith-Mundt Act جو نالو ڏنو ويو. جنهن وسيلي پهريون ڀيرو قانوني طور هڪ انفارميشن ايجنسي جوڙي وئي، جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ هو. ان ايڪٽ وسيلي تعليمي ۽ ثقافتي ڏي وٺ کي آمريڪين ۽ پرڏيهين وچ ۾ اهميت کي هٿي ڏني وئي. ان ڪري اڳيان هلي انٽرنيشنل وزيٽرس پروگرام شروع ڪيو ويو.
1978ع ۾ يونائيٽڊ اسٽيٽس انفارميشن ايجنسيءَ جو نالو مٽائي ان کي يونائيٽڊ اسٽيٽس انٽرنيشنل ڪميونيڪيشن ايجنسي قرار ڏنو ويو، جنهن جي ذميواري عوامي سفارتڪاريءَ جون ذميواريون نڀائڻ هو. پر 1982ع ۾ صدر ريگن جي انتظاميه هڪ ڀيرو وري ايجنسي جو نالو بحال ڪندي ان کي يونائيٽڊ اسٽيٽس انفارميشن ايجنسي ڪري ڇڏيو.
جڏهن ته 2004ع ۾ ۾ انٽرنيشنل وزيٽرس پروگرام جو نالو مٽائي ان کي انٽرنيشنل وزيٽرس ليڊرشپ پروگرام ڪيو ويو. آڪٽوبر 2003ع کان سيپٽمبر 2004ع تائين ان پرگرام وسيلي 4500 کان مٿي ماڻهو ان پروگرام جو حصو ٿي چڪا هئا.
هي پروگرام مختصر دوري جو هوندو آهي، جنهن ۾ ٽن هفتن لاءِ گهمائڻ ڦرائڻ ۽ ادارن سان ڳالهه ٻولهه جو سلسلو هوندو آهي. جيڪڏهن پاڪستان مان ويندڙ ڪو وفد صحافين جو آهي ته ان لاءِ صحافت سان لاڳاپيل ادارن ۾ سيشن رکيا ويندا آهن. مختلف چينلن، اخبارن يا ڊجيٽل ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ پيشيور صحافين جا سيشن رکيا ويندا آهن ته جيئن دوري تي ايندڙ صحافي آمريڪا جي صحافت ۽ اتان جي ماحول کي بهتر نموني سمجهي سگهن. اهي پاڪستان ۾ ٿيندڙ صحافت بابت ڳالهائي سگهن ته جيئن ٻنهي ملڪن ۾ ٿيندڙ صحافت جي فرق جي خبر پئجي سگهي. جيئن ته اسان جو پروگرام رڳو سنڌي ميڊيا سان واڳيل هو، ان ڪري اسان جي وفد نه رڳو سنڌي صحافت بابت ان جي مزاحمتي ڪردار بابت ڳالهيون ڪيون پر اهو پڻ ٻڌايو ته اها پنهنجي مزاج ۾ سيڪيولر ۽ روادار پڻ آهي. ان کان سواءِ سنڌي ميڊيا ۾ جيڪي صحافي ڪم ڪري رهيا آهن، اهي ڪهڙين ڏکين حالت ۾ ڪم ڪن ٿا يا وري انهن کي ڪهڙن ڪهڙن دٻائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيئن ته اسان جي صحافت ايتري آزاد ناهي، ان ڪري اتان جي صحافين اهو سمجهيو پئي ته اسين وڌيڪ دٻاءُ ۾ ڪم ڪريون ٿا. مختلف نوعيتن جا ڪيترائي پريشر سنڌي صحافين کي برداشت ڪرڻا پون ٿا ۽ اهي ڪهڙن ڪهڙن خطرن کي منهن ڏيندا رهندا آهن.
آمريڪا ۾ موجود صحافتي ادارا وڌيڪ آزاد ۽ خودمختيار نظر اچن ٿا. اهي حڪومت تي ڪونه ٿا ڀاڙين، ان ڪري انهن کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ کان ڪير روڪي نٿو سگهي. ٻيو ته ان سماج جا مسئلا اسان جي ابتڙ آهن. اتي گٽر کولائڻ يا پاڻيءَ جي کوٽ خلاف مظاهرو ڪونه ٿو ڪرڻو پوي. انهن جا معاملا ئي ڪجهه ٻيا آهن. جيئن اتي ايندڙ پناهيگرن جا مسئلا آهن، انهن مسئلن کي مقامي سطح تي وڌيڪ اهم سمجهيو وڃي ٿو ۽ جيڪا مين اسٽريم ميڊيا آهي، ان تي به اهڙن مسئلن کي اٿاريو وڃي ٿو ته جيئن انهن جا حل ڳوليا وڃن.
اهڙي ريت هن پروگرام وسيلي سنڌي صحافين کي جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۽ مسئلن جي نوعيت کي سمجهڻ جو موقعو ڏنو ويو هو، ان مان لڳي رهيو هو ته جيڪي مسئلا اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ويهي آمريڪا ۾ نظر اچن ٿا، اهي اتي وڃي وڌيڪ چٽا ٿي وڃن ٿا. ڪئين اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي خبر اتي وڃي پوي ٿي. تنهنڪري هي ايڪسچينج پروگرام مختلف شعبن سان لاڳاپيل پيشيور ماڻهن لاءِ گهڻو ئي ڪارائتو ثابت ٿئي، ڇاڪاڻ ته آخر ۾ وري به اهم سوال اهو ڪيو ويندو آهي ته توهان جيڪي ڪجهه هتي سکيو آهي، ان جو اثر ڪهڙو پيو ۽ ان کي هتان وڃڻ کان پوءِ عملي طور اوهين ڪيئن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ لاڳو ڪري سگهو ٿا.